مداري جا پنج بال۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    تصور ڪريو ته زندگي هڪ راند آهي۔۔۔ جنهن ۾ توهان ڪنهن مداري وانگر پنجن بالن کي هوا ۾ اڏاري کيڏي رهيا آهيو۔۔۔ توهان انهن بالن کي نالا ڏيو۔۔۔ هڪ جان، ٻيو صحت، ٽيون دوست، چوٿون خاندان ۽ پنجون روزگار۔۔۔۔۔
    توهان جلد ئي هڪ ڏينهن اندازو ڪري وٺندو ته روزگار هڪ رٻڙ وارو بال آهي۔۔۔ جيڪڏهن اهو توهان کان ڪري پيو ته ٽپو کائي موٽي ايندو۔۔۔ پر ٻيا چارئي بال گلاس وانگر ٺهيل آهن۔۔۔ جيڪڏهن انهن مان ڪو ڪريو ته اهو ٽٽي پوندو، ڀڄي پوندو ايسيتائين جو پرزا پرزا ٿي ويندو۔۔۔۔ ڪيتري به ڪوشش ڪيو اهو ساڳيو نه رهندو۔۔۔

    سبق: مٿي ڳالهه کي غور سان پڙهو ۽ سمجهو۔۔۔۔ هر وقت ڪوشش ڪريو ته زندگي ۾ توازن برقرار رهي۔۔۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مداري جا پنج بال۔۔۔

    بلڪل ادا۔۔ ٻن جملن ۾ وڏي نصيحت ڏئي ڇڏي آهي توهان۔۔ زندگي انهن جي توازن سان هلي ٿي
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: مداري جا پنج بال۔۔۔

    سائين في الحال ته اسان کي اوهان جي ڳالهه سؤ في صد سمجهه ۾ اچي وئي ليڪن ڪجهه لمحن بعد اهو سبق اسان جي ذهن ۾ رهي ٿو يا نه اسان به مشاهدو ڪنداسين اوهان به مشاهدو ڪندا بهترين نصحيت ڪرڻ لاء اوهان جي مهرباني۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مداري جا پنج بال۔۔۔

    ادا رشيد چيو ته اوهان سچ آهي ... ڳالهه به سمجهه ۾ آئي ته پئسي کان وڌ، اسانجو خاندان آهي، صحت آهي، ايمان آهي، دوست آهن ۽ سماجي رشتا آهن جن جي ٽٽڻ سان نه ڀرجڻ جهڙا نقصان ٿين ٿا ...

    پر يار! هڪ حقيقت اها به آهي ته اهو رٻڙ جو بال جنهنکي اوهان روزگار چيو آهي سو ايترو ته اهم آهي جي اهو ڪري ٿو ۽ ڪجه وڌيڪ ٽپا ڏيندي هٿ نه ٿو اچي ته باقي سڀ گلاس ڀڄڻ ۾ يا ڪرڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪن ... يا وري ڪرن ڪون ٿا يا ڀڄن ڪونه ٿا ته به گلاسن کي ڪٽ يا مير چڙهي وڃي ٿي...

    ان رٻڙ جي گلاس کان بنا زندگيءَ جو گاڏو ايئن رينگٽ ڪندو آهي جيئن ڪا بغير مَکَ جي ڏاند گاڏي ڪوهن کان آواز ڪندي ايندي آهي ... خاندان وارا نه رشتو ڏيندا ۽ جڏهن ڪڏهن خبر پوندن ته همراه اچي ٿو ته پاڻ ڪيڏانهن نڪري ويندا ... ڪي مولائي ۽ سچا دوست هوندا ته ملندا نه ته اهو چئي ڀڄي ويندا ته همراه ڪٿي ڪو سوال نه ڪري وجهي ... باقي رهي صحت سا ته اوهان سمجهو ٿا بي روزگاريءَ ۾ ڪهڙي هوندي آهي؟ .... جي وري لٿو نشي پتي ته بس الله واهي ....

    ادا ٻڌو نه اٿوَ ته جنهنجي گنديءَ ۾ داڻا تنهنجا چريا به سياڻا .... انڪري ادي ڄامشورائيءَ جيئان توازن رهندو پنجن بالن جو ته معاملا به توازن ۾ هوندا جي ڪنهن هڪ بال جو توازن به بگڙيو ته .... !!!

    sindhsalamatsaathsal
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مداري جا پنج بال۔۔۔

    ادا نثار توهان به لکن جي ڳالهه ڪئي آهي۔۔۔ ٻيو ته توهان جي ڳالهه سان مونکي احساس ٿيو ته اسان جا پاڪستاني ڀائر ان سلسلي ۾ ڪيڏا نه حساس هوندا آهن، ڇو ته پاڪستان جهڙي مهانگي ملڪ ۾ رهڻو آهي ته روزگار وارو بال به اسان جي هٿن ۾ توازن سان هلي۔ نه ته مداريءَ جي باندر وانگر اسان جو عوام پريشان هوندو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو