ڏوهي ڪير(سيريل) تحرير مُڪالما ۽ منظر ڪشي عبدالرزاق ميمڻ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هيءُ روح کي ڪانڊائينڙ، اڄ جي معاشري جي، جُرم، ڏوه ۽، کوجنا تي هڪ اهڙي تازي ۽ سچي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هڪ سفاق پيءَ دينُو شق ۾ پنهنجي تيرهن سالن جي جوان ۽ معصوم ڌيءَ ماروي ۽ پنهنجي زال سڪينه کي ڇُريءَ سان وار ڪري ڪُهي فرار ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ ضمير جي ملامت سان پاڻ مُرادو پوليس آڏو پيش پئي ٿو،پر حسب معمول پوليس پاڻ اُن کي پڪڙڻ جي دعواي ٿي ڪري ۽ پوءِ هڪ طرف ميڊيا اُن خبر کي ڦهلائي ته ٻئي طرف عورتن جي ڀلائي واريون تنظيمون پڻ اُن کي اشو ٺاهي، مردن جي ڪردار تي تنقيد ڪري، ڪارڻ ۽ حقيقت معلوم ڪرڻ بجاءِ، دينُوءَ جهڙن قاتلن لاءِ موت جي سزا جي گھُر ڪن ٿيون ۽ معاشري جي بگاڙ جو ذميوار صرف مردن کي ٺهرائين ٿيون. ڪهاڻي هن ريت آهي.
    ون لائين
    پوليس لاڪ اپ ۾ بند ۽ بيٺل سفاڪ قاتل دينُو، لاڪ اپ ۾ ٻاهران انٽرويو وٺندڙ ميڊيا جي نمائندن کي سندن تيز ۽ چُڀيدڙ سوالن جي جواب ۾ قتل جو ڪارڻ هن ريت ٻُڌائي مُعاشري کان پُڇي ٿو ته ڏوهي ڪير ؟ فليش بيڪ ۾:
    غربت ۽ وڏيرن جي ظلم کان تنگ ٿي ڳوٺ ڇڏي شهر ۾ سيٽل ٿيل هڪ طبقي جي فيشن ايبل عورت سڪينه شهر جي رنگينين کي اپنائي ٿي، ڇِلوِلي سڪينه جي لڇڻن کان تنگ ٿي سندس ماءُ پيءُ کيس پنهنجي ئي ڳوٺ جي هڪ انٽر پاس عزيز، دينُوءَ جي ڀيڻ جي بدي تي سڪينه سان شادي ڪرائين ٿا. شاديءَ کان پوءِ فيشن ايبل سڪينه گھٽ اُجورو آڻيندڙ غريب دينُوءَ کي غُربت جا مهڻا ڏئي اڌُ مُئو ڪري ڇڏي ٿي ۽ هڪ ڇوڪريءَ مارويءَ کي جنم ڏي ٿي. عادت، ناز نخرن ۽ مزيد غربت ڪري فيشن ايبل سڪينه جا هڪ وڏيري سان تعلقات ٿي پون ٿا جنهن جي دير سان گھر ايندڙ دينُوءَ کي ٻڙڪ به نٿي پوي. دينُو هڪ سيٺ جي ريزڪي دُڪان تي ڪم ڪري ٿو ۽ پويان وڏيرو، آني بهاني سندس گھر ۾ لامارا هڻي ٿو. غربت ڪي دينُوءَ ۽ سڪينه جو جھيڙو کيس بي سُڪون ڪري ٿو ۽ هو هر وقت گھر ۾ سڪينه سان اڻبڻت ۾ وقت گُذاري ٿو ۽ سڪينه جي جھڳڙن ڪري اڪثر گھران پريشان ٿي باغن، گھٽين ۽ رستن تي رات جو ب آواره گُذاري ٿو ۽ پوليس جي چڪر ۾ ڦاسي ٿو، جتان کيس سڪينه جي چوڻ تي وڏيرو ڇڏائي اچي ٿو. وقت سان ماروي وڏي ٿي وڃي ٿي ۽ پوڙهو وڏيرو، معصوم ۽ نا سمجھ ماروي تي به اک رکي ٿو ۽ آني بهاني سندُس لاءِ ٽُحفه به آني ٿو، سڪينه ۽ دينوءَ جي لڙائي وقت ماروي به ماءُ جو پاسو کڻي ٿي. سيٺ جي ڪم سان ٻن ٽن ڏينهن لاءِ، شهر ۽ ساهُرن ۾ ويندڙ دينوجڏنهن ٻي رات جو واپس گھر وري ٿوته گھر ۾ کيس ڪنهن غير مرد جي مُوجودگي ءَ جو احساس ٿئي ٿو ۽ هُو ڀت ٽُپي اند وڃي ٿو ۽ ڪمري جي اڱڻ ۾ هڪ طرف ماروي بي خبر سوتل آ ته ڀرسان وري ڪمري مان کيس سڪينه سان ڪنهن غير مرد جي هلڪن ٽهڪن ۽ مستيءَ جون ڳالهيون ٻُڌجن ٿيون ۽ ڪن لاهيٻوڌڻ سان ڪنهن مرد ۽ سڪينه جي مارويءَ مُتعلق واهياتانه گفتگُو ٻُڌي تيش ۾ اچي وڃي ٿو، ۽ زور سان دروازو ٺُڙڪائي ٻنهين کي حيرت ۽ اچرج ۾ وجھي ٿو، وڏيري سان هٿو هٿ ۽ گوڙ تي مارويءَ جي اُٿڻ ۽ ٻنهين ماءُ ڏيءَ جي وچ ۾ پوڻ سان وڏيرو ڀڄي وڃي ٿو ۽ سڪينه ۽ ماروي کيس شقيءَ جو لقب ڏئي وڏيري کي همدرد ۽ مددگار ڄاڻائين ٿيون، جنهن تي هو وڌيڪ تيش ۾ اچي ٿو ۽ زال ۽ ڌيث کي ڪُهي ڇڏي ٿو، ڪهاڻي ختم ٿيڻ سان فليش بيڪ مان نڪري ميڊيا کان چرين جي انداز ۾ بار بار سوال ڪري ٿو ته ڇا مان ڏوهي آهيان.. ۽ ٻُڌايو ڏوهي ڪير جي بار بار سوالن تي سين فريز... پُڄاڻي..
    هاڻ اچو ته هي وڊيو ڏسون

    ڏُهاڳڻ سيريل جو هڪ ڏُکدائڪ گانو
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڏوهي ڪير(سيريل) تحرير مُڪالما ۽ منظر ڪشي عبدالرزاق ميمڻ

    ها ادا عبدالرزاق اهو عمل به اسان جي ملڪ ۾ جاري آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو