لنڪ ڪيئن شامل ڪجي

ايس ايم درس

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت تي ڪنهن به تحرير ۾ ٻئي ڪنهن تحرير جو لنڪ ڏجي ته ڪيئن ڏجي يا شامل ڪجي۔ انهي جي باري ۾ ڪو به ساٿي سهولي طريقي ۾ سمجهائي۔ ڇو جو جڏهن اسان تعليمي آڊيو گيت هلائڻ جي تياري ۾ هئاسين تڏهن سائين رشيد صاحب ۽ منهنجون اڪثر فون تي ڪچهريون ٿينديون هيون۔ هڪ ڏينهن سائين مون کي لنڪ شامل ڪرڻ لا چيو معذرت ڪئي ڇو جو مون لنڪ شامل ڪرڻ نه اچي سگهيو ٿي۔ پو کيس پرسنل اي ميل تي مواد موڪليو ويو۔ اميد ته ڪو به ساٿي آسان طريقي سان لنڪ جي باري ۾ سمجهائيندو۔
 
ادا بلڪل آسان آهي۔ توهان ڪوبه لفظ يا اکر ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ لکو ان کان پوئي ان لفظ يا اکر کي سيليڪٽ ڪريو ان کان پوئي ايڊيٽر ۾ مٿان ٻه آڪون جون لائنون آهن ان ۾ ٻي لائن ۾ هڪ سنگر جي ڪڙي جهڙو نشان آهي ان تي ڪلڪ ڪريو۔ ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ بوڪس ايندو ان ۾ ڪابه لنڪ لکون ۽ پوئي شامل ڪر تي ڪلڪ ڪريو۔ بس توهان جي ڏنل لنڪ شامل ٿي وئي
 
بلڪل به آسان آهي ۔۔۔۔۔ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري تفصيل پڙهو۔
مهرباني سائين عبدالرحيم ۽ سائين وساڻ صاحب جن جي جن آسان طريقي سان سمجهايو۔ سچ پڇو وساڻ صاحب جو ٻڌايل طريقو تمام آساني سان سمجهه ۾ اچي ويو۔
 
Back
Top