اسڪرين پليز (ڊراما) ۽ اُن جو (تَتُ) يعني ون لائين

'مختلف موضوع' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2009۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اسڪرين لانگ پلي، ٽيلي فلم يا فائيو ڊيز​

    نڀاڳي
    [/B
    تحرير، مُڪالما ۽ منظر ڪشي : عبدالرزاق ميمڻ​

    ون لائين (تَتُ)

    مُتوسط طبقي سان وسطو رکندڙ ظفر جي، ننڍي ڀاءُ اظهر جو، آمريڪه کان موٽندي شاهراه فيصل تي روڊ ايڪسيڊنٽ ٿي پوي ٿو جنهن ۾ پاڻ ۽ سندس زال مري وڃن ٿا، جڏنهن ته سندس چئن سالن جي ڌيءَ انيلا ٿوڙي زخمي آ، پر بچي وڃي ٿي ۽ ظفر پنهنجي ڀائٽي انيلا کي اسپتال مان گھر آڻي ٿو، جتي هُوءَ ظفر جي ٻن ڌيئرن عارفه (اٺن سال جي) ۽ عابده (ڇهن سالن جي) سان کيڏيندي وڏي ٿي وڃي ٿي. ظفر جي ڏنگي زال سڪينه، انيلا سان ظُلم ڪري ٿي ۽ انيلا کي پوري گھر جو ڪم ڪار اڪيلي سر ڪرڻو پوي ٿو ۽ گڏو گڏ سڪينه کان ،هرڳالهه تي نڀاڳي هُئڻ جا تعنا پڻ ملن ٿا.

    انيلا، عارفه ۽ عابده جي ڀيٽ ۾ سُهڻي ۽ سمارٽ آهي، اُن ڪري جڏنهن به ٻنهين جو رشتو اچي ٿو، رشتي گھورڻ وارا انيلا کي ڏسي اُن جي رشتي جي تقاضا ڪن ٿا. جيڪو چاچيس سڪينه کي وڌيڪ مڇرائي ٿو ۽ آنا بهانا ڪري انيلا تي وڌيڪ ظُلم ڍائي ٿي.

    چاچي ظفر جي مُداخلت تي سئوٽن سان گڏ، انيلا به پڙهي گريجوئيشن ڪري ٿي ۽ نوڪري ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن چاچي ۽ چاچيءَ تي وڌيڪ بوجھ نه بڻجي. چاچي جي طرفداريءَ ڪري کيس ڪنهن فيڪٽريءَ ۾ نوڪري ڪرڻ جي اجازت ان شرط سان ملي ٿي ته هوءَ آفيس کان موٽندي، گھر جو ڪم ڪار ڪندي رهندي، جڏنهن ته سنس سئوٽن تي اها پابندي نٿي وڌي وڃي.

    فيڪٽريءَ جو نوجوان مالڪ حماد، انيلا جي محنت ۽ ڪم کان مُتاثر ٿي گھرو ٿيندو وڃي ٿو، ۽ ويجھو ٿيڻ تي انيلا کيس چاچيءَ طرفان، ٿيندڙ ظُلمن جو داستان پڻ ٻُڌائي ٿي ۽ پوءِ هو کيس شاديءَ جي آفر ڪري ٿو پر انيلا جي ٻُڌائڻ ته، جيسين سندُس وڏين سئوٽن جي شادي نه ٿيندي هُ شادي ڪونه ڪندي ۽ گھر وارا به نه مڃندا. حماد کيس ان صورت ۾ ڪورٽ ميريج ڪرڻ جو چوي ٿو پر انيلا انڪار ڪري ٿي ۽ چاچي جي محبت ۽ شفقت جي لڄ رکي ٿي.

    حماد ۽ انيلا جو پيار وڌندو وڃي ٿو ۽ اڪثر کيس آفيس مان گھر اچڻ تي دير ٿي وڃي ٿي ۽ چاچي جا دڙڪا ۽ مهڻا کائڻا پون ٿا. روز روز گھر دير پُهچڻ ،دڙڪن ۽ تعانن کان بچڻ لاءِ انيلا گھر وارن کي اهو چئي ڊاج ۾ رکي ٿي ته در اصل هوءَ عارفه جي شاديءَ لاءِ ڪوششون پئي وٺي، اُن ڪري کيس دير ٿيندي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ته هُن سندس فيڪٽريءَ جي امير مالڪ سان ڳالهه به ڇيڙي آهي. جيڪو عنقريب رشتي وٺڻ لاءِ گھر به ايندو. پر ڇو ته عارفه ڪم نه ڪرڻ ڪري، موٽي ٿيندي وڃي اُن ڪري هوءَ ان انتظار ۾ آهي ته عارفه پنهنجي فٽنيس جو خيال ڪري نارمل ۽ سمارٽ ٿئي ته رشتي لاءِ ڳالهه اڳتي وڌائجي. اهو ٻُڌي سڪينه ۽ سئُوٽون هاڻ انيلا سان همدردي ڪن ٿيون ۽ دير سان گھر اچڻ ته به ٽوڪ بازي نٿيون ڪن ۽ سمارٽ ٿيڻ لاءِ گھرجي ڪم ڪار ۾ جُٽڙي وڃن ٿيون.

    هاڻ انيلا ڪم ڪرڻ کا آجي ٿي پاڻ مُرادو مسڪرائيندي حامد کي حقيقت ٻُڌائي ٿي ته هُن ڪيئن چال هلي ،پاڻ سان ٿيندڙ ظلمن جو بدلو ورتو آهي ۽ گھر اچي ڪوڙ سچ ڳالهائي عارفه ۽ سڪينه کي بار بار حامد جي باري ۾ آگاهي ڏي ٿي.

    هوڏاهن انيلا ،حامد کي پڪ ٿي ڪرائي ته ڪورٽ ميريج جي ضرورت ڪانهين ۽ سندس چاچو ظفر کيس ڌيئرن جيان پيار ڪري ٿو ۽ موقعو ملندي هو حامد کي گھر وٺي ويندي ۽ چاچي سان ملائيندي ۽ پوءِ حامد سنس رشتي جي گُھر ڪري ۽ چاچو مڃي وٺندو، ڇو جو انيلا تي ٿيندڙ چاچيءَ جا ظُلم هُن کان به برداشت نٿا ٿين، اُن ڪري هو چاهي به ٿو ته پهرين انيلا جي شادي ڪرائي کيس سندس مٿان ٿيندڙ ظُلمن کا نجات ڏياري.
    آخر اُهو وقت به اچي ويو، ۽ انيلا جي چوڻ تي حامد رشتي گھُرڻ لاءِ گھر اچي ٿو، هوڏانهن عارفه جي فٽنيس به کيس وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو، ۽ گھر ۾ حامد جي دعوت ٿئي ٿي ۽ هرڪو خوش ڏسجي پيو، جڏنهن رشتي گُھرڻ جو وقت آيو، حامد عارفه جي رشتي جي گھر ڪئي ته نڀاڳي انيلا حيرت خاموش ۽ اکين مان وهندڙ لُڙڪن کي روڪي نه سگھي جڏهن ته حامد، سڪينه عارفه ، عابده ۽ چاچو ظفر،انيلا جا مشڪور ٿي، انيلا جي اکين مان وهندڙ ٽمٽار لُڙڪن کي خوشيءَ جا لُڙڪ سمجھڻ لڳا ۽ حامد انيلا سان اکيون نه ملائيندي انيلا کي اگنور ڪري گھر وارن سان ملي، انيلا جون هن ميلاپ ڪرائڻ لاءِ تعريفن ۾ لڳي ويو. سين انيلا جي لُڙڪن تي فريز ۽ بيڪ گرائونڊ ۾ ڏُک دائڪ آواز “ڇو ٿي ڄڻيئي اهڙيون ڌيئرون امان.....” پُڄاڻي.
    هن ڪهاڻيءَ جا سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ، ڪو پلي، اسٽوري، ناول، ٽيلي فلم وغيره ، هن ڪهاڻي سان مشاهبت ڪاپي رائيٽ ايڪٽ تحت ايندا. اڳتي وڌائڻ لاءِ ليکڪ جي پرميشن ضروري آهي.
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اسڪرين پليز (ڊراما) ۽ اُن جو (تَتُ) يعني ون لائين

    سائين وڏي تجسس واري ڪهاڻي آهي۔۔ نڀاڳيءَ جو طانعو آخر ۾ سچ ثابت ٿي ويو۔۔
    يا اسان انيلا جي باري ۾ هينئن به چئي سگهون ٿا ته سياڻو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسي پيو۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو