• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪجه شڪايتون ۽ رايا

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ خالد
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
جواب: تاريخي سوال

بشير احمد جون پوسٽون موضوع سان موافقت رکن ٿيون يا نه، اهو فيصلو ڏيڻ جو اختيار گهٽ ۾ گهٽ توهان کي نه آهي. ڇاڪاڻ ته توهان پاڻ هڪ ڌُر آهيو ۽ ڪابه ڌر فيصلو پاڻ ناهي ڪندي. يقينا بشير احمد جي تحريرن کي منتظم اعليٰ، سرپرست اعليٰ ۽ سپر ايڊيٽر پڻ پڙهيو هوندو، جن تحريرن ۾ ڪنهن به قسم جي ايڊيٽنگ نه ڪئي... وڌيڪ سمجهه وارا آهيو.

ادا جيڪڏهن علي علي صاحب ڌر آهي ته پوء ته منتظم اعليٰ، سرپرست اعليٰ ۽ سپر ايڊيٽر پڻ ڌر آهن
 
جواب: تاريخي سوال

بشير احمد جون پوسٽون موضوع سان موافقت رکن ٿيون يا نه، اهو فيصلو ڏيڻ جو اختيار گهٽ ۾ گهٽ توهان کي نه آهي. ڇاڪاڻ ته توهان پاڻ هڪ ڌُر آهيو ۽ ڪابه ڌر فيصلو پاڻ ناهي ڪندي. يقينا بشير احمد جي تحريرن کي منتظم اعليٰ، سرپرست اعليٰ ۽ سپر ايڊيٽر پڻ پڙهيو هوندو، جن تحريرن ۾ ڪنهن به قسم جي ايڊيٽنگ نه ڪئي... وڌيڪ سمجهه وارا آهيو.

ادا ابو زين اوهان مهنجا محترم آهيو مان نهايت ادب سان عرض ڪندس ته ادا اسان جو موضوع امامت ۽ خلافت هو ادي بشير تحريف متعلق ڳالهيون ڪري رهيو هو ڀلا اوهان ٻڌايو ته تحريف جو ڪهڙو واسطو آهي خلافت سان ؟ ۽ خاص ڪري ادي بشير جي جي ڪا ڳاله ڪرڻي هئي ته ادي نثآر ۽ ادي زاهد وانگر خلافت تي دليل ڏين نه ڪي موضوع جو رخ چينگ ڪري؟؟ ادا مون تمام دوستن جون بلڪه پهنجون به پوسٽون منتقل ڪيون آهين ۔ جن ۾ خدو ڪليري وارا حوال هئا ۽ اهي سڀ پوسٽون موجود آهين اوهان جي سامهون ان ۾ غير جانبدار رستو ڪهڙو اپنايو آهي ؟ جو اوهان مون کي ڌر چئي رهيا آهيو ادا وري به اوهان اسان جا سائين اآهيو جيڪو چئو اسان جي اکين تي ۔
 
جواب: ڪجه شڪايتون ۽ رايا

انتهائي حيرت ۽ افسوس سان لکجي ٿو ته فورم تي اهڙا رويا ۽ سوال جواب پوسٽ ڪيا ويا جن جو فورم جي مشن سان ڪو تعلق نه هو ۔۔۔ نه سنڌ سلامت مذهبي فورم آهي ۽ نه وري ڪنهن خاص فرقي سان تعلق رکي ٿو ۔۔۔ هتي اهل سنت، اهل حديث، اهل تشيع کان سوءِ ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ هر انهي ماڻهون کي دعوت ڏنل آهي جيڪو سنڌي ڳالهائي ٿو ۔۔۔ هي فورم خالص سنڌي اصلاحي، ثقافتي، تفريحي ۽ معلوماتي فورم آهي ۔۔۔۔ هن فورم جو مقصد هر گز ڪنهن خاص فرقي جي حمايت يا مخالفت ڪرڻ نه آهي بلڪه هتي سڀني فرقن سميت غير مسلم سنڌين کي به اچي پنهنجي ٻولي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سهڪار ڪرڻ جي دعوت ڏنل آهي۔۔۔
هتي جيڪڏهن ڪي اهڙا سوال ڪيا ويندا جن سان ڪنهن خاص ماڻهون گروه يا فرقي جي دل آزاري ٿيندي ته اهڙي قسم جا جواب به ڏنا ويندا۔۔۔ ۽ پوءِ ڏي سوال وٺ جواب جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو شر وع ٿي ويندو۔۔۔ ظاهر آهي پوءِ سوال پکڙجندا ۽ جواب موضوع کان هٽي ويندا۔۔۔۽ وري انتظاميه ڪنهن جي جواب ۾ تبديلي ڪندي ته اهو به اظهارِ آزادي جو حق سلب ڪرڻ جي برابر ٿيندو۔۔۔ جنهن سان ظاهر آهي محبت ڪڏهن به نه پکڙبي ۔۔۔۔ جڏهن ته اسان جو اهو به نعرو آهي ته اسان پنهنجي مٺي زبان سان محبتون ڦهلايون۔۔۔
ان ڪري بعد جي منٿ ميڙ ۽ معزرتن کان بهتر آهي ته اهڙن موضوعن کي اڳتي وڌڻ ئي نه ڏجي جنهن سان انتشار پکڙجي۔۔۔ اهڙي عمل سان جتي ڪافي دوست انتظاميه کان مطمئن نه ٿيندا اتي يقينن اهڙا رڪن پڻ هوندا جيڪي ضرور مطمئن ٿيندا ۔۔۔۔ تنهن ڪري آئنده هر ان موضوع کي جيڪو ڪنهن فرقي يا ڪنهن ٻئي مذهب جي فرد جي دل آزاري ڪندو هجي کي فوري طور ختم ڪيو ويندو ۽ جلد ئي قانون ٺاهيا ويندا جنهن کانپوءِ اهڙي ميمبر کي پڻ تنبيهه ڪئي ويندي ته اهڙي موضوع کي موڪلڻ جي صورت ۾ کيس عارضي يا مستقل بين ڪيو ويندو۔۔۔۔
اميد ته انتظاميه جي اهڙي قدم سان فورم جو مسقبل بهتر ٿيندو ۽ رڪنن جي پڻ پاڻ ۾ نفرت نه وڌندي۔۔۔
آخر ۾ هڪ دفعو ٻيهر سمورن رڪنن سميت انتظاميه جي رڪنن کي ؓگذارش ٿي ڪجي ته ان ڳالهه تي سختي سان عمل پيرا ٿين ته جيئن سنڌ سلامت جي مشن کي جاري ۽ ساري رکي سگهجي۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
Back
Top