سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري

'مقالا' فورم ۾ suleman soomro طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2013۔

  1. suleman soomro

    suleman soomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سيتا روڊ
    سدا سوڀائتي سندڙي جنهن هر دور ۾ عظيم سپه سالار ، سرويچ ۽ سورهيه پٽن کي جنم ڏنو آهي ، جن پنهنجي جنم ڀومي جي سالميت ، آزادي ۽ قومي وقار خاطر انيڪ قربانين سان وطن جي سرحدن جي حفاظت ڪندي پنهنجي قوم جو ڳاٽ اوچو رکندي غير جي غلامي بجاءِ ڳچين جا ڳچ آڇيندي ڪڏهن ڦاهي جي جهولي تي جهوليا ، ته ڪڏهن پاڻ پيڙائڻ خاطر پاڻ کي گهاڻي حوالي ڪري ارغونن کي ڏندن آڱريون ڏئي ڇڏيون، ڪن وري گورن جي گجگوڙ ڪندڙ بندوقن اڳيان به مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جهڙا نعرا هڻي ڌارين جي دلين تي دهشت جي علامت بنجي ، پنهنجي پوئين نسل لاءِ آزادي جي حاصلات لاءِ چٽو رستو هموار ڪري ويا ، ڪي وري سڳنڌ سان سرشار سومرن جي انهي ننڍڙي ننگر جيان ڌرتي جي دنگن خاطر ننگ ۽ نيهن جا ناتا ڇڏي دودي جي ٻانهن جو ٻل بنجي خلجين جي خونخوار لشڪر سان سينو ساهيندي ؛ دودا تنهنجو ساه ته ويندو پر ماڻهوءَ جو ويساه نه ويندو جهڙا محاورا ماڻهن دلين کي آٿت جي صورت هميشه زنده رهندڙ دودو ڏئي ويا ،۽ ڪالهه جي ڪاري دور ۾ جڏهن گورن جي غليظ نيتن ۽ ديسي دلالن جي ملي ڀڳت سان سنڌ جي سانگيئڙن مٿان ستم جا ڪارا بادل ڇانيل هيا ، تڏهن سن جي سون ورني سڳنڌ ڀري مٽي ڏاهر جو ڏهڪاءُ ، دودي جي دهشت ، دريا خان جي دليري ، هوشو جي همت ، حوصلي ۽ سنڌ جي سوين گمنام شهيدن جي صدائن کي ملائي هڪ صورت ڏئي سن جي سنائي خاندان اندر غلام مرتظئ! سيد جي نالي ڌرتي جي دردن جي درمان کي نروار ڪيو ، ڇاڪاڻ ته هن ڌرتي جي ڪُک ڪڏهن به سنڍ نه ٿي آهي ، ۽ جڏهن به سنڌ سڏ ڪيو آهي ته تڏهن تاريخ جو سينو چيري ڪو نه ڪو سپوت سنڌ جي سورمن جون سموريون صفتون لباس وانگي پهري نڪري نروار ٿي ، ڌارين ۽ دلالن کي للڪاريندي نظر آيندو آهي ،۽ ڌرتي جي حلالي فرزندن جي ڏسيل راه تي قدم رکندي پنهنجو سفر روان دوان رکيو آهي ،ڀٽائي جي سٽن سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ..................... جي روشني ۾ پنهجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي سک سلامتي ۽ عالم جي امن کي اکين اڳيان رکندي محمد علي جناح جو ساٿ ڏئي سنڌ جي اسيمبليءَ مان پاڪستان جي وجود لاءِ راه هموار ڪئي، ته جيئن برِ صغير ۾ انسانيت جي ٿيندڙ تذليل ۽ جاني نقصان گهٽ کان گهٽ ٿئي ۽ محڪوم قومن کي پنهنجي آزاد ڌرتي تي سک ،سڪون جي زندگي ميسر ٿئي ، ليڪن جناح جي 14 نقطن تي عمل نه ٿيندو ڏسي ، ۽ قومن جي حقن تي لانگ بوٽن ۽ مخصوص ٽولي جي لتاڙ ڏسندي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وسيع تر مفادن خاطر اقتدار جي آڇ ۽ هر طرح جي لالچن کي ٿڏيندي نئين وجود وٺندڙ ملڪ کان بيزاري اختيار ڪندي آزاد سنڌوديش جو اعلان ڪيو، آزادي جي انهي اعلان کان پوءِ سامراج کي دلال ديسي وڏيرن معرفت مختلف هربا هلائي بغاوتن توڙي قيد وبند جا دهمان ڏئي ، پنهنجي اشارن تي هلائڻ جا کوڙ سارا حيلا هلايا ، ليڪن سنڌ جي صوفي منش سيد هن ملڪ جي قاضين ۽ ڪورٽن کي وڏي واڪي سڏيندو رهيو ته اچو مونسان ڳالهايو ،مونکي ٻڌو ، مان هن غير فطري رياست کان بيزاري جو اعلان ڪندي بغاوت جو اعلان ٿو ڪيان ، ليڪن تاريخ جون اهي نام نهاد قوتون هميشهه هن ٻڍڙي سيد جي سڏ تي پنهنجا ڪن بزدلي جي ٻوڙن ۾ لڪائي وقت جي يزيد اڳيان معذوري جو اظهار ڪندي پنهنجي پيشاني تان پگهر اگهندي نظر اينديون هيون ، عالمِ امن جو هي داعي انسان پنهنجي سياسي جدوجهد تي بندش باوجود صبر جو دامن هٿان نه ڇڏيو، ۽ بزمِ صوفياءِ سنڌ جي مقدس مسند تي ويهي ، ڀٽائي جي بيتن ۾ سمايل سنڌ دوستي ۽ وطن پرستي جي روشني ۾ پنهنجي مظلوم قوم جي رهنمائي ڪندو رهيو ، هن لاکيڻي لطيف جي بيتن ۾ سنڌ جي سرحدن ، ثقافت ، رهڻي ڪهڻي ،۽ جدوجهد جي سمورن رخن کان قوم کي آشنا ڪيو ، سنڌ جي آزادي ۽ سرحدن جي سچائي ۽ ساڃاه نه رڳو قوم کي ڏني پر سندس اڻٿڪ محنتن ۽ محبتن عالمي سطح تي پڻ سنڌ جي حقيقي وارثن جي وجود کي تسليم ڪيو ، سيد پنهنجي سڄي حياتي ڪارڪنن کي اهو ئي تاڪيد ڪندو رهيو ته پنهنجو ڪردار بلند ڪيو، سندس تاڪيد جو اهو تکو مٺو لهجو توڙي جو ڪيترن ئي ڪارڪنن کي هضم ڪونه ٿيندو هيو ليڪن پوءِ به سيد پنهنجي مهر ڀري نظر سان ڪارڪنن جا قصور پٺيءَ پويان اڇلي کين آزادي جي حقيقي جدوجهد جا سبق سيکارڻ ۾ مصروف نظر ايندو هيو ،سائين جي ايم سيد جي حياتي جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ ڪارڪن کانئس اڪثر ڪري سياسي جانشين جي مقرري بابت معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ، ليڪن هر بار سيد کين اهو چئي ورجائيندو هيو ته سندس سياسي جانشين اهو ئي هوندو جيڪو صالح ۽ سنڌ جي آزادي تي چٽو هوندو ، دانشمندي جي عبا پائي ، فلسفي جي منبر تي ويهي ڪوئي لفظن جو جادوگر انهي صالح لفظ جي تشريح لاءِ ڪيترائي دليل ڇونه ٺاهي ليڪن شايد سنڌ جي هن ٻڍڙي پيغمبر کي ثقيفي جي انهن چورن جي چوياري ۽ چالاڪين جي اڳ ۾ ڄاڻ هئي انهي ڪري هن پنهنجي آخري ايامن ۾ اهو چئي ڇڏيو ته سنڌ جي آزادي هن قوم جا صالح فرد ئي وٺندا،۽ اڄ وقت ثابت ڪيو آهي ته ڪالهه جا ڪيترا چي گويرا اڄ اقتدار جي مڻئي تي موهجي محلاتي سازشن جو شڪار ٿي انهي مقدس مسندن کي لڄائڻ ۾ عار به محصوص نٿا ڪن ، ۽ سنڌ جو بي سهارا مظلوم ماڻهو۽ رياست جي عتاب هيٺ پيڙجندڙ قومي ڪارڪن اهو چوڻ تي مجبور آهي ته اسانجو قومپرست اڳواڻ سيد جي انهي ”صالح“ جانشين ٿيڻ بجاءِ ذاتي مفادن کي اوليت ڏيندي قفسِ نفس جو مقيد ٿي مڪارانه چال سان هن معصوم قوم جي جذبن جي قاتلن جي قطار ۾ بيهي هنبوشيون هڻندي لڄي به نه ٿو ٿئي ، پنهنجي نڪ کي پيٽ کان هيٺ ڪندي حقيقي ۽ عملي جدوجهد بجاءِ اِشوز تي پنهنجي سياست کي جيئدان بخشي رهيو آهي ، سنڌ جي تعليم ، ثقافت ، ٻولي توڙي وحدت تي دهلي جي دلالن سان گڏجي ڪجهه ديش دروهي اگر وار به ڪن ٿا ، ته به وقت جي هنن چنيسرن کي لاهور جي علاءُ الدين سان ويهندي فخر محسوص ٿئي ٿو ، سنڌ ، سيد ۽ آزادي جي نانءُ تي کٽيو کائڻ وارن پارٽين جو انگ ايترو ته وسعت اختيار ڪندو وڃي ٿو جو هاڻ ته مون جهڙو معمولي تعليم رکندڙ ماڻهو انگن ۽ آڱرين جي وٿين ۾ وچڙي منجهي پوي ٿو ،ته آخر ڪنهن جي پويان لڳي آزادي جي مومل ماڻي سگهبي ، ڇاڪاڻ ته هي سمورا اڳواڻ قاضي شريح جي لباس ۾ هڪٻئي تي الزامن جا انبار لڳائيندي پاڻ کي ساڌ ثابت ڪرڻ جا جتن ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهن ، حالانڪ هڪڙو ئي بشير خان آزادي مارچ جي ميدان تي لکين سنڌي گڏ ڪري سگهي ٿو ،ته پوءِ باقي سمورا سائينءَ سنواريا سنڌ جي وحد ت تي (توڙي جوانتظامي بنيادن) تي وار ثابت ٿيندڙ ڪاري قانون کي رد ڪرائڻ لاءِ سمورا جيئيمسٽ گروپ ڪراچي کي بلاڪ ڪري نظام جي واپس وٺڻ تائين نه اٿڻ جو اعلان ڪن ها ته شايد اڄ اهو نظام رد ٿي وڃي ها، پر ڇا ڪجي مڪارانه سياست جي ديوي کي ته رت جو ٻليدان گهرجي ، پوءِ اهو رت پنهنجي قوم جوڇو نه هجي ، هن نام نهاد رياست جي ججن جي قيمت لاهور جي بازارِ حسن جي اڌڙوٽ رنڊي جي رات جي قيمت کان وڌيڪ نه آهي ، انهي رياست جي انهن منصفن کان انصاف جي گهر ڪندي هڪ باغي (بشير خان) جي روح کي رنجائڻ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي ، ڇو ته جتي هن رياست جي محافظ ڀٽو خاندان جي ناحق خون جو ڪو تدارڪ نه ٿي سگهيو ، انهي رياست کان انصاف جي اميد اجائي آهي ، اڄ جڏهن پاڪستان پنهنجي فطري موت ڏانهن تيزي سان وک وڌائي رهيو آهي ، انهي گهڙي سنڌ جي جيئيمسٽ قومپرستن جو گڏ جڻ انتهائي ضروري آهي ، انهي لاءِ اسان اميد ٿا ڪريون ته سنڌ جا سمورا هڏ ڏوکي اڳواڻ هن ڏکي گهڙي ۾ سنڌ جي تقدير ۽ آئينده جي عملي جدوجهد لاءِ ڪا مناسب حڪمت عملي جوڙيندا جنهن سا ن هن قوم جو ڪو ڀلو ٿيندي نظر ايندو .

    سليمان سومرو
    صدر
    نيشنل پريس ڪلب سيتاروڊ
    رابطو 03433145624
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. suleman soomro

    suleman soomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سيتا روڊ
    ساڳيو ڪالم روزاني پاڪ ۾ پڻ شايع ڪيو ويو هو۔
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جو ڪالم تفصيلي پڙهيو اٿم، تمام سچيون ۽ کريون ڳالهيون لکيون اٿو ۔۔۔سنڌ کان سن جو سيد ۽ بشير قريشي وسرڻ وارا ناهن۔ ڪاش انهن جي نالي تي سياست ڪندڙ پنهنجي اڳواڻن جي آدرشن کي سمجهي سگهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو