• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ سنڌ دوست پينل اڪثريت سان کٽي ويو

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ سنڌ دوست پينل اڪثريت سان کٽي ويو
ڊاڪٽر مشتاق ڦل ٻيهر ٻن سالن لاءِ سيڪريٽري جنرل
مخالف پينل چونڊ ڪميٽي تي ڌر بندي جو الزام هڻندي نتيجا قبولي ورتا

حيدرآباد جي سنڌ ميوزيمواري ممتاز مرزا آڊيٽوريم۾سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊ ٿي، سڄي سنڌ مان آيل شاخن جي سيڪريٽرين ۽ ڪائونسلرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو، پولنگ منجهند جو هڪ وڳي کان شام 6 وڳي تائين جاري رهي. ادبي سنگت جي چونڊ ڪميٽي جي چيئرمين مرتضيٰ سيال، ميمبرن اسحاق سميجي ۽ فقير محمد ڍول چونڊ نتيجا جاري ڪيا، جنهن موجب سنگت جي چونڊ ۾ سنڌ دوست پينل جا سمورا عهديدار اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويا، جنهن تحت سنڌ دوست پينل جي ڊاڪٽر مشتاق ڦل 149 ووٽ کڻي مخالف گروپ جي اميدوار محمد علي پٺاڻ کي هارائي ڪاميابي حاصل ڪري سنڌ سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو. سنڌ سنگت پينل جي اميدوار محمد علي پٺاڻ صرف 33 ووٽ کنيا، اهڙي طرح جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي سنڌ دوست پينل جي ملهار سنڌي 150 ووٽ کڻي مخالف اميدوار آزاد انور ڪانڌڙي کي هارائي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، آزاد انور ڪانڌڙي کي صرف 48 ووٽ مليا، جڏهن ته خزانچي جي عهدي تي سنڌ دوست پينل جي اميدوار نبي بخش ناز 131 ووٽ حاصل ڪري مخالف اميدوار خطائي ٿيٻي کي هارائي ڇڏيو، خطائي ٿيٻي کي صرف 67 ووٽ مليا، آڊيٽر جي عهدي تي سنڌ دوست پينل جي اميدوار رضا ڏاهري 130 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪري مخالف گروپ جي اميدوار سجاد ميراڻي کي هارايو، سجاد ميراڻي صرف 65 ووٽ کنيا. جڏهن ته دادو ضلعي رابطا سيڪريٽري جي عهدي تي سنڌ دوست پينل جي عبد مگسي 11 ووٽ کڻي مخالف گروپ جي اميدوار مارو جمالي کي هارائي ڇڏيو، مارو جمالي کي صرف 8 ووٽ مليا.جڏهن ته ادبي سنگت جي چونڊ ۾ ڪل اهل ووٽرن جو تعداد 230 هو، جنهن مان 201 ووٽ ڪاسٽ ٿيا ۽ ڪاسٽ ٿيندڙ 201 ووٽن مان 3 ووٽ خارج ٿيا
(نيوز فائيل 3````معصوم)
 
ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ سندس ساٿين کي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ اميد ڪنداسين ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مسئلن تي پنهنجو ڀرپور آواز اٿاريندي۔

216771_10151559725808216_2038729461_n.jpg
 
Back
Top