ڏسجي پيو ته ٻين قومن وانگ هاڻ اٺ جو سنڌي نسل به ماڊريشن جي چولي ۾ تمام تيزيءَ سان پنهنجي پراڻي رسمن ۽ روايتن، رواجن ۽ اخلاقي تقاضائُن کي پُٺتي ٿُڏيندو ۽ منهن موڙيندو امريڪا ۽ يورپ جي تقليد پيو ڪري. هن وقت مڪمل انگريزي تعليم ۽ انگريزي نما ماحولَ جي تقليد ڪندي اُهي پيا ڏسجن جيڪي بظاهر ڪلچر جا کوکلا نعرا به حڻ ٿا ۽ اُنهن جو اولاد ئي ٻاهر وڃي پڙهي ٿو ۽ ٻاهر جي ڪلچر کي هتي وارد ڪري ٿو. ماحول تمام تيزيءَ سان اسانجي معصوم سماج کي پنهنجي جھوليءَ ۾ جپٽي آيو آهي ۽ اسانجو اٺ جو اُٻالي نوجوان پنهنجن ابن ڏاڏن جو وُجود وڃائندو، اگرچه اڃا تائين مُڪمل امريڪي يا يورپين ڪلچر ۾ تبديل نه ٿيو آ، ما سواءِ اُنهن برگر فيملين جي جيهنجا ٻار امريڪه ۽ يورپ ۾ پرورش وٺن پيا ۽ اُنهن جو نقل ڪندي هاڻ هتي جو نوجوان به ڪٿي ڪٿي سرگوشين ۾ سهي، پنهنجي وڏڙن کان بيزاريءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽ اُنهن کان ڇوٽڪارو وٺڻ لاءِ اولڊ ايج هوم نه سهي، پر انهيءَ طرز تي انهن جا اجھا ٺاهي پاڻ کان دور ڪري ٿو ته جيئن هو وڄ ۾ رڪاوٽ بڻجي زندکي جي رنگينين کي ڪارو نه ڪن. موهنجي هيءَ ڪهاڻي به اهري ئي هڪ موضوع تي آهي. سيريل جي ڪهاڻي هن ريت آهي: گلف ڪرائيسز ۽ فيول جي منهنگائيءَ ڪري گورنمنٽ قومي ادارن ۾ گولڊن شيڪ هينڊ اسڪيم متعارف ڪرائي ٿي ۽ ادارن جا وقتي ملازم وقتي فائدي خاطر وقت کان پهرين رٽائرمينٽ وٺن ٿا. رنڊوو يوسف علي به ڪنهن مقامي ايئر لائين ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ پنهنجن چئن پُٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جي شاديءَ ڪرائڻ لاءِ، هڪ دوست ملوڪ جي صلاح سان گولڊن شيڪ هينڊ وٺي ٿو. ملوڪ ته نوڪريءَ دوران ئي اثر رُسوخ هوندي