منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
پهرين اپريل 2013 تي ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ جوهر چورنگي لڳ ڪار جي زوردار ٽڪر لڳڻ سان شهيد ٿيندڙ 19 سالن نوجوان الطاف احمد عباسي ولد محمد يار عباسي جي وارثن پاران احتجاج..
ڪراچي؛ ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ جوهر چورنگي لڳ ڪار جي زوردار ٽڪر لڳڻ سان شهيد ٿيندڙ 19 سالن جي نوجوان الطاف احمد عباسي ولد محمد يار عباسي جي وارثن پاران احتجاج ڪندي اهو چيو آهي ته انهن جي نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي پوليس پاران رشوت وٺي ڪيس ۾ هير ڦير ڪري جوابدار کي
ٻارهن ڏينهن جي اندر اندر 50 لک جي ضمانت جي عيوض آزاد ڪرائي ڇڏيو آهي، هوڏانهن پوليس کان معلوم ڪيو ويو ته انهن انڪار ڪندي اهو ئي چيو ته اسان قلم 322 جي تحت ڪيس درج ڪيو آهي، جيڪا ايف آئي آر ۾ پڻ درج ٿيل آهي، پوليس پاران شڪ ظاهر ڪندي چيو آهي ته ملزم جي وڪيل ۽ ريڊر وچ ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي سبب ڪيس جي قلم کي 320 ۾ تبديل ڪري ضمانت جوڳو بڻائي ملزم کي ضمانت تي آزاد ڪرايو آهي، ان سلسلي ۾ فوتي نوجوان جي ڀاءِ پاران ٻيهر ڪيس کي هلائڻ ۽ ضمانت کي رد ڪرائڻ لاءِ اپيل درج ڪرائي آهي، جڏهن ته انويسٽگيشن آفيسر گلستان جوهر ٿاڻو ڪنهن به قسم جي ڪا به سهڪار نٿو ڪري، انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ وارثن پاران سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي.
.