سانورو رنگ تبديل ٿي سگهي ٿو

'سورنهن سينگار' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سانورو رنگ تبديل ٿي سگهي ٿو

    اڄ ڪلهه ڇوڪريون، ڇوڪرا توڙي مرد پنهنجو رنگ ڀورو ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا لوشن، ڪريم ۽ صابڻ وغيره استعمال ڪن ٿيون، جيڪي گهنو ڪري بي اثر ثابت ٿين ٿا، جيڪڏهن فائدو به ٿئي ٿو تڏهن به اهو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ هجي ٿو ۽ پوءِ چمڙي جو رنگ واپس پنهنجي جاءِ تي اچي وڃي ٿو، ماڻهو جو رنگ ڪارو ڇو ٿو ٿيڻ لڳي؟ اهو سوال اهم آهي، ڊگهي ميڊيڪل ريسرچ کانپوءِ اها ڳالهه واضح ٿي آهي ته چمڙي جي گهرائي ۾ موجود جيو گهرڙا ميلان نالي هڪ مادو تيار ڪن ٿا، اهو مادو اصل ۾ قدرت طرفان هڪ حفاظتي تدبير آهي ۽ اهو چمڙي کي سج جي شعاعن کان تحفظ فراهم ڪري ٿو، جڏهن به سج جا تيز شعاع چمڙي تي پون ٿا ته ميلانن جي تياري ۾اضافو ٿئي ٿو ۽ ان کانپوءِ چمڙي جي گهرائي مان نڪري اهي مٿين سطح تي اچي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته ميلانن مادي جو رنگ ڪارو ٿي وڃي ٿو تنهنڪري رنگ به ڪارو ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته گوري چمڙي ۾ ميلانن جي هيٺان کان مٿي منتقلي رڪجي وڃي ٿي ته پوءِ اها چمڙي ڪاري نٿي ٿئي، جيڪا چمڙي حساس هوندي آهي ان ۾ اها تبديلي جلد ايندي آهي ۽ اهڙا ماڻهو اُس ۾ وڌيڪ رهندا آهن ته سندن رنگ ڪارو ٿي ويندو آهي، ڪاري رنگ جي تدارڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهميت ان ڳالهه کي آهي ته مختلف طريقن سان ميلانن جي تياري ۾ گهٽتائي آندي وڃي، اها ڳالهه مشاهدي ۾ آئي آهي ته ڪجهه ماڻهن جي چمڙي پيدائشي طور ڪاري يا سانوري هوندي آهي ۽ ڪجهه ماڻهن جي چمڙي وري موسم جي لحاظ سان رنگ تبديل ڪندي آهي ۽ ڪجهه ماڻهن جو رنگ وري صفا ڀورو هوندو آهي ۽ اهو اُس ۾ به تبديل نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي چمڙي اندر ميلانن جي تياري تمام گهٽ ٿئي ٿي پر اهڙن ماڻهن کي چمڙي جو مرض ٿيڻ جو خطرو ضرور هوندو آهي، سن اسڪرين وارين دوائن جي استعمال وقت انهن ڳالهين جو خاص خيال رکيو وڃي ته اهي سج جي شعاعن کي موثر طور روڪي سگهن ۽ اهي دوائون چمڙي ۾ پاڻي جي گهٽتائي پيدا نه ڪن، قدرتي دوائن ۾ صندل ۽ ماکي جو ذڪر ضرور ايندو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سورنسنگهه ڏجاڻي

    سورنسنگهه ڏجاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 مئي 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
  3. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ادا سائين اوهان رنگ سانورو ٿيڻ جي سببن کي تہ تمام گهرائي سان چٽو ڪيو آهي .پر ان جي روڪٿام لاءِ ڪا خاص روشني ڪانہ وڌي آهي ۽ ڪو خاص علاج بہ ڪونہ ٻڌايو آ .....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو