هيبت خان (ٽيلي فلم) تحرير مُڪالما ۽ منظر ڪشي عبدالرزاق ميمڻ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ٿر، ۽ ڪارونجھر جبل تي رڪارڊ ڪبي ڪوساڪ جي چئن فرضي قبيلن (قطير، سابير، ڪوشان ۽ ڪيداري) تي مُحبت، پيار ، قبيلائي جھيڙن تي. سڀ ڪردار فرضي آهن
    ڪهاڻي هن ريت آهي

    ڪوساڪ خان چئن قبيلن، قطير، سابير، ڪوشان ۽ ڪيداريءَ جو سردار آهي. قطير ۽ ڪيداري قبيلا ڪوهستاني ۽ جڏنهن ته سابير ۽ ڪوشان قبيلا ريگستاني قبيلا آهن. سردار ڪوسڪ خان جي، برق قبيلي سان دُشمني ۽ لڙائي هلندي اچي ٿي.

    سردار ڪوساڪ خان جو تعلق وڏي ڪوهستاني قبيلي قطير سان آهي ۽ سندس نائب سندس ئي عزيز نواز خان آهي. جڏنهن ته هيبت خان (هيرو) ريگستاني ۽ سندس ماروٽ عيوان خان ، ڪوشان قبيلي جو سردار آهي .
    ڪُردم خان (ولين) هڪ ٻئي ڪوهستاني قبيلي جو سردار آهي ۽ سردار ڪوسڪ جي ڌيءَ جُوهان (هيروئن) سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو، پر جوهان سردار هيبت خان کي پسند ڪري ٿي ۽ آون سان ئي شادي ڪرڻ رچاهي ٿي ، اهڙيءَ طرح سردار ڪوسڪ به ڌيءَ جي پسند کي ته نٿو ٽاري. پر جوهان کي اهو ٻُڌائي ضرور ٿو تههيبت خان ڪوشان قبيلي جي هڪ حڪيم جي اڪيلي ڌيءَ زريُن (سائيڊ هيروئن) سان پيار ڪري ٿو ۽ هيبت خان ۽ زريون به هڪ ٻئي کي بيحد چاهين ٿا ۽ جلد ئي شادي ڪندا.
    اهو ٻوڌي جوهان پيءُ کي ٻُڌائي ٿي ته زريون هن جي بهترين سهيلي آهي ۽ جيئن ته قبئلي رسم و رواج مُطابق سردار هڪ کان وڌيڪ زالون رکي سگھن ٿا ته حوءَ ۽ زريون به ٻئي هيبت خان جون زالو ٿي سگھن ٿيون، ائيم ڪرڻ سان سندن ساهڙپ اڃا مظبوط ٿيندي. ۽ هيبت خان ب هڪ وڏي سردار جي ڌيءَ (جوهان) سان شادي ڪندي ڳاٽ اوچو ڪري هلندو ۽ پاڻ لاءِ فخر سمجھندو. ۽ زريون هن جي ڳاله ضرور مڃندي.
    جوهان زريون سان ڳالهائي ٿي ۽ هُن کي اعتراض نه هوپر هُن جوهان تي شرڀ وڌو ته هيبت خان کي هوءَ (جوهان) پاڻ مڃائيندي ۽ پوءِ ٻنهين ساهڙين جي زور تي هيبت خان به راضي ٿي وڃي ٿو.
    سردار ڪُردم خان جي قبيلي جو هڪ شخص تڪائي، سابير قبيلي جي هڪ شخص لشاڪ کان ويج تي قرض وٺي ٿو ۽ ادا نٿو ڪري ۽ گھرڻ تي لشاڪ کي جبل تان ڪيرائي ماري ڇڏي ٿو، جنهن کي سابير قبيلي جو ٻيو شخص سوبار ڏسي وٺي ٿو ۽ تڪائيءَ کي بلاڪ ميل ڪري رقم وٺي ٿو.

    تڪائي سردار ڪوساڪ ۽ هيبت خان جي ڊپ کان ڪُردم خان سان حقيقت ڪري ٿو. ۽ جوهان جو هيبت خان سان شادي ۽ پيار ڪرڻ جو ٻوڌي ڪُردم خان مُشتعل ٿي وڃي ٿو. پوءِ ڪردم خان، ٻن ڏوهارين عانيو ۽ سمورا کي سوبار کي قتل ڪرڻ تي آماده ڪري ٿو ۽قتل ڪرائڻ جي منصوبه بندي ڪري ٿو. عانيو ۽ سمورا سوبار کي قتل ڪري جيئن ئي لاش کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته حڪيم جي ڌيءَ زريون ڊڀَ پٽيندي ڏسي وٺي ٿي ۽ پوءِ عانيو ۽ سوبار ڊپ ۾ زريون کي به قتل ڪري ڇڏين ٿا ۽ پوءِ ڪُردم خان اهو پڙهو گھُمارائي ماڻهن کي شقي ڪري ٿو ته جوهان ئي زريون کي راه تي هٽائڻ لاءِ سندس قتل ڪرايو آهي.

    جوهان ان ڳاله کي ڪوڙو ثابت ڪري ٿي ۽ پيري مُجرمن جاپير ڳولي، باه ۾ پڪو ڪري، حڪيم وٽ اچي رکن ٿا ۽ ساڳي چال هلي جوهان اها ڳالهه ڦهلرائي ٿي ته قاتل جا نشان حڪيم وٽ محفوظ آهن، ته جيئن قاتل نشان مٽائڻ يا چوري ڪرڻ اچي ته اُن کي سڳ سوڌو هٿيڪو ڪجي. ائين ئي ٿئي ٿو ۽ قاتل پڪڙجن ٿا.
    ٻي طرف سردار ڪوساڪ برق قبيلي تي حملو ڪري کيس علائقو ڇڏڻ تي مجبور ڪري ٿو جيڪو پوءِ صُلح لاءِ پنهنجي خوبصورت ڀيڻ حُنوريا کي پيغام سان موڪلي حون جو رشتو ڪوساڪ کي ڏيڻ تي راضي ڪري ٿو پر ڪوساڪ حُنوريا سان گڏ اڌ علائقو به حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ برق سردار نٿو مڇي.

    آتي ئي حُنوريا سردار ڪُردم خان کي پنهنجي پيار جي چال ۾ ڦاسائي ٿي، ٻي لڙائيءَ ۾ برق سردار مارجي وڃي ٿو ۽ حُنوري ڪردم خان سان سازش ڪري ڪوساڪ سان شادي ڪري ٿي، ۽ شاديءَ رات ئي کيس ذهر پياري ڀڄي وڃي ٿي.

    هيبت خان ۽ جُهان کي پڪڙيل ڏوهاري ۽ قاتل ٻوڏائين ٿي ته زريون جو قتل ته اتفاَي هو پر سابير ۽ سردار ڪوساڪ کي قتل ڪرڻ لاءِ ڪُردم کان باقائدي پلانگ ڪئي هُئي. حُن حيبت خان ۽ ڪوساڪ کان بدلو وٺڻ لاٰ ائين اُن ڪري ڪيو ته جيئن جھوهان ۽ هيبت ّان جي شادي نه ٿي سگھي. ۡوردم خان کي پڪڙيو ويو ۽ سنگسار ڪيو ويو ۽ هيبت خان وئني قبيلن جو سردار چونڊجي ويو.. پُڄاڻي’’
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو