نثارابڙو
نائب منتظم

1987 کان 1990 هڪ اهڙو دور هو جڏهن ڪراچي شهر سنڌين لاءِ قتل گاهه بڻايو ويو هو، جنهن ۾ سنڌين جي گهرن تي حملا ڪيا ويا، سنڌين کي شهيد ڪيو ويو، سنڌين جون ملڪيتون لٽيون ويون ۽ سنڌين کي ڪراچيءَ مان تڏا ويڙهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.
ان ڏکئي وقت ۾ جيئي سنڌ سميت سنڌ جي سمورن سڄڻن ملي ڪري اها سوچ ڪئي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌين جون وسنديون ۽ اهڙا علائقا قائم ڪيا وڃن جن ۾ صرف ۽ صرف سنڌي آباد ٿين. ان ضرورت کي نظر ۾ رکندي دوستن ڪراچيءَ ۾ شانتي ننگر ۽ سچل ڳوٺ جي زمين تي قبضو ڪري، سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرائڻ جو عظيم فرض ادا ڪيو هو ...
اڄ به جڏهن آءُ سچل ڳوٺ يا شانتي ننگر ۾ گهرندو آهيان ته سڀ اهي سنڌ دوست ڪارڪنن اکين آڏو ڦري ايندا آهن، جن قربانيون ڏنيون. حڪومتي سختين ۽ سنڌ دشمنن جي عتاب کي برداشت ڪيو پر پير پوئتي نه هٽايو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي شانتي ننگر ۽ سچل ڳوٺ جهڙيون سنڌي وسنديون قائم ٿي ويون ...
الله جا شڪر آهن ته اڄ ڪراچيءَ ۾ ڪجهه اهڙيون وسنديون موجود آهن جن ۾ صرف سنڌي ۽ صرف سنڌي وسن ٿا، جت اسين پنهنجو پاڻ کي محفوظ ۽ مطمئن سمجهون ٿا....
پر افسوس! جو اڄ جا ڪجهه سنڌي اوباش ڇورا جن جو نالي ماتر تعلق جيئي سنڌ جي گروهن سان آهي ۽ شخصي مفادن خاطر هو سنڌ دشمنن جا ساٿي پڻ آهن ... اهي پنهنجن ڪڌن ارادن سان سنڌين جي ان پناهگاهه کي نقصان رسائي رهيا آهن ... اهي مفاد پرست ڇوڪرا پنهنجي شراب جي شوق پوري ڪرڻ ۽ مختلف شخصي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ سنڌين کي تشدد جو نشانو بڻائن ٿا، انهن کان ڀتا وٺن ٿا ۽ انهن کي تنگ ڪري، انهن مثالي ڳوٺن جو امن تباه ڪن ٿا ....
افسوس انکان وڌيڪ اهو آهي ته انهن جي پٺڀرائيءَ ۾ جيئي سنڌ سان لاڳاپيل ڪجهه عهديدار پڻ نظر اچن ٿا ... سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهن اڳواڻن جي آڏو جيئي سنڌ جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا سنڌ جي آزادي ۽ خوشحالي سندن مقصد آهي يا سنڌين کان ڀتا کائي شخصي مفاد حاصل ڪرڻ...؟؟؟؟
ياد رکو! سنڌ صرف ڌرتيءَ جو نالو ناهي پر سنڌ هڪ قوم آهي، سنڌي جيئرا جاڳندا انسان آهن، سنڌي احساس رکندڙ ماڻهو آهن، سائين محترم جي ايم سيد جو نظريو سنڌي ماڻهن جي آزادي ۽ خوشحالي آهي، نه ڪي سنڌي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ ۽ انهن کان ڀتا وٺڻ جيئي سنڌ جو ڪو مقصد آهي .... جيڪي نوجوان اهڙي ڪڌي ڪم ۾ شريڪ آهن، اهي سخت سزا جي لائق آهن، ڇاڪاڻ اهي نه فقط جيئي سنڌ جي مقصد سان غداري ڪنٿا بلڪ جيئي سنڌ تحريڪ جي تباهيءَ جو سبب ٿين ٿا....
جيڪي تنظيمون ننڍڙا ڳوٺ منظم ڪري نٿيون سگهن، اهي سموري سنڌ ۽ سموري قوم کي ڪيئن منظم ڪري سگهندا ...؟؟؟
هن وقت سچل ڳوٺ، صفائي، حفاظت، انساني سهولتن جي کوٽ مان پيو گذري، هڪ ساه کڻندڙ ڳوٺ جنهن کي جيئي سنڌ پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان مثالي شهر بڻائي سگهي ٿي، جنهن ۾ شينهن ۽ ٻڪري هڪ گهاٽ جو پاڻي پي سگهن ٿا ... پر افسوس جو اسانجي نااهليت ۽ غير سنجيدگيءَ ڪجهه ڇوڪرن جي غداريءَ انتهائي پوئتي پيل علائقو ٺاهي ڇڏيو آهي ... جتان شريف ۽ خوش پوشاڪ ماڻهون لڏي وڃڻ ۾ بهتري سمجهي ٿو ...
افسوس صد افسوس .... ان ڳوٺ جنهن ۾ اسانجي مرحوم ۽ شهيد دوستن جون محنتون ۽ سچايون دفن آهن، اڄ اسين ان وسنديءَ کي مئل ڍور جيئان، ڳجهون بڻجي پٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ....
آءُ مطالبو ڪريانٿو، جيئي سنڌ جي سڀني تنظيمي ڌڙن کي ته هو ان مسئلي ته غور و فڪر ڪن ۽ ڪراچي شهر ۾ موجود گهاٽي وڻ، جنهن جي ڇانوَ ۾ سنڌي ساهه کڻن ٿا، ان وڻ کي ڪٽڻ جي ڪوشش نه ڪن، بلڪ پنهنجي ڏاهپ ۽ سورهيائپ سان انجو بچاءُ ڪندي، ان جي صفائي، حفاظت ضروريات زندگيءَ جو خاصو بندوبست ڪن ....
اميد ڪريانٿو ته سنڌ سڄڻ ان مامري کي معمولي نه پر اهم سمجهي عمل ڪندا .....
قوم ئي اوهانجو هٿيار آهي، سورهيه اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي هٿيار کي زنگ لڳڻ ناهي ڏيندو ...
ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا ....