يورپ۾ ويلنٽائين ڊي (مُحبت جو ڏينهاڙو) نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ منائبو آهي، اڄ ڪلهه اهو رُجحان اسان وٽ به اچي پُهتوآ هي خاص طرح سان ٽي وي ڊرامن ۾ گھڻو، جيڪي نئي نسل کي پراڻي ڪلچر کان دور ڪندا وڃن. ان يلغار جو مقابلو ته ڏُکيو آهي پر اسان ان يلغار جي ڊائريڪشن پنهنجي ڪلچر ۽ مذهبي سوچ تحت بدلائي سگھون ٿا، نوجوان ڀلي ان ڏينهن کي پاڻ ۾ پيار لاءِ ملهائين، ڇو نه سندن ذهن ۾ اهو آڻيون ته انهي پيار کي بزرگن ماءُ پيءُ وغيره طرف به ته ڪري سگھجي ٿو؟ ان مُناسبت سان ، اهو ڏيهن پوڙهن کي به مُحبت ڏيڻ لاءِ هُئڻ گھُرجي، تنهنڪري ڏُکن، دردن، نفرتن ۽ پيڙهن جي هيءَ مُهنجي ڪهاڻي به ان ڏس ۾ هڪ ڪڙي ثابت ٿيندي. ڪهاڻي هن ريت آهي هڪ غريب گھراڻي جي عورت زينت جي شادي هڪ امير گھراڻي ۾ ٿيل آهي. اولاد ٿيڻ تي هُوءَ سندن شادي پاڻ کان وڌ اميرن ۾ ڪرائي ٿي جتي هر فرد پنهنجي ڪاروباري مصروفيتن ۾ مگن آ ۽ سوشل سرگرمين ۾ به. غريب گھراڻي مان پڻجي آيل زينت، احساس ڪمتريِءَ ڪري، ايترا سال گُذرڻ کان پوءِ به هن پوش ماحول ۾ ايدجسٽ نٿي ٿي سگھي ۽ هر وقت اڪيلائيءَ ۽ ڊپريشن ۾ گذاري ٿي ۽ ڪڏنهن ڪڏنهن اُڪتائجي پويان باقي بچيل غريب سئٽ زيبوءَ جي گھر اچي رهندي آهي جتي کيس سوڪون ملندو آهي. امير زينت کي غريب سئوٽ زيبو ۽ سندس ڌيءَ رابعه هر قسم جي سهولت ۽ خدمت پُهچائي ٿي جڏنهن ته مالي مدد زينت ئي ڪندي آهي. زينت جو فرمانبردار ۽ سُلجھيل پُٽ علي ماءُ کي صرف زيبوءَ جي گھر ڇڏڻ ايندو آهي ۽ معملي عليڪ سليڪ کان پوءِ واپس هلي ويندو آهي، علي ماءُ سان ڏاڍو پيار ڪري ٿو ۽ پر هر وقت پڙهائي ۾ رُڌل رهندو آهي، بل آخر ماءُ زينت گھر ۾ اڪيلائي ختم ڪرڻ ۽ ساڳيو سُڪون وٺڻ لاءِ عليءَ کي رابعه سان شادي ڪرڻ تي آماده ڪري وٺي ٿي پر رابعه کي وڏي گھر جون ڏيراڻيون قبول نٿيون ڪن، ۽ رابعه نظر اندز ڪندي پاڻ ۾ مٺاس ڀري هيٺائي وٺي ٿي ۽ گھر ۾ ڏُک سُک سهي به رهڻ جو سليڪو سکي وڃي ٿي. حسب معمول هڪ ڏينهن ويلنٽائين ڊي اچي ٿو ۽ سڀئي پنهنجن پنهنجن وَرن ۽ محبوبن کي وش ڪرڻ جي تيارين ۾ پر رابعه عليءَ کي پاڻ وٺڻ بجاءِ ماءُ زينت لاءِ ويلنٽائين جو تُحفو خريد ڪرائي ٿي ۽ ٿابت ڪرائي ٿي ته اهو ڏينهن پوڙهن مائٽن جي مُحبت کي آشڪار ڪرڻ جو هُجي. هي سيريل ڏوکن، دردن ۽ پيڙهن تي اوهانجي پنهنجن احساسن کي مدنظر رکندي لکي وئي آهي ۽ هن ۾ هر ڪردار توهان کي پنهنجي گر يا گرد جو ڪردار ڏسڻ ۾ ايندو. .. پُڄاڻي’’ سنڌ جا دُشمن ڀلي ڦاهي چاڙهيو