بِنا ميندِيءَ ڪُنوار (ٽيلي فلم) ليکڪ عبدالرزاق ميمڻ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2009۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هن دئور جي مُشاهدي ۾ ايندڙ سنڌ ڌرتيءَ تي رونما ٿيندڙ ڪَهرن ۽ ظلمتُن جي سچي ڪهاڻي​
    بِنا ميندِيءَ ڪُنوار​

    تحرير، مڪالما ۽ منظر ڪشي
    عبدالرزاق ميمڻ

    جتي سنڌ جي عورت پيار ۽ قربانين جو مجموعو رهيو آهي (پوءِ اُها عورت ڇو نه سَسئُي هُجي، سُهڻي هُجي، مومل هُجي، يا هُجي ماروي)، اُتي اُهائي عورت ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ، ۽ زال جهڙن انيڪ رشتن ۾ ڳنڍيل هُئڻ باوُجود، هڪ ٻيو به مظلوم ۽ سچو روپ رکي ٿي ۽ اُهو روپ آهي، بنان مينديءَ ڪُنوار جو.
    عورت جو هي روپ، اسانجي جهالت ڀريل سماج جو ٺاهيل آهي، جيڪي رت جي رشتن کي پنهنجي مصلحتن جي خاطر سجيندا ۽ قربان ڪندا اچن ٿا.
    مُهنجي هن ڪهاڻيءَ ۾ پهريون رُوپ آهي سُورٺ جو. جنهن ۾ هڪ مُڪمل سماج جو تعارفي نقش چٽيل آهي، جنهنکي اڳتي هلي کولي نروار ڪبو ۽ هر عورت، سَسئُي، سُهڻي، مُومل، ۽ مَارويءَ سان ويساه گھاتين کي ڏيکاربو ته هي هن سماج ۾ هي مظلوم عورتون، حويلين ۽ محلاتن ۾ پرورش پائي به ڪيئن نه “ بنان مينديءَ ڪُنوار” بڻايون وڃن پيون. ٽائيٽل ۾ آئون سُورٺ سان ٿيندڙ ويسا گھاتين کي غير پوشيده ڪندس. ۽ پوءِ ڪهاڻي وڌائيندُس.

    ڳوٺ جي چڱن وڏڙن جي وفات کان پوءِ، نواز خان ، عياشي، نشي ۽ شراب ۾ غرق مائٽن جي وراثت جون وڳون سنڀاليون ۽ ڳوٺ جي انگن تي اکيون رکي ٿو ۽ پوءِ عزت بچائڻ لاءِ ڪي ڪاروباري طبقه رات و رات لڪي ڇُپي ڳوٺ ڇڏي اچي شهرن ۾ پناه وٺن ٿا. اهڙيءَ طرح سُورٺ جا مائٽ به نواز خان کان تنگ ٿي، شهر لڏي آيا. سورٺ جي مينديءَ جي رسم پئي هلي، ساهڙيون مينديءَ ۾ شريڪ آهن، ڪنواريتا ۽ گھوٽيتا خوشين ۽ جشن ۾ مصروف ته نواز خان پيڇو ڪندو وارد ٿئي ٿو ۽ ڪلاسنڪوف، داٻ دٻاءَ ۽ اٿر و رسوخ جي زور تي خوشين ڀري گھر کي سوگوار ۽ ماتمي بڻايو ڇڏي ۽ سدا کان مظلوم عورت سُورٺ “ بنان مينديءَ ڪنوار” پنهنجن نصيبن تي ماتم ڪندي رهي ٿي.
    مڪمل ڪهاڻي

    هڪ سياسي گھراڻي جو با اثر جاگيردار شاه محمد، پنهنجي ننڍي امريڪن رٽرن پُٽ بچل شاه جي، هڪ ڪاموري( سيڪريٽري) دلدار جي ڌيءَ مارويءَ سا شاديءَ جي ارادن ۾ ته جيئن ٻنهين جي ميلاپ سان زندگيءَ جي ڪاروبار کي وڌائي سگھجي. ماروي ۽ سچل جو ڪاروباري پيار .
    سيڪريٽري دلدار اڌ مُنافعي تي وڏا وڏا پروجيڪٽ پاس ڪرائي جاگيردارن کي قرض وٺي ڏي ٿو ۽ پوءِ هڪ ٻيو جاگيردار زمرد خان ٻنهين کي بليڪ ميل ڪري مارويِ جي رشتي جي گھُر ڪري ٿو.
    شاه مُحمد جو وڏو پُٽ بچل شاه پيِ سان سياست ۾ آ، هڪ اليڪشن ڪيمپيئن دوران هڪ جرنلسٽ ڇوڪري سُهڻيءَ جي پريس ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ، سوالن کان پريشان ٿي، سُهڻيءَ کي اغوا ڪرائي، رکيل ڇاڙتن جي مدد سان، هڪ فارم هائوس ۾ سندس عزت لُٽي، گند جي ڍير تي مرڻهاڪ حالت ۾ اُڇلائي اچي ٿو، جتان ڪو گڏه گاڏيءَ تي گذرندڙ راهيگر کيس اسپتال پُهچائي ٿو، ان خبر تي اين. جي. اوز، صحافي، ۽ ميڊيا وارا بريڪنگ نيوز ٺاهي، بچل شاه ۽ شاه مُحمد خلاف اُڀا کڙا ٿين ٿا. چالاڪ ۽ شاطر سيستدان شاه مُحمد، سِچوئيشن کي محسوس ڪندي، ۽ اليڪشن ڪيمپيئن کي ڇيهي رسڻ کان بچائڻ لاِءِ، بچل شاه جي شادي جرنلسٽ ڇوڪريءَ سان ڪرائڻ جي چال رٿي ٿو.
    ٻي طرف سندُس سياسي حريف سڪندر خان، سُهڻيءَ جي گھر وارن کي ٽريپ ڪري، ميڊيا سان ملي، سهڻيءَ جي همدردي حاصل ڪري کيس پاڻ وٽ پناه ڏي ٿو ۽ نظر بند ڪري رکي ٿو، سندس ۽ ميڊيا جي مدد سان سُهڻي اخبارن ۽ چينلن تي تبصرن ۾ اچي ڪافي خُوار ٿئي ٿي ۽ چئنل، اُن کي مارڪيٽنگ ڪري ڪروڙي رُپيا ڪمائين ٿا. اهڙيءَ طرح، سُهڻي به “بنان مينديءَ” ڪُنوار بڻجي ٿي.
    ٻئي طرف، شاه محمد جي ئي پارٽيءَ جي زمرد خان جي سياسي بليڪ ميل کان بچڻ لاءِ، شاه مُحمد ۽ سيڪريٽري دلدار، پنهنجي عزت جي واسطا ڏئي، مارويءَ ۽ سچل شاه کي، هڪ سال لاءِ شادي ڪري، ۽ اُن مان اولاد ٿي پوءِ مارويءَ کي طلاق ڏياري وري مارويءَ ۽ سچل جي شاديءَ لاءِ اقرار ڪرائي وٺن ٿا. ماروي پيءُ جي ساک ۽ سچل سياست کي اهميت ڏئي ۽ اها پلانگ ڪري ته ماروي زمرد سان شادي ڪري اهم ڊاڪومينٽ هٿ ڪندي، هڪ سال لاءِ ڊاڪومينٽ ميريج تحت وڇڙي وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح ماروي به “بنان مينديءَ” ڪُنوار” بڻجي ۽ ان ڪنٽريڪٽ تحت ته زمرد ، ماروي مان سندس وارث (پُٽ) پئدا ٿيڻ کان پوءِ کيس طلاق ڏيندو صرف نڪاح ڪري زمرد جي هڪ سال لاءِ زال بڻجي ٿي.
    شقي ۽ بليڪ ميلر سياستدان زمرد خان، ماروي سان هڪ سال جي ڊاڪومينٽ ميريج ۽ مارويءَ مان سندس ئي اولاد جي پڪ خاطر مارويءَ کي عدت جي ڏيهن تائين آزاد ڇڏي ٿو ته جيئن ماروي جي پيٽ ۾ ڪنهن جو حمل هُجي ته ظاهر ٿي پوي. ٻي طرف ماروي به چال هلي زمرد کي گھڻو شراب پياري ، مدهوش ۽ پاڻ کا پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ۽ سندس ٽجوڙيءَ کي ڦولي پيءَ خلاف راز هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
    ٻي طرف وري ٻي ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو حيات خان زمرد خان کي بليڪ ميل ڪري ٿو تن هُن جي پهرين طلاق يافته زالن مان سندس هڪ ڌيءَ آهي، جيڪا هُن جي قبضي ۾ آهي. جڏنهن ته زمرد کي خبر ئي نه هُئي ته جن عورتن کي پُٽ نه هُئڻ ڪري هُن طلاق ڏني هُئي اُن مان ڪنهن کي حمل ٿيو هوندو ۽ ڌيءَ پئدا ٿي هوندي.
    مارويءَ کي احساس ٿئي ٿو ته هُوءَ غلط پئي ڪري ۽ جي هُن کي زمرد مان اولاد نه ٿيو ته مُدو وڌي ويندو ۽ هو شرط مُطابق پُٽ ٿيڻ کان پوءِ طلاق وٺي سچل شاه سان شادي نه ڪري سگھندي، اهو سوچي هُ پاڻ کي زمرد جي حولي ڪري ٿي ڇڏي. جنهن مان کيس پُٽ ٿئي ٿو. ان دوران خود غرض ماءُ پيءُ به کيس ملڻ نٿا اچن ۽ اولاد سان مُحبت ڪرڻ بجائي راز چورائڻ کي ترجيح ڏين ٿا، ۽ کيس هڪ اهڙي شخص جي حوالي ڪيو جنهن سان کيس لڳاءُ نه هو ۽ سچل به پنهنجي سياسي مصروفيتن کي اهميت ڏي ٿو. اهو سوچيند سوچيندي مائٽن مان بيزاريءَ ۾ پوي ٿي ۽ اولاد هُڻ سان پُٽ کي پيار ڪرڻ لڳي ٿي،
    ٻي طرف پُٽ پئدا ٿيڻ تي زمرد جي طريقه ڪار ۾ به تبديلي اچي ٿي، ۽ هو مارويءَ کي عزت ۽ سهولتو ڏي ٿو، ماروي مائٽن ۽ سچل کا بدظن ٿيڻ لڳي ٿي ۽ زمرد کيس معاهدي مُطابق ڇڏڻ تي تيار ڪري ٿو، اهو ٻوڏي مارويءَ جي دل ۾ زمرد لاِءِ عزت وڌي ٿي ۽ مامتا جاڳي پوي ٿي ۽ هُو ڪنهن به صورت ۾ اولاد کان پري رهڻ جو تصور نٿي ڪري، حالانڪه زمرد جي يقن دهانيءَ تي ته هو چاهي ته ڪنهن به وقت اولاد سان ملي سگھي ٿي، ٻي صورت ۾ زمرد کيس هميشه لاءِ پاڻ وٽ رهڻ جي آفر ڏي ٿو. جنهنکي آخر ماروي قبول ڪري ٿي ۽ مائٽن ۽ سچل کي وساري ڇڏي ٿي.
    هوڏانهن ميڊيا ۾ سُهڻيءَ جي اشو ڪري شاه مُحمد جي ساک به خراب ٿيندي وڃي، اُن کي بچائڻ لاءِ هو پئسي کي پاڻي وانگر وهائي ٿو، ۽ ڪوڙي ڊي.اين. اي جي رپورٽ تي ڪورٽ کان فيصلو پنهنجي حق ۾ وٺي ٿو، ۽ ڪوڙن شاهدين ۽ گواهين تان ثابت ڪري ٿو ته سُهڻيءَ سان ويساه گھات ڪندڙ بچل شاه پاڪستان ۾ هوئي نه، ڪوڙو پاسپورٽ ڏيکاري ثابت ڪري ٿو ته هُو ڀاءُ سچل وٽ آمريڪا ويل هو ۽ هاڻ موٽيو آهي.
    بل آخر شوهڻي انصاف لاءِ ٻاڏائي ٻاڏائي نڍهال ٿي وڃي ٿي ۽ انصاف غريبن جي بجاءِ اميرن کي ملي ٿو. هڪ رات سُهڻيءِ جي گھر کي باه وڪوڙي وڃي ٿي ۽ سُهڻي “ بِنان مَيندِيءَ ڪُنوار” ’ماءُ پيءُ سان اُن ۾ سڙي خاڪست ٿي وڃي ٿي ۽ ملڪ سڪندر وري سياسي ساک برقرار رکڻ لاءِ ٻي سُهڻيءَ جي تلاش ۾، اين جي اوز ۽ پرنٽ و اليڪٽرڪ ميڊيا وارا ڪنهن ٻي نيوز بريڪ جي تلاش ۾’’ (پُڄاڻي)
    هن ڪهاڻيءَ جا سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ، ڪو پلي، اسٽوري، ناول، ٽيلي فلم وغيره ، هن ڪهاڻي سان مشاهبت ڪاپي رائيٽ ايڪٽ تحت ايندا. اڳتي وڌائڻ لاءِ ليکڪ جي پرميشن ضروري آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو