• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 5 اپريل تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 5 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
5 اپريل 1860ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا غلام احمد ملڪاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 اپريل 1905ع فريڊم فائيٽر ڪرپال شرما (ڪوٽڙي / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1925ع ليکڪ ابن الياس سومرو (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1931ع شاعر احمد خان مدهوش جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 اپريل 1932ع اسڪالر محمد اشرف منصور دائودپوٽو (ٽلٽي) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1932ع تعليمدان پروفيسر امينا هاليپوٽو (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 اپريل 1937ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر نند هندوجا (لاڙڪاڻو / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1943ع ليکڪ امين الله علوي (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 اپريل 1944ع شاعر ساجد لالپوري (جهانپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 اپريل 1953ع شاعر محمد خان مصروف مينڌرو جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1961ع شاعر عاجز سرگاڻي (صوبدار سرگاڻي) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1965ع صحافي نادر بلوچ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1965ع ليکڪ مبين وساڻ (ڪنڊياري) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1978ع ليکڪ شبير لغاري (شير لغاري) جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1984ع ليکڪ مشتاق رند (مير رند) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1987ع شاعر وفا خميسو ڪنڀر (جهڏو) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

5 اپريل 1838ع مولانا عبدالحڪيم ڪنڊي وارو انتقال ڪري ويو.
5 اپريل 1885ع محقق ۽ شاهه لطيف جي رسالي جي پارکو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جو لاڏاڻو ٿيو.
5 اپريل 1931ع مولانا محمد قاسم (ڳڙهي ياسين) جو انتقال ٿيو.
5 اپريل 1954ع ڊراما نگار خانچند درياڻي جي ديهانت ٿي.
5 اپريل 1987ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير مير علي احمد خان ٽالپر جو انتقال ٿيو.
5 اپريل 1993ع باليووڊ جي خوبصورت اداڪاره ديويا ڀارتي جو پراسرار موت ٿيو.
5 اپريل 1994ع مشهور قوال غلام فريد صابري دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
5 اپريل 2017ع سياسي، ادبي۽ سماجي شخصيت ڪامريڊ امير بخش شر لاڏاڻو ڪري ويو.

حوالہ:
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
سنڌ سلامت​
 
ميرعلي احمد خان ٽالپر جي ياد ۾
اسان پنهنجي بزرگ ۽ قابل احترام شخصيت الحاج مير علي احمد خان ٽالپر مرحوم کي سندن وفات واري ڏينهن تي نهايت ادب سان خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا۔ دعا آهي ته الله پاڪ سندن مرقد تي بيحد رحمتون جاري رکي ، درجات بلند فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ مقام اعلى عطا فرمائي ۽ سندن جمله خاندان کي شاد و آباد ۽ سدائين ڀلائي ۽ نيڪ نامي سان رکي۔ ( آمين )
2gvrp8y.jpg
 
5 اپريل
اسان پنهنجي بزرگ ۽ قابل احترام شخصيت قبله الحاج مير علي احمد خان ٽالپر مرحوم کي سندن وفات واري ڏينهن تي نهايت ادب سان خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا۔ دعا آهي ته الله پاڪ سندن مرقد تي بيحد رحمتون جاري رکي ، درجات بلند فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ مقام اعلى عطا فرمائي ۽ سندن جمله خاندان کي شاد و آباد ۽ سدائين ڀلائي ۽ نيڪ نامي سان رکي۔ ( آمين ثم آمين )
 
Back
Top