• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪجه شڪايتون ۽ رايا

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ خالد
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

خالد

سينيئر رڪن
پيارا دوستو منهنجي خيال ۾ هي فورم اهڙن بحثن کان آجو هجي ته بهتر ڇو ته اهڙن بحثن سان ڪافي وقت صرف ته ٿيندو ليڪن انجو ڪو مثبت نتيجو ڪونه نڪرندو ۔

شايد ادي رحيم بخش جي نظر ۾ فورم تي هلندڙ سڀ موضوع ڪارائتا ۽ اهڙا آهن جنهن تي سڀ متفق آهن؟؟؟؟؟؟؟؟؟
مان ته سمجهان ٿو ته ادو شايد هن موضوع جي اهميت چڱي طرحواقف ناهي جو اهو ٿو چويHaqMojood
 
جواب: تاريخي سوال

سائين مان به ادا رحيم بخش سان متفق آهيان ته اهڙين بحثن جو ڪو به فائدو نه آهي ۽ رهندو هڪ ٻئي لاءِ دلين ۾ نفرت جي ٻج جي ڇٽڻ جي برابر آهي، مهرباني ڪري مڪمل طور تي اهڙي مضمونن کي بلاڪ ڪيو وڃي۔۔۔
 
جواب: تاريخي سوال

سائين نثار صاحب۔۔۔۔! مان ته ايترو ئي چوندس ته هرڪنهن وٽ پنهنجي عقيدي لاءِ هڪ کان هڪ وڌيڪ دليل پيل آهن، تاريخ مان حوالا، قرآني آيتن کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪندي اسان جا مسلمان ڀائر پاڻ کي مومن ۽ ٻين مسلمانن کي ڪافر ڪوٺڻ ۾ مصروف آهن، الله سندن کي نيڪ سمجهه جي ساڃهه ڏئي، باقي اوهان هروڀرو جي بحث ۾ پاڻ کي ڇو ٿا داخل ڪيو۔۔

ادا جي بحث برائي اصلاح هجي ته ڀلو جي بحث برائي ڇيڙ ڇاڙ هجي ته سٺو نه آهي ۽ جنهن کي به اصلاح ڪرڻي آهي پهنجي اهو هتي فورم تي نه پر ڪنهن عالم وٽ ويندو ۽ اڄ ڪله هر موضوع تي ڪتاب موجود آهين ان ڪري تحقيق جا دروازا هر ڪنهن سامهون کليل آهين باقي جي ڪنهن کي دعوت فڪر ڏيڻ ۾ ڪو حرج ناهي مهنجي نظر ۾ بحث جو ڪو فايدو ناهي سائين نثآر جي ڳاله وانگر ته ڀت ۾ ٽڪر هڻڻ جي برابر آهي اڳي ئي اسان محرم ۾ گهڻو خون وهائي چڪا آهيو ن هاڻي ته هڪ بوند به ڪانه نڪرندي :d تڏهن اسان ان موضوع تي ڪو به حاشيو نه ٿا هڻو ن وڌيڪ سنگت جي مرضي
 
صحيح پيا چئو۔۔۔ منهنجو مطلب به اهو آهي، پر توهان کي خبر آهي ته اڪثر ڪري فورمن تي اهڙي بحث بيمطلب نڪرندي آهي۔۔۔
 
جواب: تاريخي سوال

دوستن کي ننڍڙي گزارش
دوستو اهڙا بحث واقعا ٿي به ويا ۽ قيامت تائين ٿيندا رهندا ۽ ڪيترائي حق ڏانهن اچي به ويا ۽ ايندا به رهندا ، حق ۽ باطل جا اهڙا معرڪه جاري به رهندا .
ڪجھ دوست چون ٿا ته انهي بحث جو ڪو به فائدو نه آهي ليڪن ڀائرو ائين نه آهي ڇو ته حق ۽ باطل جي سڃاڻ انسان جي سعادت ۽ عاقبت جو مسئلو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو رسول پاڪ جن فرمايو :
من مات و لم يعرف امام زمانه مات ميتة جاهلية
يعني جيڪو مري ويو ۽ زماني جي امام جي سڃاڻ حاصل نه ڪيائين ، اهو جاهليت ۽ ڪفر جي موت مري ويو
۽ ان کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي حديثون آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته هر انسان کي پنهنجو امام هادي رهبر ۽ اڳواڻ سڃاڻڻ ۽ سمجھڻ گھرجي
دوستو هي محفل سمجھڻ ، سمجھائڻ ۽ سکڻ ، سکارڻ جي آهي جنهن دوست جي دل چاهي ته بسم الله...... باقي محفل کي ختم ڪرائڻ ڏاهپ جو ڪم نٿو لڳي
جڏهن ته قرآن شريف ۾ ذڪر آهي ته :
و تعاونوا علي البر و التقوي
يعني نيڪي ۽ پرهيزگاري واري ڪمن ۾ هڪٻئي جي مدد ڪيو
۽ دوستو حق ۽ حقيقت کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ کان وڌيڪ ٻئي ڪهڙي نيڪي چئجي
sindhsalamatsaathsal
 
ادا ليڪن هر شئي کي شروع ڪرڻ جو وقت ۽ طريقو هوندو آهي نه ته اها شئي پنهنجي اهميت وڃائي ويهندي آهي۔۔
 
جواب: تاريخي سوال

اسانکي قرآن جي آيتن جا مخالف ڪوٺيندڙ خود پوري قرآن مجيد کي ڪونه ٿا مڃين
هيءَ آيتون انهي قرآن مان پيش ڪيون ويون جيڪو شيعن جي عقيدي جي مطابق
تبديل ٿيل آهي هي
اصل مصحف نه آهي

ادو بشير سنجيده گفتگو ڪرڻ بجاٌ بهتان تراشيءَ جو رستو پيو اختيار ڪري جنهن مان سندن ڪم علمي ظاهر ٿئي ٿي ،ڀاءُ کي عرض آهي ته آءُ به شيعه مسلڪ سان تعلق رکان ٿو ۽ اهو ئي قرآن پڙهان ٿو جيڪو پاڪستان ۾ پاڪستان جون رجسٽرڊ ڪمپنيون شايع ڪن ٿيون شاهديءَ طور ادو شيعن جي ڪا مسجد گهمي ڏسي ادي کي گهرجي ته ٻڌائين ته شيعن جي ڪهڙي ڪتاب ۾ پڙهيو اٿن ته شيعن جو قرآن الڳ آهي
sadayeen gudshal judy hujeen
 
موضوع سان مناسبت نه رکندڙ پوسٽون

ادا بشير احمد اوهان کي به التجا آهي ته پهنجي لهجي ۾ نرمي اختيار ڪيو ۽ ڪنهن تي به ڪابه تهمت هڻڻ سٺي نه آهي ۔ ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪري اوهان موضوع جو رخ ٻي پاسي نه موڙيو ادي زاهد جواب ڏنو آهي ادو بخت به جوب ڏيندو ضرور اوهان کي جذباتي ٿيڻ جي يا ڪنهن به فرقي تي الزام هڻڻ ۾ پاڻ تي ڪنٽرول ڪيو مهنجا جاني اوهان يا ته ان بحث ۾ سائين نثار ۽ ادي زاهد وانگر حصو وٺو جي نه ته واه واه ڪيو باقي ڳاله جو رخ موڙڻ ۽ تهمتن هڻڻ سان مسئلو حل ناهي ٿيندو هتي اسان سڀ دوستن ڀائرن وانگر رهندا آهيون ۽ سڀ کي سٺي نموني ڳالهائڻ جو حق آهي نه ڪي جذباتي ٿيڻ جو اميد ته ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔

سهڻاسائين ! الزامي سوالن جي شروعات مون نه ڪئي آهي ڳالھ جو رخ موڙيو نه پيو وڃي بلڪه ڳالھ جو بنياد آهي تهمتون ناهن دلائل ۽ حقائق آهن جيڪي اجهو ٿا ظاهر ٿين بقول شاعر

فسوف تري اذانڪشف الغبار
اتحت رجلڪ فرس ام حمار
 
جواب: تاريخي سوال

ادو بشير سنجيده گفتگو ڪرڻ بجاٌ بهتان تراشيءَ جو رستو پيو اختيار ڪري جنهن مان سندن ڪم علمي ظاهر ٿئي ٿي ،ڀاءُ کي عرض آهي ته آءُ به شيعه مسلڪ سان تعلق رکان ٿو ۽ اهو ئي قرآن پڙهان ٿو جيڪو پاڪستان ۾ پاڪستان جون رجسٽرڊ ڪمپنيون شايع ڪن ٿيون شاهديءَ طور ادو شيعن جي ڪا مسجد گهمي ڏسي ادي کي گهرجي ته ٻڌائين ته شيعن جي ڪهڙي ڪتاب ۾ پڙهيو اٿن ته شيعن جو قرآن الڳ آهي
sadayeen gudshal judy hujeen

جي ڀاء الزام تراشي کان الله بچائي
توهان صحيح ڳالھ ڪئي ته مون ڪٿي پڙهيو بس اجھو ٿو حاضر ٿيان دليلن جا انبار کڻي
 
جواب: تاريخي سوال

اهل تشيع ۽ قرآن
دليل نمبر 1 ؛ شراب خور خلفاء جي خاطر قرآن ۾ تبديلي
نعوذ بالله برصغير ۾ شيعن جو مشهور ترجمو بمع حاشيي ڏسو :

جاري آهي
 
جواب: تاريخي سوال

اهل تشيع ۽ قرآن ................
...................

ادا بشير اوهان جي پوسٽن کي ردي جي ٽوڪري ۾ منتقل ڪيو ويو آهي اوهان کي ڪيترا دفعا سمجهايو آهي ته هي تحريف قرآن جو موضوع ناهي هتي جنهن موضوع تي ڳاله هلي رهي آهي ان مطابق جي ڪا ڳاله آهي ته ڪيو نه ته موضوع جو رخ نه بدلايو جي اوهان کي پهنجي علم جو دريا وهائڻو آهي ته :d :d اوهان نئو ٿريڊ اسٽارٽ ڪيو اوهان جي سڀ پوسٽون ان ۾ منتقل ڪيون وينديون پر هتي صرف موضوع مطابق ئي ڳاله ڪيو مهرباني ادا اميد ته اوهان کي اها ڳاله بري نه لڳي هوندي
مهرباني جاني
 
جواب: تاريخي سوال

سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ايندڙ سڀني دوستن کي گذارش آهي ته هو ادب اخلاق ۽ علم جو دامن پنهنجي هٿن مان نه ڇڏين ... اسين هن فورم تي ڪي مذهبي دوست ناهيون پر اسين هن فورم تي هڪ سنڌيءَ جي حيثيت سان گڏ ٿيندا آهيون ۽ هڪ سنڌيءَ جي حيثيت سان هڪ ٻئي جون ڳالهيون برداشت ڪندا آهيون ... ۽ سنڌي سڄڻ هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ اسانجو نصب العين آهي ...

سنڌي ماڻهون، سنڌي ادب، سنڌي ثقافت، سنڌي تاريخ، سنڌي ٻوليءَ جا هزارين موضوع آهن جن تي بحث ٿي سگهي ٿو جن تي اڃان الاهي ساترو ڪم ڪرڻو آهي ... دنيا ۽ سنڌ جي ڀيٽ ڪريو ته اسين قومي طور اڃان ڍڳو پير پيران واري حالت ۾ آهيون ... اچو ته ان حالت کي سڌاري پاڻ کي ترقي يافته قومن جي فهرست ۾ آڻڻ جي جدوجهد ڪريون ...

مهرباني ڪري پنهنجو پاڻکي اهڙن بحثن ۾ نه ڦاسايو جنهن سان سواءِ مٿي ۾ ڳوڙهي ٿيڻ جي ڪجهه حاصل نه ٿئي ... هڪ ٻئي کي صراط المستقيم جي دعوت ڪيئن ڏيڻي آهي انجو تعلق اوهانجي اخلاق ۽ علم سان آهي نه ڪي هڪ ٻئي کي پست ڪرڻ سان ...

ڇا اسين سڀ قرآن ۽ سنت جي پيروي پوريءَ طرح ڪرڻ کانپوءِ ٻين جي اصلاح ڪرڻ جهڙا ٿي ويا آهيون، اهو سوال اسان سڀني کي پنهنجو پاڻ کان ڪرڻ گهرجي ... جي جواب آهي نه ته سڀ کان اڳ اسانکي ان منزل جي جدوجهد ڪرڻ گهرجي نه ڪي ٻين کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏجي ...

ڏاها ٿيو ... ٻيائيءَ کي ٻک جن وڌو سي ڪنهن پار ڪونه پوندا ... اميد ته دوست منهنجي ان ڳالهه کي منهنجو عرض ۽ التجا سمجهي قومي جذبي سان سامهون ايندا ...

الله اوهانجو حامي ۽ ناصر هجي ...
 
سائين اسا جا ڪجه دوست نوان آهين يا وري انهن جي ذهين ۾ مذهبي جذبو تمام گهڻو آهي اسان ته آهيون اڌ مسلمان :D :D hall chari سو شدت نه پا ڻ ۾ نه آهي باقي دوستن کي ايترو عرض ڪندو هلان ته صرف علم، ئي ڪافي نه هوندو آهي ان سا ن گڏ انسان جو اخلاق ۽ سٺي سيرت به ان جي ڳاله تي اثر انداز ٿيندي آهي جي ڪنهن جي به اصلاح جي غرض آهي ته هو سڀ کان پهريان ڀائپي دوستي، ياري۔، هڪ وطني، ۽ ٻين جذبن کي ڪڏنهن به نه وساري ڇو ته اسان هتي ڪنهن عقيدي جي پليٽ فارم تي نه پر هڪ سنڌي هجڻ جي ناتي گڏ آهيون ان ڪري سڀ کان وڏو رشتو برادري ۽ ڀائپي جو آهي گفتگو ڪرڻ دوران ان کي مد نظر رکڻ لازمي آهي ۔ وڌيڪ سڀ اسان جي سر جا سائين آهين
 
جواب: تاريخي سوال

ادا مان هڪ عرض دوستن کي ڪندو هلان ته ڪجهه سال اڳ مان پاڪستان جي نمبر ون اردو آءِ ٽي ويب سائٽ تي ڪم ڪندو هوئس، اها ويب سائيٽ ڪيترن ئي سالن کان ڪاميابيءَ سان هلي رهي هئي ۽ اتي جي ڪميونٽيءَ جا سڀ ميمبر هڪ ٻئي کي فيملي ميمبرس جيان چاهيندا هئا۔۔ پر ڪجهه شر پسندن اچي هتي اهي ساڳيا بحث ڇيڙيا جيڪي هتي هينئر شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔۔۔ انهن شرپسندن جي بهڪاوي ۾ ڪجهه انتظاميه جا ماڻهو اچي ويا ۽ جانبدار ٿي ويا۔۔ انهن جي جانبداريءَ جي ڪري اها ويب سائيٽ پوئتي ٿيندي وئي ۽ نتيجو اهو ٿيو جو جن ماڻهن جي ڪم جي ڪري اها ويب سائيٽ نمبر ون هئي اهي ان ويب سائيٽ کي ڇڏي هلندا ويا ۽ انهيءَ ويب سائيٽ جي ڪک مان پيدا ٿيندڙ ٻين ويب سائيٽن کي ترقي ملندي وئي۔۔ هاڻي انهيءَ ايڏي ساري ويب سائيٽ تي ڪو به اپڊيٽ نه ٿو ٿئي، ڇو ته ماڻهن جي دلچسپي ختم ٿي وئي۔۔ پوءِ يوزر ڇو اچن ها انهيءَ ويب سائيٽ تي۔۔۔ مون کي لڳي ٿو ته اسان جي هن اڱڻ سان به اهو قصو نه ڪيو وڃي۔۔ منهنجي انتظاميه کي گذارش آهي ته اختلاف پکيڙيندڙ يا حد ٽپندڙ ماڻهن کي نوٽ ڪيو وڃي۔۔
 
جواب: تاريخي سوال

منهنجي انتظاميه کي گذارش آهي ته اختلاف پکيڙيندڙ يا حد ٽپندڙ ماڻهن کي نوٽ ڪيو وڃي۔۔

يار مهنجي به دوستن کي اها ئي گذارش آهي ته اهڙن موضوعن تي ڳاله هجي پر فقط انهن ماڻهن جي درميان يا اها ڳاله فقط اهي ماڻهون ڪن ۽ اهي ماڻهون بحث ڪن جن کي اسان پرسنل سڃاڻو ٿا يا اسان کي خبر آهي ته اهي سٺي انداز ۾ گفتگو ڪندا آهين ۽ ڪندا رهندا۔ باقي جذباتي دوستن کي گذارش آهي ته خدارا ڳاله جي اهميت کي نه وڃايو ۽ پهنجي لب لهجي ۾ نرمي سان هر ڪنهن کي ڀاء سمجهي ڪري ڳاله ڪيو ۔ ان ڪري مهنجي اها ئي راء اآهي ته هن ٿريڊ ۾ ادي بخت جي سوال سائين نثار ۽ ڀاء سومري جي جواب کان علاوه باقي تما م ڳالهين کي ڊيليٽ ڪيو وڃي تاڪه موضوع کي پهنجي اهميت تي واپس آندو وڃي ۽ انهن دوستن کي ئي اجازت ڏني وڃي جيڪي سٺي انداز ۾ ڳاله ڪرڻ جا عادي آهين يا وري اهي پهنجي پوسٽ پهنجي ڪنهن دوست کي پي ايم ڪن جيڪو ڪجه ترتيب کان پوء ئي ان کي پوسٽ ڪري ۔ ان سان ماحول به سازگار رهندو ۽ ڳاله ۾ وزن به۔
 
جواب: تاريخي سوال

ادا بشير اوهان جي پوسٽن کي ردي جي ٽوڪري ۾ منتقل ڪيو ويو آهي اوهان کي ڪيترا دفعا سمجهايو آهي ته هي تحريف قرآن جو موضوع ناهي هتي جنهن موضوع تي ڳاله هلي رهي آهي ان مطابق جي ڪا ڳاله آهي ته ڪيو نه ته موضوع جو رخ نه بدلايو جي اوهان کي پهنجي علم جو دريا وهائڻو آهي ته :d :d اوهان نئو ٿريڊ اسٽارٽ ڪيو اوهان جي سڀ پوسٽون ان ۾ منتقل ڪيون وينديون پر هتي صرف موضوع مطابق ئي ڳاله ڪيو مهرباني ادا اميد ته اوهان کي اها ڳاله بري نه لڳي هوندي
مهرباني جاني

نائب منتظم اعلي صاحب ! توهان جواهو عمل جانبدارانه آهي توهان گهرجي ته انصاف کان ڪم وٺندي پهرين پوسٽ کي ئي حذف ڪريو ڇاڪاڻ جو انهي پوسٽ جو مقصد اصلاح ناهي الزام تراشي آهي ،انڪري
شيشي جي گهر ۾ ويهي ٻين تي پٿر اڇلائينداڙ پاڻ به محفوظ نه رهندا آهن
جن کي وس چرڻ جو شوق هوندو آهي ته اهي ڪک به سهندا آهن منهنجي هن فورم جي منتظم اعلي کي گذارش آهي ته مون سان انصاف ڪندي منهنجي پوسٽن کي بحال ڪيو وڃي ،منهجي انهي پوسٽ جو سنئون سنڌو تعلق انهي جي جواب سان آهي انهن ماڻهن کي ٻين کي قران جي آيتن جو مخالف چوڻ جو ڪهڙو حق آهي جيڪي خود پوري قران جا مخالف هجن ۽ آئون هن موضوع تي مستقل ٿهريڊ به شروع ڪرڻ وارو آهيان پر هتي منهنجي جزوي پوسٽن کي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هن پوري ٿريڊ کي حذف ڪيووڃي
 
مهنجا جذباتي ادا اوهان جون پوسٽون محفوظ آهين ۔ پر اهي موضوع سان مناسب نه آهين ان ڪري انهن کي هتان هٽايو ويو آهي ۔ جاني اوهان ناراض ڇو ٿا ٿيو؟
ادا جي ادي بخت پٿر اڇلايو آهي ته ان ڀٿر جو جواب ادي نثار ۽ ڀاء زاهد سٺي نموني ڏنو آهي ۔ اهو ئي عقلمدن جو طريقو آهي ۔
باقي اوهان به ادي بخت جهڙا ٿيڻ چاهيو ٿاته اسان کي اعتراض ناهي ادا اوهان الڳ ٿريڊ ٺاهيو تحريف جي موضوع تي ان ۾ اوهان جو پوسٽون موڪلينداسي باقي اوهان کي ڪاب شڪايت آهي ته شڪايت سيڪشن ۾ شڪايت ڪيو ۽ هتي اهڙيون ڳالهون ڪري موضوع جي اهميت کي نه وڄايو اهو مهنجو اوهان ڪي هٿ ٻڌي ڪري عرض آهي
ادا ڪجه ئي دير ۾
ادا سائين نثار ۽ ادي بخت ۽ ادي زاهد سومري جي پوسٽ کان علاوه هن ٿريڊ مان تمام ميمبرن جون پوسٽون ڊيليٽ ڪيون وينديون ۔ جن به مون وانگر خدو ڪليري وارا حوال ڪيا آهين جيڪي ان موضوع سان تعلق نٿا رکن :D
 
جواب: تاريخي سوال

مهنجا جذباتي ادا اوهان جون پوسٽون محفوظ آهين ۔ پر اهي موضوع سان مناسب نه آهين ان ڪري انهن کي هتان هٽايو ويو آهي ۔ جاني اوهان ناراض ڇو ٿا ٿيو؟

:d

بشير احمد جون پوسٽون موضوع سان موافقت رکن ٿيون يا نه، اهو فيصلو ڏيڻ جو اختيار گهٽ ۾ گهٽ توهان کي نه آهي. ڇاڪاڻ ته توهان پاڻ هڪ ڌُر آهيو ۽ ڪابه ڌر فيصلو پاڻ ناهي ڪندي. يقينا بشير احمد جي تحريرن کي منتظم اعليٰ، سرپرست اعليٰ ۽ سپر ايڊيٽر پڻ پڙهيو هوندو، جن تحريرن ۾ ڪنهن به قسم جي ايڊيٽنگ نه ڪئي... وڌيڪ سمجهه وارا آهيو.
 
جواب: ڪجه شڪايتون ۽ رايا

دوستو ادي بخت جي شروع ڪيل ٿريڊ کان پوء ان ۾ اضافي ڳالهين کي هتي منتقل ڪيو ويو آهي جنهن به دوست کي ڪابه شڪايت آهي هتي ڪري تاڪه پڙهندڙ کي اصل موضوع جي خبر پئجي سگهي ۔
باقي انهن موجوده پوسٽن مان ڪنهن پوسٽ کي ٻيهر متعلقه ٿريڊ ۾ منتقل ڪرڻ جي راء ٿي ته انتظاميه اهو به ڪندي اميد ته جنهن موضوع تي ڳاله هجي ان متعلق ئي ڳاله ڪئي وڃي
 
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
Back
Top