
تصور ڪريو ته زندگي هڪ راند آهي۔۔۔ جنهن ۾ توهان ڪنهن مداري وانگر پنجن بالن کي هوا ۾ اڏاري کيڏي رهيا آهيو۔۔۔ توهان انهن بالن کي نالا ڏيو۔۔۔ هڪ جان، ٻيو صحت، ٽيون دوست، چوٿون خاندان ۽ پنجون روزگار۔۔۔۔۔
توهان جلد ئي هڪ ڏينهن اندازو ڪري وٺندو ته روزگار هڪ رٻڙ وارو بال آهي۔۔۔ جيڪڏهن اهو توهان کان ڪري پيو ته ٽپو کائي موٽي ايندو۔۔۔ پر ٻيا چارئي بال گلاس وانگر ٺهيل آهن۔۔۔ جيڪڏهن انهن مان ڪو ڪريو ته اهو ٽٽي پوندو، ڀڄي پوندو ايسيتائين جو پرزا پرزا ٿي ويندو۔۔۔۔ ڪيتري به ڪوشش ڪيو اهو ساڳيو نه رهندو۔۔۔
سبق: مٿي ڳالهه کي غور سان پڙهو ۽ سمجهو۔۔۔۔ هر وقت ڪوشش ڪريو ته زندگي ۾ توازن برقرار رهي۔۔۔