ويلا ٽار موسم ۽ سياسي گهوڙن جي اجهوڪي ڊوڙ تلخ تجزيو: معصوم اليڪشن ويجهو ايندي ئي سنڌ ۾ ڀوتارن جي اوطاقن تي ماڻهن جا هشام اچي ڪٺي ٿيا آهن ،سياسي جماعتن ۽ آزاد اميدوارن جا فارم ڀرڻ بعد سياسي چرپر ۽ چوٻول عام جام ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ صوبائي توڙي قومي سيٽن تي اميدوارن پنهنجا چونڊ فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن ،عدالتي ڇنڊ ڇاڻ بعد ڪهڙا ۽ ڪيترا اميدوار اليڪشن جو حصو بڻجندا، اهو به خيرن سان ڪجهه ڏينهن ۾ وائکو ٿيندو پر اليڪشن کان اڳ ئي مختلف وڏيرن جي اوطاقن توڙي سياسي ڪئمپن تي ساڳيا چهرا ويلا ٽارڻ لڳا آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ جڙيل 10 جماعتي اتحاد جي 7 اپريل تي سيٽن جي ورهاست ۽ رٽرننگ آفيسن مان فارمن جي بحالي کان پوءِ ئي سياسي گهوڙا ميدان تي ڊوڙندا، جنهن بعد اليڪشن ۾ ڪنهن جو مقابلو ڪنهن سان ۽ ڪير سوڀ ماڻيندو جون حقيقتون ظاهر ٿينديون، هوڏانهن پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومتي دور ۾ ٻٽو مڪاني نظام رائج ڪرڻ ڌارين جي آبادڪاري،مهانگائي ،پنهنجا نوازي، رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن،سرڪاري ملڪيتون وڪڻڻ کان وٺي ٻيٽن جو وڪرو سياسي ڦاهو ثابت ٿيندو جنهن ڪري ۽ هن اليڪشن ۾ پ پ اميدوارن جا منهن ڀت سان لڳندا