رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
تون ته اچين ٿو دير ڪري،
دل جو تدارڪ ڪير ڪري،
نيڻن مان برسات ايئن
ڇم ڇم ڄڻ ڪا ڇير ڪري،
ٿورا تنهنجا يار لکين
درد ڇڏيا ٿي ڍير ڪري،
ڪاش اڏامي آءٌ سگهان
پهچان اکڙيون پير ڪري،
مونسان سورن ايئن ڪئي
جيئن سسئي سان ويا ڏير ڪري۔