اڄوڪي ڏينهن 11 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 11 اپريل 1934ع پروڊيوسر ممتاز اعواڻ (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 اپريل 1934ع ناليواري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار فضل احمد بچاڻي (ٽنڊو الهيار) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 اپريل 1944ع شاعر ڊاڪٽر عابد لغاري (تاجپور) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1947ع سياستدان ارباب کهاوڙ (وارهه) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1951ع شاعر ڪنيو سڌواڻي (احمد آباد) جيجنم جو ڏينهن آهي. 11 اپريل 1949ع بيوروڪريٽ اشفاق ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1960ع سگهڙ اصغر منگي (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1960ع شاعر عبدالمجيد مغيري جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1971ع شاعر ڪوثر هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1986ع شاعر نذير سروهي (گمبٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1990ع شاعر عجب شيخ جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 11 اپريل 1869ع بزرگ سيد علي محمد شاهه ديرائي جو لاڏاڻو ٿيو. 11 اپريل 1931ع فريڊم فائيٽر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد جي وفات ٿي. 11 اپريل 1966ع شاعر عبدالستار جان پير جو انتقال ٿيو. 11 اپريل 1983ع مشهور گلوڪار احمد رشدي جو انتقال ٿيو. 11 اپريل 2004ع شاعر هري درياڻي دلگير (لاڙڪاڻو / آديپور) جي ديهانت ٿي. _______ اڄوڪي ڏينهن 11 اپريل جا ڪجهه اهم واقعا حواله: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ روزانه ڪاوش انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وڪيپيڊيا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام _______
ﻓﻀﻞ ﺍﺣﻤﺪ ﺑﭽﺎﮢﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻧﺎﻣﻮﺭ ﺍﺩﻳﺐ ﻣﺤﺘﺮﻡ ﻓﻀﻞ ﺍﺣﻤﺪ ﺑﭽﺎﮢﻲ ڪﺎﻓﻲ ﻭﻗﺖ ﻋﻠﻴﻞ ﺭﻫﮡ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺗﻘﺮﻳﺒﺎً 52 ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻋﻤﺮ ۾ -23 ﺁﮔﺴٽ 1987 ﻉ ﺗﻲ ﻫﻦ ﻓﺎﻧﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺭﻫﻨﺪڙﻥ ﺳﭝﻨﻲ ﺩﻭﺳﺘﻦ ۽ ﻋﺰﻳﺰﻥ ﺳﺎﻥ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻻﺀِ ﺳﭛ ﻧﺎﺗﺎ ﻻﻫﻲ ﻭﭸﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﺎﻟﻖ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﺳﺎﻥ ﻣﻠﻴﻮ . ﻓﻀﻞ ﺍﺣﻤﺪ ﺑﭽﺎﮢﻲ ﻣﺮﺣﻮﻡ ٽﻨڊﻱ ﺍﻟﻬﻴﺎﺭ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺧﺎﻧﺼﺎﺣﺐ ﻣﺤﻤﺪ ﮀٽﻞ ﺟﻮ ﻓﺮﺯﻧﺪ ﻫﻮ . ﮐﻴﺲ ﻧﻨﮃﻱ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﮐﺎﻥ ﺋﻲ ﺍﺩﺏ ۽ ﺻﺤﺎﻓﺖ ﺳﺎﻥ ﺩﻟﭽﺴﭙﻲ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﻫﺌﻲ، ﺟﻨﻬﻨڪﺮﻱ ﮔﺮﻳﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ڪﺮﮠ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺍﻫڙﻥ ﺍﺩﺍﺭﻥ ﻣﺜﻼً ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ، ﺍﺧﺒﺎﺭ ۽ ﺍﻧﻔﺮﻣﻴﺸﻦ ﮐﺎﺗﻲ ﮐﺎﻥ ﻭﺍﺑﺴﺘﻪ ﺭﻫﻴﻮ، ﺟﺘﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﻋﻠﻤﻲ ۽ ﺍﺩﺑﻲ ﺫﻭﻕ ﺟﻲ ﺗﺴڪﻴﻦ ﭤﻴﻨﺪﻱ ﺭﻫﻲ؛ ﻣﮕﺮ ﺳﻨﺪﺱ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﻧﻮڪﺮﻱ ﺟﻮﻥ ﭘﺎﺑﻨﺪﻳﻮﻥ ﻗﺒﻮﻝ ڪﺮﻱ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻲ، ﺟﻨﻬﻨڪﺮﻱ ﺍﻫﻲ ﻧﻮڪﺮﻳﻮﻥ ﮀڏﻱ ڏﻧﺎﺋﻴﻦ . ڪﺠﻬﻪ ﻭﻗﺖ ﻻﺀِ ﺣﺒﻴﺐ ﺑﺌﻨڪ ۾ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﭤﻲ ﺭﻫﮡ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺍﻫﺎ ﻧﻮڪﺮﻱ ﺑﻪ ﮀڏﻱ ڏﻧﺎﺋﻴﻦ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺭﻭﺯﻱ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﮠ ﻻﺀِ، ڪﺠﻬﻪ ﻧﻪ ڪﺠﻬﻪ ڪﺮﮠ ﺧﺎﻃﺮ، ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ ﭘﻴٽﺮﻭﻝ ﭘﻤﭗ ۽ ٽﻨڊﻭ ﺍﻟﻬﻴﺎﺭ ۾ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎﺭٽﺲ ﺟﻮ ﺩڪﺎﻥ ﮐﻮﻟﻴﺎﺋﻴﻦ، ﻣﮕﺮ ﻭﺭﻱ ﺍﺗﻲ ﺑﻪ ﺳﺎﮘﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺍﮘﻴﺎﻥ ﺁﺋﻲ، ﻳﻌﻨﻲ ﺩﻭڪﺎﻥ ﺗﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪﻱ ﺳﺎﻥ ﻭﻳﻬﮡ ۽ ﮔﺮﺍﻫڪﻦ ﺳﺎﻥ ﺷﻴﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ﻏﻠﻂ ﺑﻴﺎﻧﻲ ﮐﺎﻥ ڪﻢ ﻭﭠﻲ ﺍﮔﻬﻪ ﭘﺎﺭ ﺟﺎ ﻣﻌﺎﻣﻼ ﻃﺌﻲ ڪﺮﮠ ﺳﻨﺪﺱ ﺫﻭﻕ ۽ ﻭﺱ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ، ﺟﻨﻬﻨڪﺮﻱ ﺟﻠﺪ ﺍﻫﻮ ﺩﻭڪﺎﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫڪ ﻋﺰﻳﺰ ﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪﺮﻱ ﭘﺎﮠ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻻﺀِ ﮔﻮﺷﻪ ﻧﺸﻴﻨﻲ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﺮﻱ ﻓﻘﻂ ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ ۽ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ۾ ﻭﺍﮄﺍﺭﻱ ﺧﺎﻃﺮ ﻟﮑﮡ ﻻﺀِ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﻣﺤﺪﻭﺩ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﺎﺋﻴﻦ . ﻓﻀﻞ ﺍﺣﻤﺪ ﺑﭽﺎﮢﻲ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ڪﺘﺎﺏ ﻟﮑﻴﺎ، ﺟﻦ ۾ ﺳﻨﺪﺱ ﻃﺒﻊ ﺯﺍﺩ ۽ ﺗﺮﺟﻤﺎ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﻣﺮﺣﻮﻡ ڪﺎﻓﻲ ﻭﻗﺖ ﺍﮖ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﻧﺎﻭﻝ ﺷﻲﺀَ ( SHE ) ﺟﻮ ﺳﻨﮅﻱ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻋﺎﺷﻲﺀَ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ڪﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﻳﺒﻦ ۽ ﺩﺍﻧﺸﻮﺭﻥ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﺳﺎﺭﺍﻫﻴﻮ ۽ ﭘﺴﻨﺪ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ .ﻋﺎﺷﻲﺀَ ﺟﻲ ﺷﺎﻳﻊ ﭤﻴﮡ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺳﻨﺪﺱ ﺷﻤﺎﺭ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻧﺎﻣﻮﺭ ﺍﺩﻳﺒﻦ ۾ ﭤﻴﮡ ﻟﮙﻮ .ﻣﺮﺣﻮﻡ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ڪﺘﺎﺏ ﻟﮑﻴﺎ، ﺟﻦ ۾ ”ﺭﻭﺡ ﺟﻲ ﮘﻮﻻ “ ، ” ﺳﭙﻮﻥ “ ” ﺁﺳڪﺮ ﻭﺍﺋﻠڊ ﺟﺎ ﺧﻂ “ ۽ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ڪﻴﺘﺮﺍ ڪﺘﺎﺏ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ، ﺟﻦ ﮐﻲ ﭘﮡ ﻋﻮﺍﻡ ۽ ﺧﻮﺍﺹ ۾ ﮔﻬﮣﻲ ﻣﻘﺒﻮﻟﻴﺖ ﺣﺎﺻﻞ ﭤﻲ . ﺍﻧﻬﻦ ڪﺘﺎﺑﻦ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ﻣﺮﺣﻮﻡ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺧﺒﺎﺭﻥ ۽ ﺭﺳﺎﻟﻦ ۾ ﮔﻬﮣﺎ ﻣﻀﻤﻮﻥ ﻟﮑﻴﺎ، ﺟﻴڪﻲ ﭘڙﻫﻨﺪڙﻥ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﺑﻴﺤﺪ ﭘﺴﻨﺪ ڪﻴﺎ ﻭﻳﺎ . ﺑﭽﺎﮢﻲ ﻣﺮﺣﻮﻡ ﻧﺜﺮ ﺳﺎﻥ ﮔڏﻭ ﮔڏ ﻧﻈﻢ ۾ ﺑﻪ ﻃﺒﻊ ﺁﺯﻣﺎﺋﻲ ڪﺌﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻃﺒﻊ ﺯﺍﺩ ﺷﻌﺮ ۽ ﻧﻈﻢ ﻟﮑﻴﺎ . ﺍﻧﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ﺷﻴڪﺴﭙﻴﺮ ﺟﻲ ﻧﻈﻤﻦ ﺟﻮ ﺳﻨﮅﻱ ﻧﻈﻢ ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ڪﻴﻮ، ﺟﻴڪﻲ ﺗﺎﺯﻭ ” ﻣﻬﺮﺍﮠ “ ﺭﺳﺎﻟﻲ ۾ ﮀﭙﺠﻲ ﭼڪﺎ ﺁﻫﻦ . ﻣﺮﺣﻮﻡ ﮐﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﺗﺮﺟﻤﻮ ڪﻴﻞ ڪﺘﺎﺑﻦ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻲ ﺷﻬﺮﺕ ﺣﺎﺻﻞ ﭤﻲ، ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ﺳﻨﺪﺱ ﻃﺒﻊ ﺯﺍﺩ ڪﺘﺎﺑﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﭘﺴﻨﺪ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﺁﺧﺮﻱ ڪﺘﺎﺏ ” ﺍﮘﻲ ﺍﺋﻴﻦ ﻫﻴﺎﺱ “ ، ﺟﻴڪﻮ ﭔﻦ ﺣﺼﻦ ۾ ﺷﺎﻳﻊ ﭤﻴﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻮ ﺳﻨﺪﺱ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﺟﻲ ﻳﺎﺩﻥ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﺟﻮﻥ ﻳﺎﺩﻭﻥ، ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻭﻗﺖ ﺟﻮ ﻣﺎﺣﻮﻝ، ﺍﻫﻢ ۽ ﺩﻟﭽﺴﭗ ﻭﺍﻗﻌﺎ، ﺍﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺘﻦ ﺳﺎﻥ ﻣﻼﻗﺎﺗﻮﻥ، ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺩﻭﺭ ﺟﻮﻥ ﺍﻗﺘﺼﺎﺩﻱ، ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺣﺎﻟﺘﻮﻥ، ﻫﻨﺪﻭ ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ ﺟﻮ ﭘﺎﮠ ۾ ﻣﻴﻞ ﺟﻮﻝ، ڪﺎﺭﻭﺑﺎﺭ، ﮔﻬﺮﻳﻠﻮ ٽﻮٽڪﺎ، ﺳﻨﮅ ﺟﻮﻥ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﺣﺎﻟﺘﻮﻥ ۽ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ڪﻴﺘﺮﺍ ﺩﻟﭽﺴﭗ ۽ ﺍﻫﻢ ﻭﺍﻗﻌﺎ ﺗﻤﺎﻡ ﺩﻟﭽﺴﭗ ﺍﻧﺪﺍﺯ ۾ ﺗﺤﺮﻳﺮ ڪﻴﺎ ﺁﻫﻦ، ﺟﻴڪﻲ ﭘڙﻫﻨﺪڙﻥ ﻻﺀِ ﺩﻟﭽﺴﭙﻲ ﺳﺎﻥ ﮔڏﻭﮔڏ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺕ ۾ ﭘﮡ ﺍﺿﺎﻓﻮ ڪﻦ ﭤﺎ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ڪﺘﺎﺏ ” ﺍﮘﻲ ﺍﺋﻴﻦ ﻫﻴﺎﺱ “ ( ﭔﻪ ﺣﺼﺎ ) ﮐﻲ ﭘﮡ ﺩﺍﻧﺸﻮﺭﻥ، ﺍﺩﻳﺒﻦ ۽ ﻋﺎﻡ ﭘڙﻫﻨﺪڙﻥ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻮ ﺳﺎﺭﺍﻫﻴﻮ ۽ ﭘﺴﻨﺪ ڪﻴﻮ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ﻣﺮﺣﻮﻡ ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ڪﻴﺘﺮﺍ ڪﺘﺎﺏ ﺍﮠ ﮀﭙﻴﻞ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ، ﺟﻦ ﮐﻲ ﺷﺎﻳﻊ ڪﺮﻱ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ۾ ﻭﺍﮄﺍﺭﻭ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ . ﻓﻀﻞ ﺍﺣﻤﺪ ﻣﺮﺣﻮﻡ ﮐﻲ ﻟﮑﮡ ﺳﺎﻥ ﮔڏﻭ ﮔڏ ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ ﺟﻮ ﭘﮡ ﮔﻬﮣﻮ ﺷﻮﻕ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻨڪﺮﻱ ﺳﻨﺪﺱ ﭴﺎﮠ ۽ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺕ ﺗﻤﺎﻡ ﻭﺳﻴﻊ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﻫﺌﻲ . ڪﺠﻬﻪ ﻭﻗﺖ ﺍﮖ ﭘﺎﮠ ٽﻨڊﻭﺍﻟﻬﻴﺎﺭ ۾ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺍﺩﻳﺒﻦ ۽ ﺷﺎﻋﺮﻥ ﮐﻲ ﻫڪ ﭘﻠﻴٽ ﻓﺎﺭﻡ ﺗﻲ ﮔڏ ڪﺮﻱ ﻫڪ ﺍﺩﺑﻲ ﺍﻧﺠﻤﻦ ﭠﺎﻫﮡ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺶ ڪﺌﻲ، ﻣﮕﺮ ڪﻦ ﻣﺠﺒﻮﺭﻳﻦ ۽ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺍﺩﻳﺒﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﺎﻭﻥ ﻧﻪ ﻫﺌﮡ ڪﺮﻱ ﺍﻫﺎ ﭠﻬﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻲ . ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﻣﺮﺣﻮﻡ ﺭﻭﺯﺍﻧﻪ ﺷﺎﻡ ﺟﻮ ﺭﺍﻗﻢ ﺍﻟﺤﺮﻭﻑ ﺟﻲ ﺩﻭڪﺎﻥ ﺗﻲ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮ، ﺟﺘﻲ ﺭﻭﺯﺍﻧﻪ ﺍﺩﺑﻲ ۽ ﻧﻴﻢ ﺍﺩﺑﻲ ڪﭽﻬﺮﻳﻮﻥ ۽ ﻋﻠﻤﻲ ﺑﺤﺚ ﭤﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻨﮅ ﻧﺎﻣﻮﺭ ﺍﺩﻳﺐ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻭﻟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﻃﺎﻫﺮﺯﺍﺩﻭ ﺻﺎﺣﺐ، ﻣﺎﺳﺘﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺑﺨﺶ ﺑﻮﺯﺩﺍﺭ، ﻣﺤﻤﺪ ﺩﺍﺋﻮﺩ ﺑﻮﺯﺩﺍﺭ، ﺭﺍﻗﻢ ﺍﻟﺤﺮﻭﻑ ۽ ﭔﻴﺎ ﺍﺩﺑﻲ ﺫﻭﻕ ﺭﮐﻨﺪڙ ﺩﻭﺳﺖ ﺷﺎﻣﻞ ﭤﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ . ﺍﭲ ﻓﻀﻞ ﺍﺣﻤﺪ ﺑﭽﺎﮢﻲ ﻣﺮﺣﻮﻡ ﻫﻦ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﺳﻨﺪﺱ ﻟﮑﮣﻴﻮﻥ، ڪﺘﺎﺏ ۽ ﺳﻨﺪﺱ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮﻥ ﺩﻭﺳﺘﻦ، ﻋﺰﻳﺰﻥ ۽ ﭘڙﻫﻨﺪڙﻥ ﺟﻲ ﺩﻟﻴﻦ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ ۽ ﺭﻫﻨﺪﻳﻮﻥ . ﻣﺮﺣﻮﻡ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻮﻳﺎﻥ ﻫڪ ﺑﻴﻮﻩ، ٽﻲ ﻧﻴﺎﮢﻴﻮﻥ ۽ ٽﻲ ﭘٽ ﻏﻤﮕﻴﻦ ﮀڏﻳﺎ ﺁﻫﻦ، ﺑﺎﺭﮔﺎﻫﻪ ﺍﻻﻫﻲ ۾ ﺩﻋﺎ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﮄﮢﻲ ﺗﻌﺎﻟﻲٰ ﮐﻴﺲ ﺟﻨﺖ ﺍﻟﻔﺮﺩﻭﺱ ﻋﻄﺎ ڪﺮﻱ ۽ ﭘﻮﻧﻴﺮﻥ ﮐﻲ ﺻﺒﺮ ﺟﻲ ﺗﻮﻓﻴﻖ ڏﻱ . - ﺷﻮڪﺖ ﺣﺴﻴﻦ ﻣﻴﻤﮡ