سنڌ سلامت جي چوٿين سالگره ۽ سنڌ سلامت جا ٽارگيٽ

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت جا عزيز دوستو السلام عليڪم
    سنڌ سلامت فورم جي چوٿين سالگره جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد. هوئن ته سنڌ سلامت فورم جو تجرباتي آغاز ڪجهه ڏينهن پهريان ٿيو هو پر فورم کي باقائده 14 ۽ 15 اپريل 2009 جي وچ واري رات لانچ ڪيو ويو هو.
    فورم کي شروع ڪندي هن وقت 4 سال ٿي چڪا آهن. شروع شروع ۾ ڪجهه دوست فورم جي رونق وڌائڻ پيش پيش هوندا هئا پر افسوس هاڻي اهي پنهنجي پنهنجي مجبورين ڪري اسان سان گڏ نه آهن. خوشي جي ڳالهه اها آهي ته انهن جي جڳهه ٻين دوستن وٺي ورتي آهي ۽ رونق جو سلسلو اجهائڻ نه ڏنو آهي.
    گذريل چئن سالن ۾ سنڌ سلامت جو رنگ ۽ روپ پڻ بدلبو رهيو آهي بلڪه ڏٺو وڃي ته پوري انٽرنيٽ تي سنڌي جو نقشو تبديل ٿي چڪو آهي. هاڻي انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جي سائيٽس جو ڪافي اضافو ٿي چڪو آهي. سنڌي بلاگز کان علاوه سنڌي اخبارن ۽ ٻين سائيٽس جو پڻ خاطر خواه اضافو ٿي چڪو آهي.
    هاڻي ڪمپيوٽر يا انٽرنيٽ تي سنڌي لکڻ پهريان کان ڪافي آسان ٿي چڪو آهي. گوگل تي سنڌي لفظ جي ڳولا تي نت نين سائيٽن جو پتو پئجي رهيو آهي. هاڻي ته سرچ انجنز تي سنڌي سائيٽس جو مقدار پڻ ڪافي انڊڪس ٿي چڪو آهي. ڪنهن شعر جي هڪ مصرعي جي ڳولا ڪجي ته ٻيو مصرعو ته ڇا پورو غزل ملي سگهي ٿو. انهن سمورين تبديلين ۾ سنڌ سلامت مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ٻولي جي ان اوسر جو سلسلو جاري آهي ۽ انشاء الله جاري رهندو.
    سنڌ سلامت فورم جو گذريل سال سڀ کان اهم ۽ انتهائي يادگار سال رهيو آهي. هن سال فورم کي نئين سافٽويئر زين فورو تي منتقل ڪيو ويو. هوئن ته اڳ ئي سنڌ سلامت فورم سافٽويئرس جي منتقلي جي مرحلي مان گذريو آهي پر زين فورو تي منتقلي يادگار ۽ منفرد آهي. ان تبديليءَ جون ڪجهه يادون هن لنڪ تي ملي سگهن ٿيون.
    سنڌ سلامت فورم جي سالگره جي موقعي ته جتي اسان پنهنجي گذريل ڪارڪردگين جو جائزو وٺنداسين اتي نئين سال لاءِ ڪجهه ٽارگيٽس جو تعين پڻ طئي ڪنداسين. سنڌ سلامت فورم تي اڄ جيڪا رونق موجود آهي يقينن اها توهان سڀني مهربانن ڪري آهي اهو ئي سبب آهي ته سنڌ سلامت جي هر ڪاميابي پٺيان رڳو انتظامي رڪن نه پر عام رڪن پڻ شامل آهن.
    سنڌ سلامت جي سالگراه جي موقعي ته ايندڙ ڪجهه پروجيڪٽس جي حوالي سان پڻ دوستن کي آگاهي ڏيڻ چاهيندس ته جيئن اسان جا ٽارگيٽس اسان کي پنهنجي منشور طور هر وقت ياد رهن.

    سنڌ سلامت تعليم
    سنڌ سلامت جا چاهيندڙ هميشه سنڌ سلامت انتظاميه کي ورچوئلي ڪم کي اڳتي وڌائيندي ڪجهه عملي ڪمن جا مطالبا ڪندا رهندا آهن پر مالي مجبورين کي ڏسندي ڪوششون اڌوريون رهجي وڃڻ جا انديشه رهندا آهن. ان باوجود هن تعليمي سال کان سنڌ سلامت تعليمي ميدان ۾ پڻ قدم وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ۽ سنڌ سلامت جي نائب منتظم محترم علي ظفر المعروف علي علي جي مالي سهائتا سان سنڌ سلامت پبلڪ اسڪول جو قيام عمل ۾ آندو آهي. جنهن کي فعال طور ڪم ڪرڻ لاءِ ڪجهه غير سرڪاري تنظيم سان رابطي جون ڪوششون پڻ جاري آهن ۽ ادا ايس ايم درس پڻ پنهنجي ڪوششن ۾ رڌل آهي ته جئين سنڌ جي ڏورانهين علائقن ۾ مفت ۽ بهترين تعليم آڻي سنڌين ۾ علم جي شمع کي چمڪائي سگهجي. ان سلسلي ۾ جلد تفصيل پيش ڪيا ويندا

    سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن سافٽويئر
    هن پروجيڪٽ جي انچارج محترم رحيم بخش ڏاهري صاحب جن مسلسل ڪوششن سان پروجيڪٽ جي طئي ٿيل مختلف مرحلن مان ڪاميابي سان گذري رهيا آهن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي هن ڏکئي ۽ وقت گهرندڙ پروجيڪٽ کي انشاء الله هن ئي سال مڪمل ڪري وٺندا. هن پروجيڪٽ تي ٿيندڙ اپڊيٽ کي هتي ڪلڪ ڪري معلوم ڪري سگهجي ٿو.
    مٿي ڪلڪ تي نه کلي ته هت ڪلڪ ڪري معلوم ڪري وٺندا۔

    سنڌ سلامت سنڌي کان انگريزي ۽ انگريزي کان سنڌي ڊڪشنري
    پروجيڪٽ جي انچارج محترم عبدالحفيظ لغاري هن پروجيڪٽ تي ڪافي اڳڀرائي ڪري چڪا آهن. ڪجهه دوستن پڻ سندن ڪم ۾ ڪافي ساري مدد ڪئي آهي. اميد ته پي ايڇ ڊي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هاڻي هن پروجيڪٽ کي پاڻ وڌيڪ وقت ڏيندا ۽ جلد ئي ان سلسلي ۾ ٿيل اڳڀرائي سموري ساٿ سامهون آڻيندا.

    سنڌ سلامت فونٽ سرور
    هي هڪ اهڙو سرور اسڪرپٽ هوندو جنهن تي سنڌي ٻولي جي سمورن فونٽس کي هڪ بهترين تريب سان سائيٽ تي اپلوڊ ڪيو ويندو جتان نه صرف هڪ ئي وقت سمورن سنڌي فونٽس تائين پهچ آسان هوندي بلڪه فونٽ کي ڊائونلوڊ ڪرڻ، فونٽ کي سائيٽ تي امبيڊ ڪرڻ ۽ فونٽ بابت مڪمل معلومات ۽ تفصيل موجود هوندا. پروجيڪٽ انچارج محترم سجاد علي چنا پنهنجي ڪاوشن کي مناسب صورت ڏيندي جلد ساٿ اڳيان پيش ڪندا.

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نئين ترتيب
    محترم سليمان وساڻ جي مسلسل محنتن سان سنڌي ڪتاب گهر ۾ اي ڪتاب جي صورتن ۾ ڪافي اضافو ٿي چڪو آهي. ڪوشش آهي ته ڪتاب گهر کي وڌيڪ بهتر ۽ ڪتابن بابت معلومات ۽ ڳولا کي وڌيڪ آسان ۽ سهل بنائڻ لاءِ ڪتاب گهر جي نئين سر بهتر ترتيب ڏني ويندي.

    سنڌ سلامت ڊائونلوڊ سيڪشن
    ڪافي وقت کان سنڌ سلامت جو هو مشهور سيڪشن ڪجهه اخلاقي رڪاوٽ ڪري پوئتي رهيل آهي ڇو ته فورم تي ڪريڪ ۽ پيچز کي سنڌو سئون شيئر ڪرڻ جي اجازت رکيل نه آهي. ايندڙ سال هن سيڪشن کي بهتر ترتيب ڏني ويندي. ۽ فورم تي فري ويئر سافٽويئر جي سلسلي کي متعارف ڪرائڻ کان سواء پروفيشنل سافٽويئرس جا بهتر لنڪس ڏسيا ويندا گڏ پيچز ۽ ڪريڪس بجاءِ سيريل ڪيز پيش ڪرڻ جي ڪچهري آفر پڻ پيش ڪئي ويندي.

    سنڌ سلامت ٽيوب
    هي ڪو يوٽيوب جو متبادل اسڪرپٽ نه هوندو پر مختلف سائيٽس تي موجود سنڌي موسيقي کي هڪ خاص ترتيب سان سنڌ سلامت تي پيش ڪيو ويندو. جيئن ته يوٽيوب ان سلسلي ۾ هڪ وڏو ڊيٽابيس رکندڙ سائيٽ آهي ان ڪري سنڌ سلامت ٽيوب جو گهڻو انحصار پڻ يوٽيوب تي هوندو. جيئن ئي حڪومت طرفان يوٽيوب تان پابندي کڄندي سنڌ سلامت ٽيوب کي عمل ۾ آندو ويندو.

    سنڌ سلامت فورم سافٽويئر کي نئين ورجن تي اپڊيٽ ڪرڻ
    سنڌ سلامت فورم کي گذريل سال آڪٽوبر ۾ زين فورو جي 1.1.2 ورجن تي انسٽال ڪيو ويو هو. ڊيڊ اسڪرپٽ سڏائيندڙ هي اسڪريپٽ پنهنجي ابتدا کان پريشانين جو شڪار آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٽئين سال ۾ پهچندي پڻ پنهنجو ٻيو ورجن پيش نه ڪري سگهيو آهي. ان جو اهو مقصد بلڪل به نه آهي ته زين فورو ناڪام ٿيو آهي. ڇو ته گذريل ٻن سالن هڪ انداز مطابق لڳ ڀڳ 2 لک وي بليٽن فورم هن اسڪرپٽ تي منتقل ٿي چڪا آهن. ان ڪري زين فورم انتظاميه کين مڪمل سپورٽ ڏيڻ ۾ پيش پيش آهي. سنڌ سلامت تي انسٽاليشن کان پوءِ اسڪرپٽ جا ٻه اپڊيٽ اچي چڪا آهن. ان ڪري سنڌ سلامت کي وڌيڪ بهتر پوزيشن ۾ آڻڻ لاءِ فورم کي ترت 1.1.4 اپڊيٽ تي آندو ويندو جنهن کان پوءِ سنڌ سلامت تي ڪجهه اضافي پلگ انس انسٽال ڪري سگهبا.

    سنڌ سلامت ايوارڊ
    هميشه وانگر هن سال به سنڌ سلامت طرفان سال جي آخر ۾ پنهنجي انهن رڪنن کي ايوارڊ ڏيندي جن سنڌ سلامت تي اچي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. اهڙن ايوارڊس جو جلد اعلان ڪيو ويندو.

    آخر ۾ مان پنهنجي پياري دوست عمران علي ”درويش“ سومرو جي سنڌ سلامت جي سالگره تي تيار ڪيل نڪور ڊيزائننگ شاعري پيش ڪندس جيڪا پاڻ سمورن سنڌ سلامت جي ساٿين جي نانء ڪئي آهي... سندس لک لائق
    [​IMG]
    منهنجي توهان سڀني دوستن کي دعوت آهي ته سنڌ سلامت جي چوٿين سالگره جي موقعي کي دلچسپ ۽ پررونق بنائڻ لاءِ فورم جي جاري سلسلن ۾ ڀرپور شرڪت ڪريو ۽ ٿي سگهي ته پنهنجي طرفان به معلوماتي ۽ تفريحي سلسلا شروع ڪريو۔۔۔ اسان جي به ڪوشش جاري هوندي ته سنڌ سلامت فورم ۾ توهان جي دلچسپي لاءِ نين سهولتن جو اضافو ڪندا رهون ۽ سنڌ سلامت فورم کي بهتر بنائڻ ۽ ان جي علمي ۽ تحقيقي ڪمن کي يقيني بنائڻ لاءِ توهان جي مشورن تي عمل ڪندا رهون۔۔۔​
    اميد ته پنهنجي قيمتي مشورن جي آگاهي ضرور ڏيندا۔۔۔​
    والسلام​
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت​
     
    34 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    سنڌ سلامت فورم جنهن طرح سان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ۾ پيش پيش رهيو آهي اُهو هڪ وڏو ڪارنامو آهي۔ علم ۽ ادب کانسوا دنيا جي ڪا به قوم اڳتي نٿي وڌي سگهي۔ اڄ جو دور اليڪٽرانڪ جو دور آهي۔ علم حاصل ڪرڻ جا نِت نوان طريقا وجود ۾ اچي چُڪا آهن۔ ڪمپيوٽر هاڻ هر ماڻهو جي کيسي ۾ پيو آهي۔ياد رکڻ گُهرجي ته دنيا جي ترقي سان ڪنڌوڪنڌي ۾ ملائي هلڻ کانسوا ٻيو ڪو رستو نه آهي۔ اهي قومون جن وقت سان گڏوگڏ پنهنجي حالت ۾ تبديليون ڪيون، علم کي عام ماڻهن تائين پهچايو، اُهي اڄ ترقي يافته سڏائجن ٿيون۔ سنڌ پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت تي ڪيستائين ناز ڪندي رهندي۔ اسان کي جديد دور جي گُهرجن کي اپنائڻو پوندو۔ هر سنڌي کي ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ ان تي موجود مسلسل شامل ٿيندڙ هر هڪ نئين ڄاڻ کي سکڻو پوندو۔ سنڌ ۾ علم جي روشني ڦيلائيڻ ۾ سنڌ سلامت جو ڪردار ناقابلِ فراموش آهي۔ ڪمپيوٽر تي سنڌ جو وجود ، سنڌ جي سڃاڻپ ، دنيا آڏو پڙهيل لکيل سنڌين جي حيثيت کي جنهن انداز سان سنڌ سلامت سامهون آندو آهي شايد ئي ڪنهن ٻي سنڌي سائيٽ ايئن ڪيو هُجي۔
    اسان جو وجود سنڌ سان آهي۔ سنڌي ٻولي سان آهي۔ سنڌ امڙ جي شهرن، ڳوٺن، وسندين، باغن۔ ٻنين، وڻن، هڪ هڪ پتي ۾ اسان جو ساهه آهي۔ ان جي آجپي، ان جي ترقي۔ ان جي شان وڌائڻ لا اسان سڀن کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون۔ سنڌ سلامت هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جتي سنڌ جي روشن مستقبل لا سوچيو وڃي ٿو، عملي قدم کنيا وڃن ٿا۔ سنڌي ماڻهن کي ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻولي ۾ ئي هر جديد علم سان روشناس ڪرائڻ۔ ان کي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ حاصل ڪرڻ لا همٿايو وڃي ٿو۔اهڙي عظيم ڪارنامي تي منهنجو سنڌ سلامت جي سڄي سٿ کي سلام آهي۔
    منزل اڃا پري آهي۔اسان کي اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي۔ رستو اڻانگو ضرور آهي پر انشاالله سڀني جي گڏيل ڪوششن سان اهو ڏينهن به ايندو جڏهن اسان فخر سان پاڻ کي سنڌي قوم جو فرد چئي دنيا جي ٻين قومن سان اکيون اکين ۾ مِلائي ڳالهائي سگهنداسين۔
    سنڌ سلامت جي چوٿين سالگرهه جي مبارڪ نه صرف پوري انتظاميه کي هجي پر هر هڪ رڪن، هر هڪ سنڌي کي به دِل جي گهرائين سان مبارڪباد۔ شل الله پاڪ پنهنجي مِٺي محبوب مديني واري جي صدقي هن لاٽ کي هميشه روشن رکي۔آمين۔
     
    18 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    مهربان دوست ذيشان رشيد اوهان تمام ڀلي آگاهي ڏني آهي اسان به انشاءِالله اوهان ڀائرن جا ٻانهن ٻيلي ٿي رهنداسين ۽ اوهان محترم استادن جي شفقت ۾ گهڻو ڪجهه سِکنداسين
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ سلامت جي سهڻي دوست درويش جي عقيدت جا گل، ۽ سهڻي دوست رشيد سمون جا تفصيل جيڪي هنن ٻنهي دوستن سنڌ سلامت تي نڇاور ڪيا آهن، لفظن جا گل، جذبن جا گل، محبتن جا گل جيڪي آءُ ارپيان ٿو سنڌ سلامت سميت سڀني انهن دوستن کي جن سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ تي وڌايو ۽ رچايو آهي، جن سنڌي ٻوليءَ جو پاڻي هڪ درياه مان کڻي ٻي درياهه ۾ وهايو آهي ... جن ڪتابن تان ادب کي کڻي انٽرنيٽ تي عام ڪري دنيا تائين پهچايو آهي.

    سلام دوستو!

    جيڪي ماڻهون پنهنجي ٻوليءَ جي حفاظت ڪن ٿا، اصل ۾ اهي پنهنجي ماتا جي لورين جو قرض ادا ڪنٿا ۽ قومي فرض ادا ڪنٿا ...

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    بهترين ڪاوشون اسانجي سهڻن يارن جون ۽ انشاالله اڳتي به همٿ سان ڪم وٺبو ۽ وڌبو رهبو۔

    آخر ته ٿيندو سوجهرو رهڻي ناهي رات
    سنڌ سلامت جو ساٿ هميشه رهندي رڳ ۾

    سڀني پيارن جي نا

    سدائين گڏ
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    انهن ڏينهن ۾ مون به انٽرنيٽ تي سرچنگ ڪرڻ شروع ڪئي هئي.۽ مان انهن ڏينهن ۾سنڌي سائيٽن جي ڳولا ۾ رهندو هئس ۽ ائين ڳولا ڪندي ڪندي منهنجي نظر سنڌسلامت تي وڃي پئي ۽ شروع ۾ مون کي ڳالهه مڙوئي گهٽ پئي سمجهه اچي، پر پوءبه مون سنڌ سلامت کي ڏسڻ نه ڇڏيو.۽ انهن ڏينهن ۾ سنڌ سلامت جي سرواڻ رشيدسمون صاحب جن سان فون تي رابطو پڻ ٿيو ۽ انهيء دوران سمون صاحب مون کي سنڌسلامت جو ميمبر ٿيڻ لاء چيو ۽ ان جو طريقيڪار پڻ ٻڌايو ۽ اهڙي ريت مان سنڌسلامت جو ميمبر ٿئي ويس. ۽ مان ميمبر 14 فيبروري 2010ع ۾ ٿيس ۽ پوءڳالهه پسند آئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت واري جذبي سان سنڌ سلامت تي مون پڻ ڪجهه ڪوشش ڪئي ۽ ڪجهه ڪچا ڦڪا ليک ۽ تاثر پڻ لکندو رهيس جيڪي منهنجن سنڌ سلامت جي دوستن کي پسندبه آيا ته ناپسند به لڳا، جنهن جو اظهار انهن پنهنجن تاثرات ۾ پڻ ڪيو هو۔،۔۔۔۔۔۽ انهن ڏينهن ۾ مون کي ڪجهه وقت ملندو هو جنهن جي ڪري مان سنڌ سلامت کي مڙئي وقت گهڻو ڏئي سگهندو هئس مگر هاڻ آفيس جي ڪجهه ذميوارين جي وڌڻ جي ڪري سنڌسلامت کي وقت مڙئي گهٽ ٿو ڏئي سگهان، باقي سنڌ سلامت فورم سان محبت اهائي ساڳي آهي۔جيئن گهڙي جا ڪانٽا پنهنجو پاڻ ۾ ملندا ته ڪڏهن ڪڏهن آهن مگر هوندا سدائين گڏ آهن۔ جنهن لاء سنڌ سلامت جي دوستن ۽ انتظاميه کان پڻ معذرت ٿو ڪريان۔ انهن ڏينهن ۾ سمون صاحب به مونسان فون تي ڪافي وقت ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا رهندا هئا ۽ انهن ڏينهن ۾ سنڌ سلامت فورم جي ميمبرن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري حال احوال ڪرڻ لاء سمون صاحب هڪ سلاطين هوٽل تي گڏجاڻي پڻ رکندا هئا مگر شايد وقت نه هجڻ جي ڪري هاڻي اهي عمل ٿيندي نظر اچي نه رهيا آهن ،يا وري اگر اهي عمل ٿئي به رهيا آهن ته ان جو مون کي علم نه رهيو آهي، مگر ادا اهيا حقيقت آهي ته انٽر نيٽ جي دنيا ۾ سنڌي کي عام ڪرڻ ۾ سنڌ سلامت جو وڏو ڪردار رهيوآهي، جنهن جي تعريف نه ڪرڻ پنهنجو پاڻ سان ناانصافي ڪرڻ آهي۔ دعا آهي تهشل سدائين اسان جي هي سنڌ ، سنڌي ٻولي، سنڌي ماڻهون ۽ سنڌ سلامت فورم آباد ۽ شاد رهي آميــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــن
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    محترم سائين رشيد صاحب پاران سنڌ سلامت بابت تفصيلي ليک پڙهي ماضي ،حال ۽ مستقبل جي ڄاڻ پئجي وئي۔ اسان جي به اها ئي ڪوشش رهي آهي ته سنڌ سلامت سان ايڏو ئي چاهه رکجي جئين اسان پنهنجي بقا لا جاکوڙيون ٿا، ڇو ته ان ۾ ئي اسان جي به بقا آهي، جيڪڏهن هي ٻولي نه آهي ته هوند اسان جو وجود کوکلو ئي آهي، اڄ جيڪو ڪجهه به هي اکر اکر، سٽ، سٽ سنڌ سلامت تي سڀئي سڄڻ پاڻ ۾ ونڊ ڪري رهيا آهن يقينن اهو سڀ ڪجهه ايندڙ نسل لا وڏو هڪ علم جو خزانو معلوم ٿيندو، ائين سمجهو موئن جي دڙي جي تاريخ کي نئون نڪور ڪري اوهان سموري دنيا تائين پهچائي رهيا آهيو، يقينن جيڪي سنڌ کان ڏور رهن ٿا اهي جيڪڏهن سنڌ جا ماڳ گهمڻ هت نٿا اچي سگهن اهي سنڌ سلامت تي اچن ٿا ۽ پنهنجن ماڳن کي ڏسي سڪ لاهين ٿا۔ جيڪي پنهنجي ٻولي ۾ لکڻ پڙهڻ گهرن ٿا اهي سنڌ سلامت جو ڀيرو ڀري پنهنجي اُڃ اُجهائن ٿا، اڄ جي دور ۾ جتي ٻار ٻار کي ڪمپيٽر هٿ ۾ آهي اهي جيڪڏهن سنڌ سلامت سان واڳيل آهن ته سمجهو انهن کي ا ب ٻ ڀ واري پٽي پڙهڻ لا ڳوٺ جي ڏورانهين اسڪول ۾ وڃڻو ئي نه پوندو اهو سڀ ڪجهه سنڌ سلامت تي موجود آهي۔۔بس سائين رشيد واري اها ڳالهه ته تعليم بابت جيڪو پراجيڪٽ آهي ان سلسلي ۾ هر باشعور ميمبر کي سهڪار ڪرڻ گهرجي ته جئين اسان جي ڳوٺن جا ٻارڙا به سنڌ سلامت جي سونهن مان فيضياب ٿي سگهن۔۔۽ جيتري جاکوڙ تعليم جي واڌاري لا ڪبي سمجهو اوتري ئي ترقي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ٿيندي۔ ۽ هن کان به وڌيڪ ايندڙ وقت ۾ سنڌ سلامت انٽرنيٽ تي بي پناهه رنگن سان هميشه نروار رهندي ايندي۔ سهڻي فقير صفت دوست عمران درويش پاران سٽون هنيا ۾ گهر ڪري ويون آهن۔۔لک قرب سڄڻن جا۔۔ ساٿ سلامت، سنڌ سلامت
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    انشا الله تعالي سائين ذيشان کي وک وک تي ساٿ ڏبو۔ پنهنجي وس هر ذميواري پوري ڪبي۔ انهي سلسلي ۾ سائين ۽ منهنجي هڪ دوست سان گڏجاڻي رکيل هئي پر قسمت سان انهي دوست جي گهر ۾ ڪنهن ويجهي مائٽ جي فوت گي ٿي پئي جنهن ڪري ڳوٺ ويل هو۔ هاڻي هڪ ڏينهن سائين ۽ مان ساڻس هٿ فاتع به ڪنداسين ته پنهنجي ڪم لا به ڳالهه ٻولهه به ڪنداسين۔ توهان سڀني دوستن جون دعائون اسان سان گڏ آهن۔ انشا الله هڪ ڏينهن ضرور انهي نيڪ مقصد ۾ ڪاميابي ماڻينداسين۔ آمين۔
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انهن سڀني دوستن کي جس ڏيان ٿو جن سنڌ سلامت جو خيال دل ۾ آندو ۽ ان خيال کي عملي جامو پهرايو۔ مونکي ياد آهي ته علي علي سان جڏهن پهرين ملاقات ٿي هئي ته هن چيو هو ته مان نه پئي سمجهيو ته ڪو سنڌي فورم به هلي سگهندو پر اڄ هن کي حيرت ۽ تمام گهڻي خوشي آهي جو سنڌ سلامت سنڌي ٻولي جو محبوب فورم بڻجي ويو آهي۔

    مان فورم جي شروعات ڪندڙ دوستن رشيد سمون، عامر ضياء چارڻ ۽ علي علي کي جس ڏيان ٿو جن هن فورم کي ڪاميابي سان شروع ڪيو۔ مان اڄ انهن دوست کي به نه وساريندس جيڪي اڄ سرگرم ناهن پر هنن سنڌ سلامت لاء گهڻو ڪجهه ڪيو، خاص ڪري محترم ابوزين، سائين ابو واصف، عبدالوهاب قنمبراڻي ۽ ٻيا جيڪي اڄ ڪلهه نظر نه ٿا اچن۔

    مان سڀني دوستن، ميمبرن، صلاحون ڏيندڙن، شاعرن، اديبن، صحافين جو به ٿورائتو آهيان جيڪي اسان جي رهنمائي ڪندا رهن ٿا۔ ادا رشيد گهڻن پراجيڪٽس جو ته ذڪر ڪيو آهي پر ڪجهه شايد رهجي ويا اٿس۔ انهن مان ڪجهه هي آهن:

    سنڌ سلامت قرآن ڳولها، سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪ مارڪليٽ، سنڌ سلامت سنڌي ڳولها، تاريخ جي ورقن مان وغيره۔

    اوهان دوستن جي ساٿ ۽ سهڪار جي اميد سان گڏ اوهان لاء دعائون ۽ اوهان جون مهربانيون۔

    اهم پراجيڪٽ آهي سنڌ سلامت سرچ
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سنڌ سلامت جي سالگرهه جي موقعي تي سڀني پيارن کي مبارڪون هجن خصوصا سائين ذيشان رشيد جن کي جن جي ڪاوشن هن فورم کي هن منزل تائين پهچايو آهي ٻين پيارن به پنهنجو پاڻ ملهايو آهي سائين محمد سليمان وساڻ سائين نثار ابڙو ، سائين عبدالحفيظ لغاري۔ سائين غلام مصطفى ميمڻ ، محترم عامر ضياء چارڻ ، محترم سائين نثار ناز ، محترم سائين ابو واصف، محترم سائين ابو زين ، محترم عمران سومرو ، محترم زاهد سومرو، محترم عبدالوحيد ڦلپوٽو، محترم ممتاز وگهيو، محترم منظور عباسي، محترم ايس ايم درس، محترم ممتاز احمد قريشي، محترم طاهر سنڌي۔ محترم عرس پريو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست شامل آهن جن فورم تي بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ هر معاملي ۾ هر وقت مدد لاء تيار نظر ايندا آهن۔
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. imdad samo

    imdad samo
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2013
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Sita Road, Sindh, Pakistan
    واه واه اصل مزو اچي ويو ۔۔۔۔ توهان جس لهڻو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين امداد جن جي تحرير کي سنڌي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    مان شاباس ڏيندس ادا رشيد کي جنهن سنڌ سلامت کي منزل تائين پهڇايو آهي۔
    ڇوٿين سالگره تي کيس منهنجي طرفان مبارڪ
    اميد ته هٿي فورم تمام گهڻي ترقي ڪندو
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    سائين سنڌ سلامت جي چوٿين سالگره تي ادا رشيد ۽ سڀني سينيئر رڪنن کي هي ناچيز مبارڪ باد ٿو پيش ڪري، ان اميد سان سنڌ سلامت اڃا وڌيڪ ترقي ماڻيندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. گل شير احمد ڀلائي

    گل شير احمد ڀلائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جون 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪيبل آپريٽر
    ماڳ:
    جده سعودي عرب
    سنڌ سلامت جي چوٿين سالگره تي سڀني دوستن کي دل جي ًًگھرائين سان مبارڪون پيش ڪيون ٿا ۽ اسان اميد ٿا ڪيون ته سنڌ سلامت اڃا وڌيڪ بھتر کان بھتر ڪم ڪندو رھندو ۔انشاالله ۔
     
  16. سليم رند

    سليم رند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 مئي 2012
    تحريرون:
    136
    ورتل پسنديدگيون:
    409
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سنڌ ۽ سنڌين سان محبت ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪنده ڪوٽ سنده
    سنڌ سلامت جي سالگرهه جي موقعي تي سڀني پيارن کي مبارڪون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    اهي به ڏينهن هوندا هئا جڏهن اهڙين تحريرن ۾ عبدالوهاب جو نالو به ايندو هو۔ پر مرحوم ويچارو۔ :D
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا رشيد، ايترو ڪمپيوٽر ته ڪونه ڄاڻيون، پر اوهان کي مشورا مفت ڏيئي ٿو سگهان۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ادا اوهان ته اسان جي دلين ۾ آهيو ۔۔۔۔ بس ٿورو سرگرم ٿيو ته فورم تي به هوندا ۽ تحريرن ۾ به هوندا۔

    دل کان ناهيون دور، دوري آهي ديد جي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    انهن سڀني دوستن کي جس ڏيان ٿو جن سنڌ سلامت جو خيال دل ۾ آندو ۽ ان خيال کي عملي جامو پهرايو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو