وتايو اِن ڪراچي ( مزاحيه سيريل) تحرير مُڪالما ۽ منظر ڪشي عبدالرزاق ميمڻ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اسانجو پوڙهو ۽ پيرسن طبقو، جيڪو اونهاري ۾ وڻن هيٺان يا دريا جي ڪپ تي ۽ سياري جي موسم ۾ باه جي مچ تي ڪچهرين جو ڪوڏو آهي، اُهو ته وتائي جي نصيحت ڀريل گُفتن ۽ اُنهن جي اهميت کان آگاه آهي ئي، پر اسان جي نئين ٽهي، شايد اهو نٿي ڄاڻي ته وتايو زمان جو، مقام ۽ مڪان کان آزاد هر دئور ۾ ڏاڍ، ڪوڙ، منافقي ۽ بٽي معيار جي خلاف احتجاج جي علامت هو ۽ آهي.
    وتائي کي گُذرئي اڄ تقريبن ٽي سئو ورهه اچي ٿيا آهن پر وتايو ڪالهه به هو، اڄ به آهي ۽ سُڀاڻ به هوندو، هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وتائي جي ان پيغام کي، انهن ئي مذاحن سان ڀرپور اندازن ۽ طريقن سان هن ايڪيهين صديءَ جي هن نئين ڪمپيوٽرائيزد ٽَهي جي اڳيان هُنن جي طريقن تحت پيش ڪجي، جيئن هو، ڊسڪ ۽ کسڪو ڇڏي وتائي کي به ڏسن، پڙهن ۽ سمجھن. تنهنڪري سنڌي ادب ۾ اها بي ايماني آئون ڪريان ٿو ۽ سنڌ جي ان مشهور ڪريڪٽر ۽ درويش صفت وتائي کي، سندس ئي انداز ۽ نقُلن سان پر، جديد دئور سان به مُشابهت ڏيندي، هن ايڪيهين صدي ۾ وٺي اچان ٿو. ۽ ان لاءِ به ته وتائي تي ايترو ڪافي لکيل به ناهي ۽ ٽوٽڪن جو مقدار به مڙئي پورو سورو آهي ۽ اُن مان ديوان ته نٿو لکرائي سگھجي يا سئو چم قسطون نٿيون لکجي سگھن.
    تنهنڪري مُهنجي هن اسٽوري جو عنوان به آهي (وتايو ان ڪراچي) پوءِ هر ماڻهون پنهنجي ليکي ۽ذهني سوچ سان هن کي هڪ ڪريڪٽر وتايو سمجھي پوءِ اهو وتايو، اَڳُ جو هو، اڄ جو آهي يا سُڀاڻ جو هوندو، اهو فيصلو پاڻ ڪندا ۽ مونکي بري اُلذمه سمجھندا ۽ ڪنهن ادبي عدالت ٿا تنقيد نگار کان پاسو ڪرائيندا، کو جو هي سوچ موهنجي پنهنجي آهي ۽ مان هن جھموري دئور ۾ اُن جو حق به رکان ٿو.
    ڊراماٽيز ڪرڻ لاِ هيءَ هڪ پنجويهن منٽن جي سٽ ڪام (سِچُئيشَن ڪاميڊِي) اسٽوري هوندي، جنهن جو بيس، ٽوٽڪا ۽ تاريخي ڪهاڻي ته اُهائي ساڳيا پُراڻا هوندا پر مان هن وتائي صاحب کي پراڻي دئور مان ڪڍي، هن نئين دئور ۾ ڳوٺ ڳوٺ گھحمائي ڪراچيِ جي روڊن تي آڻڻ چاهيان ٿو. ڏيڪارڻ چاهيان ٿو ته جيڪر وتايو هن دئور ۾ حوجي ها ته کيس اڄ جي ٽهي ڪيئن ڏسي ها ۽ جي عو ڀُلجي به ڪوچ ۾ چڙهي ڪراچي شهر ۾ پُهتو به آهي ته هُن جون ايڪٽوٽيز ڇا هُجن ها.
    آهي ته مزاح پر اڄ جي نسل کي اهو ڏيکارڻو مقصود هوته وتايو اسان لاءِ ڇا هو، ۽ اهو به ته هُنَ (وتائي) مُعاشري جي اصلاح جا ڪم، وعظن، تقريرن، يا اجاين بحثن سان نه پر ، عجيب و غريب عمل سان ڪري ڏيکاريا، جنهن ۾ نه گوڙ هو، نه جلسو هو، ۽ نه ئي اخباري خبر هُئي، بس هُئي ته صرف زباني جمع خرچي ۽ پنهنجي مُنهن ڀُڻ ڀُڻ’’ هاڻ اچو ته ڪهاڻي وڏايون؛
    ڪهاڻي هن ريت آ
    سنڌ جي هڪ مشهور شهر نصرپور جي ڳوٺ، تاجپور ۾ ڀڳت ميلهو رام ۽ ڀڳت ساڌورام ٻه ڀائُر، ذات جا کتري رهندا آهن. ميلهو رام ڌوٻڪو ڌنڌو ڪندو آهي جڏنهن ته ساڌُو رام ڇُر ۽ رڱاوٽ جو. ساڌو رام جي هڪ زال آهي رُڪمڻي، جنهن کي هڪ نياڻي آهي ورائي، جنهن جي شادي نصرپور ۾ ٿيل آهي ۽ کيس ٻه پُٽ آهن، ورايو ۽ وتايو.
    ورايو ڪنهن سُکي ستابي گھر ۾ هارپو ڪري ٿو ، جڏنهن ته ننڍو پُٽ وتايو، فقير منش آهي، ۽ خوش طبٿ، کل ڀوڳ ڪرڻ وارو مست ملنگ آهي ۽ هر وقت پنهنجي مُنهن ڀُڻ ڀُڻ ڪندو رهي ٿو. ننڍو آهي تنهنڪري سڏينس ئي وَتُو ٿا. وَتوءَ جي عُمر ڪوٽ۾ سندس ئي ڪنهن عزيزياڻيءَ سان ننڍي هوندي کان ئي مڱڻي ٿيل آهي. وتو سيلاني قسم جو، جھر جھنگ جھاڳڻ وارو ڇوڪرو آهي، ڳالهه ڳالهه تي رستي تان ٿڙيل ماڻهن نما انسانن کي سمجھاڻي ڏيڻ سان گڏوگڏ غلط مُعاشري تي طنز به ڪندو آهي.
    وتوءَ جي دوستي آهي ايڪيهن صديءَ جي هڪ ٿُلهي پيٽو ۽ ننڍي قد جي اَجُوءَ سان، جيڪو آهي ته نئين سعيدآباد جو پر هاڻ رهي ٿو ڪراچيءَ ۾. اَجُو وَتُوءَ کي ڪراچي گھُمائڻ لاِءِ گھورائي ٿو ۽ وُتو گھُمندي گھومندي لُنڊا بازار مان، ٽوپلو(هيٽ)، وڏي رنگين ٽاءِ، (جيڪا هو جرسي تي پائي ٿو)پنهنجي پيٽُو دوست اَجوءَ سان گھٽي گھٽي، سمنڊ ڪنارا گھمي ٿو ۽ گھٽ وري اَجو به ڪونهين هُن جي ڊريس ۾ تُرڪن واري ڳاڙهي ڊگھي توپي، هڪ رنگين کُلي ٽي شرٽ، آڳن تي ويڪري ٽاءِ، پينٽ بدران چڍو، وات م چوسڻي پيل آهي. ٻئي دوست گھمندي ڦرندي واٽهوڙن کي تنگ ڪندي، نصيهتو ڪندي عجب و غريب حرڪتون ڪندا ڏيکائي ڏيندا ۽ وتائي سڀ نَقُل اظافي لفظن سان ملائي شهر جي ويرانين کي محفلن ۾ رچائي ڇڏيندا.
     
  2. نواب خان ڪيريو

    نواب خان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    BSC PASS
    ماڳ:
    SAKRAND
    جواب: وتايو اِن ڪراچي ( مزاحيه سيريل) تحرير مُڪالما ۽ منظر ڪشي عبدالرزاق ميمڻ

    ادا وتايو ڪراچي ڪيڏي محل پهچندو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو