• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويلا ٽار موسم ۽ سياسي گهوڙن جي اجهوڪي ڊوڙ

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
ويلا ٽار موسم ۽ سياسي گهوڙن جي اجهوڪي ڊوڙ
تلخ تجزيو: معصوم
اليڪشن ويجهو ايندي ئي سنڌ ۾ ڀوتارن جي اوطاقن تي ماڻهن جا هشام اچي ڪٺي ٿيا آهن ،سياسي جماعتن ۽ آزاد اميدوارن جا فارم ڀرڻ بعد سياسي چرپر ۽ چوٻول عام جام ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ صوبائي توڙي قومي سيٽن تي اميدوارن پنهنجا چونڊ فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن ،عدالتي ڇنڊ ڇاڻ بعد ڪهڙا ۽ ڪيترا اميدوار اليڪشن جو حصو بڻجندا، اهو به خيرن سان ڪجهه ڏينهن ۾ وائکو ٿيندو پر اليڪشن کان اڳ ئي مختلف وڏيرن جي اوطاقن توڙي سياسي ڪئمپن تي ساڳيا چهرا ويلا ٽارڻ لڳا آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ جڙيل 10 جماعتي اتحاد جي 7 اپريل تي سيٽن جي ورهاست ۽ رٽرننگ آفيسن مان فارمن جي بحالي کان پوءِ ئي سياسي گهوڙا ميدان تي ڊوڙندا، جنهن بعد اليڪشن ۾ ڪنهن جو مقابلو ڪنهن سان ۽ ڪير سوڀ ماڻيندو جون حقيقتون ظاهر ٿينديون، هوڏانهن پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومتي دور ۾ ٻٽو مڪاني نظام رائج ڪرڻ ڌارين جي آبادڪاري،مهانگائي ،پنهنجا نوازي، رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن،سرڪاري ملڪيتون وڪڻڻ کان وٺي ٻيٽن جو وڪرو سياسي ڦاهو ثابت ٿيندو جنهن ڪري ۽ هن اليڪشن ۾ پ پ اميدوارن جا منهن ڀت سان لڳندا
 
Back
Top