Sindhi Media
سينيئر رڪن
اُنهن جي ڪهاڻي جيڪي ، زال جي مرڻ تي پوڙهائپ ۾ هڪ ننڍي عُمر جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪن ٿا ۽ گھر ۾ اُنهيءَ عمر جو ڪو جوان عزيز به پالجي ٿو ۽ معاشري ته اھن جا اثر.
سٺ سالن جي غزل کي ڪنهن بنگلي ۾ هڪ جھولڻ واري آرامده ڪرسيءَ تي جھوليندي ، ۽ سوچن ۾ واندي، فليڦ بيڪ ۾ ماضيءَ ۾ ويندي ڏيکاربو.
اڌ عُمريو هڪ بي اولاد سرڪاري ڪامورو ۽ گڏوگڏ زميندار انور، پنهنجي پهرين زال جي وفات کان پوءِ چنهنجي آفيس جي ئي هڪ شوخ و چنچل ويهن سالن جي خوبصورت سيڪريٽريءَ غزل سان شادي ڪري ٿو. هڪ ڏينهن ءيڻ جي وفات جو ٻڌي ڳوٺ، ٻنيون ۽ باغ ڏيکارڻ بهاني پاڻ سان شهري زال غزل کي به وٺي وڃي ٿو. ڳوٺ ۾ پُهچي ڪُجھه ڏينهن رهڻ کان پوءِ پنهنجي ڀيڻ جي يتيم پُٽ ارشد ۽ غزل کي زمينن، باغ وغيره جو سير ڪرائي ٿو، غزل ارشد سان باغ ۾ گھُمندي گھمندي اڪثر ٽڪرائجي ٿي ۽ غزل حيرت ۽ ڪومايل اندز ۾ سوچي ارشد کي ڏسندي رهي ٿي ۽ وري ذهني جھٽڪي سان واپس اچي ٿي پر 12 ساله ارشد بيخبر مامي غزل سان مستين ۾.
انور، يتيم ڀاڻيجي کي پاڻ سان گڏ پنهنجي گھر آڻي ٿو ۽ اولاد نه هُئڻ ڪري غزل کي به تاڪيد ڪري ٿو ته ارشد کي اولاد جيان اکين ۾ جاءِ ڏي ۽ غزل به ائين ئي ڪري ٿي پر ڪڏنهن ڪڏنهن ارشد جي جوانيءَ جي جوڀن کي ڏسندي عجيب خيالن ۾ هلي وڃي ٿي ۽ پوءِ سگھوئي ڪنڌ کي جھٽڪو ڏئي واپس اچي ٿي ۽ اولاد جيان کيس ٽريٽ ڪري ٿي. وڏ عُمر يا ٻين سببن جي ڪري انور کي غزل مان اولاد نٿو ٿئي ۽ هڪ ڏينهن انور به وفات ڪري وڃي ٿو ۽ مرڻ وقت غزل کي ارشد جو خيال رکڻ لاءِ چوي ٿي.
تنهايون اڪثر غزل کي پريشان ڪن ٿيون، ۽ تنهائين ۽ جوانيءَ جي جوش ۽ جذبي کان سرشار غزل، ارشد جي گھهر ۾ اچڻ ۽ گڏ رهڻ ڪري اڪثر اُبتا سُبتا خيال رکي ٿي ۽ وري سگھوئي سنڀلجي وڃي ٿي. ۽ ارشد هر ڳاله کان بينظر غزل کي پنهنجي ماءُ جي رُوپ ۾ ڏسي ٿو.
هڪ ڏيهن جڏنهن غزل بازار ويل آهي، ۽ موسم جو مزو وٺڻ ۽ گھرم ۾ اڪيلو هُئڻ ڪري ارشد نوڪر کي لان ۾ ئي بالٽي پاڻيءَ جي رکڻ لاءِ چئي، نوڪر کي ٻاهر ڪنهن ڪم لاءِ روانو ڪري، آگھاڙي بدن سان پر ڪڇو پائي وهنجي پيو ۽ جسم مٿان پاڻي جا لوٽا وجھي ٿو، ۽ سندس ڀرپور جواني، چيست ۽ ٻاهُن جا ڦليل مسَلکيس وڌيڪ لُط اموز ٺاهين ٿا. ارشد پنهنجي خيلن ۾ وهجندي اِنجُواءِ پيو ڪري، ته ٻاهران موٽندڙ غزل کيس وهنجندو ڏسي، ۽ ڪسرتي بدن کي نهاري وري عجيب خيالن ۾ هلي وڃي ٿي ۽ مُسلسل کيس وهنجندي گھوري ڏسندي رهي ٿي ۽ ارشد غزل جي اچڻ کان بينياز ، پنهنجي ڪرت ۾.
اچانڪ وهنجندي وهنجندي ارشد جي نظر سامهون بيٺل ۽ گھورينو ڏسندڙ غزل تي پوي ٿي ۽ هُو شرمندو ٿيندو تاويلو پيش ڪرڻ لڳي ٿو ث عزل ان بار بار تاويلن تي جھٽڪي سان خيالن ۽ سوچن مان ٻاهر نڪري اچي ٿي.
گھهر ۾ غزل اڪثر ارشد کي ڏسي پريشان رهي ٿي ۽ ارشد جو ان پريشاني کي محسوس ڪندي پُڇڻ تي ٻوڏائڻ کان نٽائي وڃي ٿي. هڪ ڏينه ارشد ماءُ جهري ماميءَ سان پنهنجي پيار جَويرِيهجو ذڪر ڪري ٿو ۽ ساڻس شاديءَ ڪرڻ جو ٻوڏي غزل وري پريشان ۽ عجيب ڪيفيت ۾ هلي وڃي ٿي، گڏوگڏ اندر ئي اندر ۾ جَويريه سان ساڙ پڻ ڪري ٿي، ۽ ارشد جي اسرار تي ئي جويريه سان ملي ٿي ۽ خوبصورت جويريه کي بهانُو ٺاهي رجيڪٽ ڪري ٿي. ارشد پيار لاءِ ڪي آرگو مينٽ ڏئي خاموش ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ فرمامبردار اولاد جيئان بيوه ماءُ (مامي) کي ناخوش نٿو رکڻ چاهي ۽ سر تسليم ڪري ٿو پر گڏوگڏ اُداس به رهي ٿو.
بل آخر عجيب وسوسن ۽ سوچن کان جان ڇڏائڻ لاءِ، پوءِ غزل هڪ عالم دين عورت سان رابطو ڪري ٿي ۽ ارشد بابت پنهنجي ڪيفيت بيان ڪري ٿي، جيڪا سندس ڪيفيت ڏسي ۽ سمجھي، ارشد کي نا مُحرم ٺهرائي کيس ارشد کان ڌار رهڻ جو مشورو ڏي ٿي. اهو ٻڏي ته اسلامي قانون مطابق ارشد هُن لاءِ نا مُحرم آهي ۽ سندس شادي ارشد سان ممڪن آهي، پهرين پهر ته ر هوءَ خوس ٿي وڃي ٿي، پر سندس اندر جي مامتا ۽ ارشد کي اولاد جيان رکڻ آون جي سوچن تي حاوي ٿي وڃن ٿا.
وقت سان اند جي اڌومان، مامتا ۽ عورت جي لڙائيءَ جا ورق خيالن ۾ پلٽجندا رهن ٿي ۽ بل آخر هوءَ هڪ فيسلي تي بهي رهي ٿي ۽ ارشد جيڪو غزل کي ماءُ جي روپ ۾ ڏسندي هُن کان ڌار رهڻ جو تصور به نٿو ڪري، هُن کي جيويريه سان هڪ شرط تي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏي ٿي ته هُو ۽ جويريه شادي کان پوءِ ٻي ڪنهن گھر ۾ رهندا ۽ غزل کان پري هوندا. پر ارشد حقيقت کي نه سمجھندي گڏ رهڻ تي ضد ڪري ٿو ۽ ماءُ (مامي) کي جويريه سان شادي نه ڪرڻ جو ارادو ڏيکاري ٿو ۽ سمجھي ٿو ته شايد غزل جويريه کي پسن ئي نٿي ڪري. پر غزل ضد ڪري ارشد کي ڌار ڪروبار ڪري ۽ پاڻ کا علحده ڪري ڇڏي ٿي ۽ پوءِ ارشد به مايوس ٿي جويريه سان شادي ڪري امريڪه وڃي سيٽل ٿئي ٿو ۽ پُٽيان غزل اهو مطلب جو فيصلو ڏسي خوش ۽ پُٽ کا ڌار رهي گُذارڻ جي ٻنهين ڪيفيتن ۾ اڪيلي اڪيلي کيس ياد ڪندي لُڙڪ ڳاڙيندي رهي ٿي ۽ وري اُن کي انهيءَ جھولڻ وري ڪرسي تان ٽِِشوءَ سان لُڙڪ اُگھندي ۽ سوچن ۾ فليش بيڪ مان ٻاهر نڪرندي ڏيکاربو... پُڄاڻي’’
جيئن ئي وقت ملندو ويندو، هي سڀ ڪهاڻيون لکندو ويندس، ڀرپور تنقيد ڪندي تنقيد ڪندا ۽ سجيشن به ڏيندا، ته رڪارڊنگ ڪرڻ کان پهرين، خامين ۽ ويوئرس جي معيار تي لهجي، بور ڪون ڪندس تيسين هيٽين وڊيو ڏسندا.
علي اڪبر پٺاڻ، سنڌي ميڊيا تي هڪ وڏو نالو