تعليمي آڊيو گيت

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي دوست محترم ايس ايم درس هڪ غير سرڪاري تنظيم ڪميونٽي ڊيولپمينٽ نيٽورڪ ملير جو تعارف پيش ڪيو هو۔۔۔ تنظيم جو جتي مختلف تعليمي سرگرمين سان شاگردن ۾ شعور پيدا ڪرڻ آهي اتي مختلف پروگرامن ذريعي شاگردن ۾ تعليمي جاڳرتا مهم جاڳائڻ به آهي۔۔۔
    تنظيم هيٺ لڳ ڀڳ 18 اسڪول ۽ هڪ ڪمپيوٽر سينٽر آهي جتي سنڌي ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين ۾ پڻ حڪومت جي تعاون سان مفت تعليم ڏني ويندي آهي۔۔۔ سندن پروگرامن ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ مختلف شاعرن جا گيت آڊيو جي صورت ۾ ريڪارڊ ڪرايا ويا ۔۔ گيت ڳائيندڙ جتي استاد هئا اتي شاگرد ۽ شاگردياڻيون به پڻ هيون۔۔
    دوست ايس ايم درس جي تعاون سان سندن اسڪولن طرفان ريڪارڊ ڪرايل گيتن کي سنڌ سلامت تي لفظن ۽ آڊيو جي صورت ۾ پيش ڪجي ٿو ۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پهريون گيت
    شان سنڌ جو
    (شاعر: مرزا اجمل ابن شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ)

    شان آھي ھن جھان ۾ شايان سنڌ جو​
    ڪيڏو ڪشادو ڪيو دامان سنڌ جو​
    آباد و شاد سنڌ کي ھر دم ڪيو خدا​
    سر سبز وادي ان جي ۽ ميدان سنڌ جو​
    ڄاواسين ۽ پلياسين ۽ نپياسين سنڌ ۾​
    لاھي ڪڏھن نه سگھنداسين احسان سنڌ جو​
    ھيءُ صوفين ولين ۽ فقيرن جو آستان​
    ٿيو ان ڪري به خدا نگھبان سنڌ جو​
    اجمل ڪفن ۽ خاڪ ڏيو سنڌ جي مون کي​
    وجھجھوم قبر تي گل ريحان سنڌ جو​
    [gmp3]fileden.com/files/2008/11/25/2199844/01%20Track%201.mp3[/gmp3]​
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٻيو گيت
    ٽرئفڪ سگنل
    (شاعر: شمشير الحيدري)
    ڳاڙھي بتي ڳاڙھي بتي​
    ڇا تي چوين تون​
    مان ٿي چوان، مان ٿي چوان​
    بيھُه ، بيھُه ، بيھُه​
    جيسين اچي ھيڊي بتي​
    بيھُه ، بيھُه ، بيھُه ..........​
    ھيڊي بتي، ھيڊي بتي​
    ڇا ٿي چوين تون؟​
    مان ٿي چوان ، مان ٿي چوان​
    ترسُ، ترسُ ، ترسُ ........​
    جيسين اچي سائي بتي،​
    ترسُ، ترسُ ، ترسُ ........​
    سائي بتي، سائي بتي​
    ڇا ٿي چوين تون؟​
    مان ٿي چوان ، مان ٿي چوان​
    ھاڻي ھل ، ھاڻي ھل​
    گاڏي کي ھلاءِ ڀلي،​
    سائيڪل کي ڊوڙائي ڀلي​
    ڌيان سان ھلجئين تون پل پل​
    مھرباني ، مھرباني​
    ڳاڙي ، سائي ، ھيڊي بتي!​
    ھاڻي سمجھيم، ھاڻي سمجھيم​
    ٽرئفڪ جو سنگنل​
    ٽرئفڪ جو سنگنل​
    واه واه ٽرئفڪ جو سنگنل​
    ٽرئفڪ جو سنگنل​
    واه واه ٽرئفڪ جو سنگنل​
    ٽرئفڪ جو سنگنل​
    واه واه ٽرئفڪ جو سنگنل​
    ٽرئفڪ جو سنگنل​
    واه واه ٽرئفڪ جو سنگنل​




    [gmp3]fileden.com/files/2008/11/25/2199844/02%20Track%202.mp3[/gmp3]​
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٽيون گيت
    ڪونج کي نه مار
    (شاعر: شمشير الحيدري)
    ڪونج کي نه مار ڀاءُ ڪونج کي نه مار​
    ڪونج ويچاري ويٺي درياءِ جي ھن پار​
    نٿ نه ٿي کپي نٿ تون نه آڻ​
    نٿ جي پئسن لي تون ڪونج کي نه مار​
    ڪونج ويچاري ويٺي درياءِ جي ھن پار​
    چوڙيون نه ٿيون کپن تون چوڙيون نه آڻ​
    چوڙين جي ڪري ڪونج کي نه مار​
    ڪونج ويچاري ويٺي درياءِ جي ھن پار​
    رئو تون نه آڻ مون لي رئو تون نه آڻ​
    رئو وٺڻ لي تون ڪونج کي نه مار​
    ڪونج ويچاري ويٺي درياءِ جي ھن پار​


    [gmp3]fileden.com/files/2008/11/25/2199844/03%20Track%203.mp3[/gmp3]​
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    چوٿون گيت
    سنڌو جي ٻڌ ڪھاڻي
    (شاعر: شمشير الحيدري)
    اي منھنجا پيارا پٽڙا​

    اي منھنجي پياري نياڻي​

    اچ مان ٻڌايان سنڌوءَ جي ڪھاڻي​

    سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي، سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي​

    مشھور آھي جيڪا جڳ ۾ ندين جي راڻي​

    صدين کان آھي قائم ھن ڏيھه جي ڌياڻي​

    تھذيب کان به جھوني تاريخ کان به پراڻي​

    سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي​

    سنڌوءَ جي سير ۾ ڏس، ڪيمياگريءَ جي قدرت​

    مٽي به سون آھي، پاڻي به آھي امرت​

    ڄائي ھماليا جي آھي ڪيڏي نه سياڻي​

    سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي​

    برفن جي شاھزادي ڪيلاش ۾ ڪڏي ٿي​

    جھرڻن ۾ ڪئن ٿي جھومي، جبلن کي ڪئن ٿڏي ٿي​

    ھونئن مانسروور ۾ ڪيڏي نه ھئي نماڻي​

    سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي​

    لداخ کي لتاڙي، گگلت کان آئي ھنزا​

    جبلن جي جان جھوري، پٿر ڪيائين پرزا​

    بيحد بلندين تان، ڪشمير ڏانھن اڏاڻي​

    سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي​

    ڪشمير کان جو نڪتي، پنجاب ڏي اڏامي​

    پنجن ندين ادب سان ڊوڙي ڏني سلامي​

    ھاڻي ھلي ٿي سنڌ ڏي، ڇا ٽور آ شھاڻي​

    سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي​

    ڌرتيءَ جي ساري خوشبو سنڌوءَ ۾ جا سمائي​

    قدمن ۾ سنڌ جي سا آڻي انھيءَ پڄائي​

    ھر جيءَ ۾ جان آئي، ھر ساھ سگھه ماڻي​

    سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي​

    ڪشمور کان ڪراچي، سنڌوءَ جي موج مستي​

    ساگر اندر اچيو ٿي پنھنجي وڃائي ھستي​

    ھيڏي سڄي سفر جي ٿي خير سان پڄاڻي​

    سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي​


    [gmp3]fileden.com/files/2008/11/25/2199844/04%20Track%204.mp3[/gmp3]​
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پنجون گيت
    صحت جو گيت
    (شاعر: شمشير الحيدري)
    ٻارو رکو صحت جو خيال​
    صحت بنا جيئڻ جنجال​
    صبح اٿڻ سان ڏندڻ ڪريو​
    وھنجي ڌوتل ڪپڙا پھريو​
    وار سنواري ٿيو نھال​
    نيرن کائي وڃو اسڪول​
    خوب پڙھڻ ۾ ٿيو مشغول​
    پاس ٿي ڏيکاريو ھر سال​
    منجھند جو آرام ڪريو​
    گھر جي ڪم جو ڌيان ڌريو​
    شام جو کيڏو بيٽ ۽ بال​
    سج لھي ته پڙھڻ تي ويھو​
    ھوم ورڪ سڀ پورو ڪريو​
    ڪريو پورا سڀ سوال​

    [gmp3]fileden.com/files/2008/11/25/2199844/05%20Track%205.mp3[/gmp3]​
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڇهون گيت
    اچو ته پنھنجو ڳوٺ سڌاريون
    (شاعر: سليم ھالائي)
    ٻنيون ٻارا باغ سنواريون، پنھنجا گھر ۽ گھاٽ اُجاريون،​
    روشن مستقبل ڏي نھاريون، اچو ته پنھنجو ڳوٺ سڌاريون​
    رستن تي ڇڻڪار ڪنداسون، پاسن کان وڻڪار ڪنداسون،​
    لڳي وڃن چو طرف بھاريون، اچو ته پنھنجو ڳوٺ سڌاريون​
    علم ھنر ھڪ دولت آھي، جنھن کي چوريءَ جو ڊپ ناھي،​
    ننڍن وڏن کي علم سيکاريون، اچو ته پنھنجو ڳوٺ سڌاريون​
    گند ڪچري ۾ آ بيماري، آھي صفائي حڪمت واري​
    ڳوٺن مان ڪچري کي ٻھاريون، اچو ته پنھنجو ڳوٺ سڌاريون​
    موليٰ ملڪ ۾ مال وڌائي، پنھنجو سليم تي ڀالُ ڀلائي​
    ڀليون ھجن شل پنھنجون ڀٽَاريون، اچو ته پنھنجو ڳوٺ سڌاريون​
    (ڪلاس پنجون ڪورس مان کنيل پيج نمبر: 55 )​
    [gmp3]fileden.com/files/2008/11/25/2199844/06%20Track%206.mp3[/gmp3]​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ستون گيت
    منھنجي امڙ
    (شاعر: ڀيرو مل غريب)
    مون کي ڪنھن ٿي کير پياريو، ننڍ ڦٽي مون جڏھن ٿي پيئي​
    پيار منجھان ٿي گود ويھاريو، ڪنھن ٿي سمھاريو لولي ڏيئي؟​
    منھنجي امڙ منھنجي امڙ​
    پنڌ ڪندي جي ڌڪو کاڌم ، صبح سانجھي سار لڌائين،​
    ڪنھن کڻي ٿي ڇاتي لاتم، کاڌو پيتو ڪيئن ٿي ڏنائين​
    پيار منجھان ٿي ڀاڪر پاتم، مون تي پنھنجو ساھ ڇڏيائين​
    منھنجي امڙ منھنجي امڙ​
    تو ڪئي مون سان آھ ڀلائي، وڌي جڏھن آئون وڏو ٿيندس​
    تو لئه ڪريان شُڪر سدائي، سک سوين آئون توکي ڏيندس​
    مور نه وسري تنھنجي چڱائي، توتي پنھنجو ساھ ڇڏيندس​
    منھنجي امڙ منھنجي امڙ​
    (ڪلاس ٻيون ڪورس مان کنيل پيج نمبر: 18 )​
    [gmp3]fileden.com/files/2008/11/25/2199844/07%20Track%207.mp3[/gmp3]​
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اٺون گيت
    گُڏي
    (شاعر: نامعلوم)
    اچوڙي ڀينر راند رچايون​
    ننڍڙي گُڏڙيءَ کي پرڻايون​
    اچو گڏي کي زيور پايون​
    ڀرت ڀريل پوشاڪ ڍڪايون​
    گلن ڦلن جي سيج وڇايون​
    ڏاج ڏيون ۽ گھور گھمايون​
    گڏجي گيت خوشيءَ جا ڳايون​
    ننڍڙي گُڏڙيءَ کي پرڻايون​
    گُڏڙي پنھنجي گھر جي راڻي​
    پڙھيل لکيل ۽ سگھڙ سياڻي​
    کٽي نه ان جو ان ۽ پاڻي​
    ڏين مبارڪ ٻايون دايون​
    ننڍڙي گُڏڙيءَ کي پرڻايون​
    (ڪلاس ٻيون ڪورس مان کنيل پيج نمبر: 40)​
    [gmp3]fileden.com/files/2008/11/25/2199844/08%20Track%208.mp3[/gmp3]​
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    نائون گيت
    سائيڪل
    (شاعر: شمشير الحيدري)
    بابا ڏياري سائيڪل​
    بابا ڏياري سائيڪل​
    ڪير ھلي ھاڻي پيدل​
    ڪير ھلي ھاڻي پيدل​
    سائيڪل پنھنجي نئين نياري​
    گھنٽي ھن جي ٽڻ ٽڻ واري​
    واه ڦري ٿو ڪيئن ھينڊل​
    بابا ڏياري سائيڪل​
    مور نه ٿئي ٿي پنڪچر​
    ائيڻ ڊوڙي جيئن لاري موٽر​
    ھٿن مان ترڪي پيو ھينڊل​
    بابا ڏياري سائيڪل​
    سڀ کان سستي سولي سواري​
    سارو ڏينھن گھمان چوڌاري​
    ڪو نه ٿئي پيٽرول جو بل​
    بابا ڏياري سائيڪل​
    ڌيان سان روڊ تي ھلندو آھيان​
    آسي پاسي ڏسندو آھيان​
    تڪڙ ڪڏھن نه ڪريان مور​
    بابا ڏياري سائيڪل​
    ڳاڙھي بتيءَ تي بيھندو آھيان​
    سائي بتي تي ھلندو آھيان​
    ٽوڙيان ڪو نه ڪڏھن سنگنل​
    بابا ڏياري سائيڪل​
    [gmp3]fileden.com/files/2008/11/25/2199844/09%20Track%209.mp3[/gmp3]​
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    الف ب جي پٽي



    ابٻڀ تٿ ٽ
    ٺ ث پ ج ڄ۔ جهه ڃ۔۔۔۔۔۔
    چ ڇ حخ د۔ ڌ ڏ

    ڊ ڍ ذرڙ ز س

    ش ص ضطظ۔ ع غ

    ف ڦ قڪک گ ڳ

    گهه ڱ ل من۔ ڻ و

    هه ء ي ۔



    [gmp3]fileden.com/files/2008/11/25/2199844/10%20Track%2010.mp3[/gmp3]
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    تمام سهڻو ڪم ڪيو اٿوَ ۔۔۔ پيارا رشيد ۔۔۔ هميشه جيئان ٻاراڻا گيت لڳائي سنڌ سلامت جي رونق وڌائي ڇڏي اٿوَ ۔۔۔ لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين محنت آهي علمي گيتن ۾ ٻارن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي۔
     
  14. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    نهايت بهترين سائين لکين قرب جو اهڙي ناياب ونڊ اسان سان ڪئي وئي آهي۔ شل سدا سلامت رهو۔۔۔سائين اسان وٽ به ڪو جيڪڏهن آڊيو گيت هجي ته اهو سنڌ سلامت تي ڪئين اپلوڊ ڪجي؟؟؟ آگاهي ڏيندا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    مهرباني سائين رشيد صاحب، اڄ پنهنجن ننڍڙن ٻارن جي آواز ۾ ڳايل تعليمي گيت توهان جي ئي محنت ۽ ساٿ سان سنڌ سلامت تي آيا آهن۔ اميد تۡه توهان جو شفقت ڀريو ساٿ اسان سان هميشه رهندو۔
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهي گيت جيڪي ننڍي هوندي اسان به ياد ڪيا ۽ اسان به ڳايا، انهن جي سهڻي انداز ۽ مٺڙي آواز ۾ ٻڌي خوشي ٿي۔
     
  17. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    دل کي وڻندڙ ونڊ آهي ڏاڍي سُٺي ونڊ آهي وڏا مهرباني
     
  18. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    چونڊ معياري آهي
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رشيد سائين ھي اھم ٿريڊ آھي .... مھرباني ڪري آڊيو فائيل جا لنڪ سڌا ڪيو
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    ادا رشيد صاحب گيتن جي سي ڊي ڀاءُ تائين پهچائي ڇڏي آهي.
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو