دادو جي سياست ۽ سياسي رانديگر

'مقالا' فورم ۾ suleman soomro طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2013۔

  1. suleman soomro

    suleman soomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سيتا روڊ
    سياست جيڪڏهن ايمانداري ۽ خلوص دل سان قوم جي خدمت ۽ ملڪي وقار کي بلند ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي ته عبادت هوندي آهي ۽ دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ سياست خدمت جي جذبي تحت ٿئي ٿي پر پاڪستان ۾ ان جي برعڪس ٿئي پئي جيڪڏهن پيرو کڻجي ٿو ته پاڪستان ۾سياست نه پر منافقت پئي ٿئي خانداني ورثي ۾ مليل منافقت واري سياست ڪندڙ گھراڻا ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن انهن گھراڻن جي سياست صرف ٻين تي الزام هڻي ۽ پنهنجي نيڪي ڪري حڪومتي واڳون سنڀالي ملڪي ناڻو لٽڻ جا وجھه ڳولڻ آهي جنهن ڪري هڪڙين پارٽين جا اڳواڻ ٻين تي ۽ ٻيا وري ٽين تي ڪرپشن جا الزام هڻندي پنهنجن نيڪين جا دفتر کولي عام ماڻهو کي بيوقوف بنائڻ لاءِ وسان نه پيا گھٽائن جمهوري قوتن جي وڙهسان وڙهسان جو فائدو وري ٽين ڌر يعني عسڪري قوت کي ملي ويندو آهي جن جي ذميواري ملڪي سرحد جي حفاظت ڪرڻ آهي سي اچي پيا اقتدار جون واڳون سنڀالين پاڪستان جي آزادي کان وٺي هينئرتائين گهڻو عرصو هن ملڪ تي آمريتي دور ئي رهيو آهي ءِ تمام ٿورڙو وقت عوام جي ووٽ تي چونڊجي آيل نمائندن کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ۽ ان عرصي ۾ چونڊيل نمائندا صرف انفرادي فائدو حاصل ڪرڻ ۾ رڌل رهيا آهن انهن ڀوتارن ءِ جاگيردارن کي اليڪشنن ۾ ورڪ دوران عوام سان ڪيل وچن ۽ واعدا ياد ئي نه هوندا آهن پر کٽڻ بعد کنيل قسم به وسريو وڃي اهڙن سياستدانن جي پوري پاڪستان جيان دادو ضلع ۾ گھڻائي آهي جيڪي مختلف پارٽين پ پ پ ، پ پ ش ڀ ، ن ليگ ، ق ليگ ، عوامي اتحاد پارٽي ۽ ٻين مختلف پارٽين جي نالن تي اٽي ، لٽي ، اجھي ۽ اسان جو عزم اوهان جي خدمت جهڙن دل فريب نعرن وسيلي پنهنجي سياسي دوڪانداري چمڪائڻ ۾ پورا آهن ۽ پنهنجي ڪاروبار کي ڊيگھه ڏيڻ ۽ خاطر۽ وڌيڪ منافعو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪهڙي تنظيم ته ڪڏهن ڪهڙي پارٽي جو ٽڪيٽ هولڊر بنجي سيڙپ ڪاري ڪندا رهيا آهن ۽ پنهنجن مفادن جي حاصلات لاءِ ڀلي هٿيارن جي زور تي آيل آمرن جي حمايت ڪرڻي هجي ته به ڪبي پر ڪسر نه ڇڏڻي آهي پوري پاڪستان جيان ضلع دادو ۾ به پ پ پنهنجو ووٽ بيئنڪ رکي ٿي جنهن جي مقابلي ۾ پ پ جا سياسي حريف ٻيٽي جتوئي جا جتوئي ڀائر گذريل اڪثر اليڪشنن ۾ پ پ مخالف پارٽين جي پليٽ فارم تان يا سندن جا اتحادي ٿي پ پ جو مقابلو ڪيو آ هي جن مان ڪجھه اليڪشنن ۾ جتوئي برادران پ پ کي ملهون ماريون ته ڪن ۾ دسيا پڻ آهن جمهوريت جي دعويدار پ پ جو قلعو ليکيو ويندڙ دادو ضلعو به ڪجھه گھراڻن جي خانداني وراثت ۽ گرفت ۾ رهيو آهي جن ۾ اڳوڻو ايم اين اي مرحوم محمد بخش جمالي ۽ هاڻي سندس پٽ ايم اين اي رفيق احمد جمالي ، اڳوڻو وفاقي وزير مرحوم رفيق احمد مهيسر ۽ هاڻي سندس ڀاءُ ايم اين اي ڊاڪٽر طلعت مهيسر ، اڳوڻو ايم پي اي مرحوم منور احمد ٻٽ ۽ هاڻي سندس پٽ ايم پي اي فياض احمد ٻٽ ، ايم پي اي غلام شاهه جيلاني ، منهنجو شهر واسي اڳوڻو وفاقي وزير الحاج ظفر علي لغاري ۽ هاڻي سندس پٽ ايم پي اي عمران ظفر لغاري ، اڳوڻو وزير اعلي سنڌ مرحوم پير الاهي بخش ۽ سندس خانداني سياست جو جان نشين بد نام زمانا آمر جنرل ضياءُ الحق جو آڌرڀاءُ ڪرڻ وارو پ پ جو جيالو منهنجي تڪ مان چونڊيل ايم پي اي صوبائي وزير پير مظهرالحق ۽ سندس جي هٿراڌو جلاوطني ۾ سندس جي نياڻي محترما ماروي مظهر صاحبه هي پ پ سان تعلق رکندڙ دادوضلع جا ڪجھه گھراڻا آهن جن تي قسمت جي ديوي هميشه مهربان رهي آهي هنن خاندانن ڪڏهن اليڪشن هارائي ته ڪڏهن کٽي پر پارٽي جي ٽڪيٽ هميشه هنن خاندانن کي ئي ملڻي آهي جڏهن ته پ پ جو سينيئر ورڪر ۽ پنهنجي علائقي ۾ ذاتي ووٽ رکندڙ سولنگي برادري جو چڱومڙس سردار اشرف خان سولنگي ۽ سندس جھڙي نظرياتي سوچ رکندڙ ڪيترن ئي ورڪرن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي پ پ جي انهن روين جي ڪري پ پ کي ڏکيا ڏينهن به ڏسڻا پيا ڇهانوي وارين اليڪشن ۾ شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو خيرپور ناٿن شاه جي تڪ پي ايس ڇاهتر جي عوام سان واعدو ڪيو هيو ته هي ڀيرو چاچا ظفر لغاري کي ووٽ ڪيوآئيندا اوهان جو نمائندو اوهان جي صلاح سان مقرر ڪبو پر ماڻهن وري به پنهنجي ڪروڌ جو اظهار ڪيو ۽ ظفر لغاري جي مقابلي ۾ مرحوم حاجي امير بخش جوڻيجو کٽي آيو هيو هن دور حڪومت ۾ پ پ جي ورڪرن به اعلي ايوانن جا مزا ماڻيا آهن تن ۾ عورتن جي مخصوص سيٽ تي چونڊجي آيل ايم پي اي ادي ڪلثوم چانڊيو ۽ ايم پي اي رشيده پنهورجيڪي بنيادي طور تي لوئر مڊل ڪلاس سان تعلق رکن ٿيون پر گذريل دور ۾ سندن جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو هيو تڏنهن مخصوص سيٽ خانداني سياست جي ور چڙهي ۽ ظفر لغاري جي ڀاڄائي محترما شرف النساءِ لغاري کي چونڊيو ويو هيو ته ٻئي طرف پ پ سان هر دور ۾ مهاڏو اٽڪائيندڙ ٻيٽي جتوئي جو جھونو سياستدان مرحوم عبدالحميد خان جتوئي سندس پٽ سينيٽر اعجاز علي جتوئي ، لياقت علي جتوئي ، دادو ۾خانداني سياست جومرڪز رهيا ، مرحوم عبدالحميد جتوئي ۽ اعجاز جتوئي جي فوت ٿيڻ کانپوءِ لياقت جتوئي سندس ڀائر صداقت جتوئي ، احسان جتوئي ۽ سندس ڀائٽيا ، پٽ ڪريم بخش جتوئي ، ڌڻي بخش جتوئي ، عنيد جتوئي ۽ سندن جا منظورِ نظر مائٽ ۽ وڏيرڪي ڪلچر جي سڃاڻپ چاڪر خان شاهاڻي ، سيد محمد شاه ، مرحوم حاجي امير بخش جوڻيجو ، مطلب ته هن پاسي وارا به خانداني سياست تي عمل ڪندي مان نه ته منهنجو پٽ منهنجو ڀاءُ، ڀائٽيو ، ناٺي ، ڀيڻيو، نه ته به ڪو به وڏيرو هجي ، باقي هيٺئين ڪلاس کي اڳتي آڻڻ کان هي به هنن وانگر خوفزده بڻيل آهن ، جيئي ڀٽو جي نعري وسيلي عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ پارٽي پ پ جي مدِ مقابل ٻيٽي جتوئي جا جتوئي ڀائر ڪڏهن ڪهڙي پارٽي ته ڪڏهن ڪنهن پارٽي جي پليٽ فارم تان پ پ جو مقبلو ڪيو آهي ۽ اهي اليڪشني مقابلا جتوئي ڀائرن جي همت ۽ حوصلي کي ظاهر ڪن ٿا ، ٻيٽي جي ڀائي جان گروپ پنهنجي خانداني سياست جي شروعات پ پ کان ڪئي ، ا ن کان پوءِ سنڌ نيشل الائينس جنهن بعد اين ،ڊي ، پي ان کان علاوه غوث بخش بزنجو جي پي اين پي ، ن ليگ ميان نواز شريف جي حڪومت جي خاتمي بعد ڪيل هٿرادو جلاوطني ختم ڪري پرويز مشرف جي قربت حاصل ڪرڻ لاءِ مشرف پاران ڪرايل ريفرينڊم جي حمايتي جلسن بعد پرويز مشرف جي سرپرستي ۾ ٺهيل پارٽي ق ليگ ۽ پرويز مشرف جي ملڪ ڇڏڻ بعد جتوئي خاندان ق ليگ ڇڏي پئريسٽر مجيب پيرزادي جي سربراهي ۾ سنڌ عوامي اتحاد جي پليٽ فارم تان پنهنجي سياسي سگهه بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، پر سڀ گڏيا هئا خان سو سنڌ عوامي اتحاد به عهدن جي چڪر ۾ ڪو به ٻوٽو نه ٻاري سگهي ، جنهن ڪري جتوئي خاندان واپسي جون واٽون واجهائڻ لڳو ، ليڪن ن ليگ جي سربراه ميان صاحب جي سئيڪار نه ڪرڻ ڪري مجبورن پنهنجي سياسي بيهڪ لاءِ سوچڻ تي رات جي تاريڪين توڙي ڏينهن جي روشنين ۾ ڪجه نه ڪجهه ڪرڻ جا جتن ڪرڻ لڳو ، آخر اخبارن وسيلي اعلان ڪيو ويو ته جتوئي خاندان هاڻي عوامي اتحاد پارٽي جي گرائونڊ تي بيهي مخالفن سان مقابلي لاءِ سندرا ٻڌا آهن ، ۽ اها به حقيقت آهي ته عوامي اتحاد پارٽي لياقت جتوئي ۽ سندس حوارين جي همتن ۽ محنتن سان ٿورڙي وقت ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ورتي ، پارٽي جي ورڪرن ۽ اڳواڻن جي بيپناه محنت ۽ پورهئي سبب عوامي اتحاد پارٽي سنڌ جي ٽيويهن ضلعن تائين پنهنجا پير ڄمايا ، نتيجن طور سنڌ جي هر شهر ۾ عوامي اتحاد پارٽي جا شاندار جلسا ڏسي مخالفن ۾ بهر حال هلچل ضرور مچي وئي ، ۽ عوام جي موٽ ڏسي جتوئي ڀائرن هميشهه جيان سياسي چالبازي کان ڪم وٺندي ، رات جي راڻي جيان اقتدار جي مومل ماڻڻ لاءِ هڪ ڀيرو وري ن ليگ سان رابطو ڪري اڳواڻن جي اوجاڳن ۽ ڪارڪن جي محنتن جا منظر ڪاٻاڙ جي واپاري اڳيان آڻي کائنس قيمت ڪٿڻ جي ٻولي لڳائي ، ڪاٻاڙي ذهنيت رکندڙ انهي واپاري پڻ سنڌ ۾ پنهنجو ووٽ بئنڪ نه ڏسندي مجبورن هن ٻيٽي جي واپاري سان سياست جي آڙ ۾ انهن ڪارڪن جي پگهر ۽ اوجاڳن جي نه ڄاڻ ڪهڙي قيمت تي هائوڪار ڪندي هامي ڀري ته هاڻي هي ٻئي گڏجي ملڪ جي قسمت کي آ ڪاش جي اوچائين تائين پهچائيندا ، ن ليگ جي سربراه ميان صاحب پاران هائو ڪار جي هامي ڏسندي ، ٻيٽي جي ڀائي جان ڳوٺ جي اوطاق ۾ اوڪڙو ويٺل ڀائرن کي فون تي خوشخبري ڏيندي کين مبارڪ ڏني ، ۽ پوءِ لاهور جي رنگ محل کان واپسي تي ايندي ئي ڀائي عوامي اتحاد پارٽي جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن کي ٻيٽي جتوئي اچڻ جو چئي کين صلاح مشوري لاءِ سڏايو ، توڙي جو پارٽي جي 65 سيڪڙو اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي ناراضگين باجود وڏيرڪي سياست جو ڀوت سوار هجڻ ڪري کيس ڪابه پرواه نه رهي ، ۽ هوڏانهن وري عوامي اتحاد پارٽي جي اڳواڻن جي اڪثريت ن ليگ ۾ ڪم ڪرڻ بجاءِ خاموش ويهڻ کي ئي ترجيح ڏيڻ لڳي آهي ، ۽ هوڏانهن وري انهي موقعي جو ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ پ پ جي وزيرن ، مشيرن توڙي ايم پي ايز انهن ناراض اڳواڻن کي راضي ڪري پ پ شامل ٿيڻ لاءِ پنهنجو زور آزمائي رهيا آهن ،ته جيئن جتوئي خاندان جا گهڻي کان گهڻاهمدرد ۽ پارٽي اڳواڻ پ پ ۾ شامل ڪري جتوئي ڀائرن کي ايندڙ اليڪشن ۾ هڪ ڀيرو وري تاريخي شڪست ڏئي پنهنجي وات جو گره کسجڻ کان بچائي سگهن ، انهي سلسلي ۾ عوامي اتحا د پارٽي جي اڳواڻن ضياءُ الدين ساريو، مجيب ناريجو ، مظهر هنڱورو ، سڪندر کونهارو ، سڪندر سومرو ، بنده علي لغاري ، سيد ظفر شاه، علي محمد سومرو سميت ٻين اڳواڻن سان پ پ جي چونڊيل نمائندن ۽ اڳواڻن رابطه ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ زور ڏئي رهيا آهن انهي کان علاوه سنڌ عوامي اتحاد جي ٽٽڻ کان پوءِ جتوئي برادران سان ناراض ٿيل سندن ويجهو ساٿي اڳوڻي ايم پي اي سيد محمد شاه سان پڻ رابطه تيز ڪري ڇڏيا آهن ، انهن سڀني ناراض اڳواڻن پڻ پ پ اڳواڻن کي جهڙوڪ گرين سگنل ڏيندي ٿورو انتظار ڪرڻ جو آسرو ڏنو آهي ،جيڪڏهن ناراض اڳواڻن جو 50 سيڪڙو به جتوئي ڀائرن کان الڳ ٿي الوداعي گيتن جي گونجار سان رستا الڳ ڪري ٿو ته يقينن ايندڙ اليڪشن ۾ جتوئي برادران جا خواب ساڀيائون ماڻي نه سگهن ، ڇاڪاڻ ته اهڙي صورتحال ۾ گهڻي حد تائين فائدو وري به پ پ کي پوندو ، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي منجهائيندڙ صورتحال ۽ قومن جي ذهنن تي شعور جي اڀرندڙ ريکا ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن جي اڪثريت به قومي سوچ وڌڻ سبب ن ليگ يا ڪنهن ٻاهرين ڌر بجاءِ پ پ پ کي بهتر سمجهي پنهنجا ووٽ ڏيندي اهڙي صورت حال ۾ ن ليگ جي پليٽ فارم تان کٽڻ جيترو ڏکيو هو اهو هلندڙ دور ۾ وڌيڪ ڏکيو بڻجي پوندو ۽ اهڙي طرح پ پ پ هڪ ڀيرو وري سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري دادو ۾ جتوئي ڀائرن لاءِ مشڪلاتو ن پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ هوڏانهن وري 2010 جي مها ٻوڏ ۾ سڄي سنڌ جيان دادو ضلعو پڻ سخت متاثر ٿيو هيو ، جنهن ۾ خاص طرح سان ايم پي اي فياض ٻٽ جو چونڊ تڪ ميهڙ تعلقو ، ايم پي اي عمران لغاري جو چونڊ تڪ خيرپور ناٿن شاه ، ۽ ايم پي اي غلام شاه جيلاني جو چونڊ تڪ جوهي به انهي مصيبت جي مهل ۾ بي يارو مددگار بنجي پنهنجي مدد پاڻ تحت آيل مصيبت کي منهن ڏنو پر ڪوبه چونڊيل نمائندو سندن واهر لاءِ انهن ٻه پير نه ڀري ويو هو ، جنهن ڪري انهن چونڊيل نمائندن کي متاثر تڪن جي عوامي حلقي اندر جتي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۽ رنجشن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ، اتي اڪثريت ۾ ماڻهو ميارون ۽ ڏک سان ڀرپور ڏوراپا به ڏين ٿا ، ۽ شايد انهي ڪري پ پ جي قيادت ضلع دادو جي ڪجهه چونڊ تڪن تي اميدوارن جا چهرا پڻ تبديل ڪرڻ ارادا به رکي ٿي ،بهرحال ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي ، چاڪاڻ ته ايندڙ اليڪشن ۾ باقي 10 مهينا بچيا آهن ۽ پ پ هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ به پنهنجي ڪريل مورال کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪي جتن ۽ اُ پاءُ پڻ وٺي سگهي ٿي ،۽ هوڏانهن وري جتو ئي ڀائر پنهنجي پارٽي جي ناراض اڳواڻن توڙي ذاتي دوستن کي پرچائي پنهنجي ڪرندڙ سياسي ساک کي بچائڻ جا جتن ۽ جدو جهد ڪري سگهن ٿا ، باوجود انهي جي ماضي جيان هن علائقي جو عوام اندر جي اڻ تڻ ۽ آنڌ مانڌ کي محصوص ڪندي ڄاڻي ٿو ته الڪيشن جي ميدان ۾ ملهه ماري اچڻ کان پوءِ جتوئي ڀائر ۽ پ پ جي خانداني سياست جا امين اچي ڪري اهو ئي ڏيندا جيڪو هن وقت تائين ملندو رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هتان جو عوام هميشه اميدن جا خالي جهول کڻي ايندو آهي ۽ واپسي ۾ اهي جهول دلاسن ، دهمانن ، ڪوڙن واعدن سان ڀري واپس ويندو آهي ، پر پوءِ به اهي ڪيل واعدا ڪنهن يتيم ٻار جي لاوارث جيون جيان مايوسين جي رڻن ۾ رلندي رلندي پنهنجو وقت گذاري گمنام واري جي ڪنهن ڀٽ هيٺان دفن ٿي ويندو آهي .
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. suleman soomro

    suleman soomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سيتا روڊ
    منهنجو ساڳيو آرٽيڪل روزاني پاڪ جي صفحن تي

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سڀ ڪجهه پڙهيم ۽ تفصيلي پڙهيم ۔۔۔ دادو جيڪو ويٽنام جي نالي سان مشهور آهي، اتان جي ئي خانداني ۽ موروثي سياست نه پر سڄي سنڌ جي ساڳي صورتحال آهي۔۔۔ ڪيڏانهن وڃجي۔

    اوهان جو شاندار تجزيو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو