2009 جي ڳالهه آهي جڏهن انٽرنيٽ کي هن مُلڪ ۾ آئي ڏهاڪو سال ٿي چُڪا هئا ۽ سنڌي ٻولي لکڻ جون ڪوششون شروعاتي ڪاميابي جا مرحلا طئي ڪري رهيون هيون. پر انهيءَ وقت بهار مُند جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ رات جو ڪنهن دوست جي آفيس ۾ هڪ سست ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندي رشيد سمون اهو قطعي به نه سوچي رهيو هو ته هنن جي اها ننڍڙي ڪوشش ڪيتري ڪامياب ٿيندي؟ هُن انهيءَ وقت ته بس هڪ اُميد رکي فورم ٺاهڻ لاءِ سروس ڏيندڙ ويب سائيٽ وي بليٽن جو سنڌي ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته جيئن ٻين ٻولين جيان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو سُٺو فورم هُجي. جتي سڀ سنڌي ۾ لکجي. ڪو اِرر ميسيج اچي ته به سنڌي ۾. ڪو ڪم مُڪمل ٿئي ته انهي جو اطلاع به سنڌي ۾. ڪو موضوع اچي ته به سنڌي ۾ ۽ ان جو جواب ڏِجي ته به سنڌي ۾. انهيءَ رات جي اوڄاڳي کي اڄ جڏهن چار سال پورا ٿي رهيا آهن ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام وي بليٽن تي بنياد رکي هن وقت زين فورو جهڙي ڪامياب سافٽويئر تي پُهچي چُڪي آهي ۽ هتي ڀيرو ڀڃيندڙ جي ٽرئفڪ هزارن جا انگ اکر ٽپي لکن تي پُهتي آهي.
چار سالن جي انهي سفر ۾ جتي رشيد سمون پنهنجي مستقل مزاجي جي ڪامياب هٿيار سان هن فورم کي ڏينهن رات هڪ ڪري ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اُتي سندس ٻيا انتظامي ساٿي به پنهنجي وسان نه ٿا گهٽائين. خاص ڪري سنڌ سلامت جو مئنيجنگ ايڊيٽر ۽ سوشل نيٽ ورڪ جي دنيا جو سرگرم سنڌي سليمان وساڻ. جنهن پنهنجو وقت ۽ پئسو ڏيئي هن فورم جي ڪاميابيءَ لاءِ ايئن ڪوشش ڪئي آهي جيئن ڪو والد پنهنجي اولاد جي لاءِ اونو رکي انهيءَ جي پالنا ڪندو آهي. انهيءَ کان علاوه لفظن جو جادوگر سائين نثار ابڙو، ٻانهن ٻيلي عامر ضياء چارڻ ۽ ٻيا ساٿي به هن فورم جي سُٺائي لاءِ ڪوشان آهن.
اڄ سنڌ سلامت جي چار ساله زندگي تي روشني وِجهڻ کان اڳ اهو ٻُڌائڻ ضروري سمجهندس ته هي فورم ڇو ڪنهن ٻي سنڌي ويب سائيٽ کان وڌيڪ ڪامياب آهي؟ ڇو هن فورم تي ڀيرو ڀڃڻ گهُرجي. ڇو هن فورم جو ميمبر ٿي هتي پنهنجا ويچار ونڊڻ ضروري آهي ۽ ٻين جا خيال پڙهڻ فائدي وارو آهي؟
سڀ کان پهرين ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي موجود سافٽويئر، سنڌي ڪتاب ۽ ٻيو مواد ايترو آهي جو جيڪڏهن گوگل ۾ سنڌي ٻولي ۾ لکي ڪُجهه سرچ ڪجي ته سؤ مان نوي سيڪڙو رزلٽ ۾ سنڌ سلامت پهرين نه ته ٻي نمبر تي ضرور اوهان جي مطلب جي شيءِ سان موجود هوندي. انهيءَ مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ سلامت هن ٿوري عرصي ۾ سنڌي جي وڏن وڏن ادارن جي ويب سائيٽس جي مواد جي ذخيري سان وڃي ٽڪر ڪئي آهي. انهيءَ کان علاوه سنڌ سلامت جي انتهائي منفرد پروجيڪٽش جي ڳالهه به ڪُجهه اهڙي آهي جيڪا هن فورم جي اهميت، افاديت ۽ ڪشش وڌائي ٿي. انهيءَ جا ڪُجهه مثال هتي ڏجن ته بهتر ٿيندو.
سنڌ سلامت جي مرڪزي صُفحي تي موجود پروجيڪٽ تي ڪلڪ ڪري ڏسبو ته اُهي سڀ پروجيڪٽ نظر ايندا جيڪي وڏي محنت سان تيار ڪيل آهن. سڀ کان پهرين قرآن ”ڳولا پروجيڪٽ“. ياد رهي ته ساڳيو پروجيڪٽ جڏهن اردو ٻولي ۾ آيو ته انهي جي ڊولپر کي هڪ چئنل جي ميزبان پنهنجي پروگرام جا ڏهه منٽ ڏنا هئا انهيءَ تي ڳالهائاڻ لاءِ پر هي پروجيڪٽ سنڌ سلامت وارن بنا ڪنهن مڃتا يا شاباس جي ٺاهي پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو آهي جنهن ۾ اوهان سنڌي ٻولي جو ڪو اهڙو لفظ لکو جنهن بابت اوهان کي اندازو هُجي ته اهو قران ۾ ٿي سگهي ٿو ته هن پروجيڪٽ ذريعي اوهان کي قران جو اُهي سڀ آيتون هڪ هنڌ ملنديون جن ۾ اوهان جو مطلوبه لفظ آيو هوندو. انهي کان علاوه اوهان ڪنهن اهڙي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ چاهيو ٿا جتي سنڌي انسٽال انهي ٿيل يا نه ٿا پيا ڪري سگهو ته ساڳي لسٽ ۾ بوڪ مارڪليٽ نالي هڪ پروجيڪٽ آهي. انهي پروجيڪٽ ۾ سنڌ سلامت ايڊيٽر نالي هڪ لنڪ آهي. جنهن کي بوڪ مارڪ ڪري وٺو. هاڻي نيٽ جي هوندي اوهان بنا انسٽاليشن سنڌي لکي سگهو. بس جتي لکڻو آهي اُتي ڪرسر رکي بوڪ مارڪ ڪيل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو ته اهُو هن سائو ٿي ويندو ۽ سنڌي لکڻ شروع ڪيو. انهيءَ کان علاوه جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃان به ائڊوانس ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ آهن ته کين ڪنهن به اکر کي يونيوڪوڊ ۾ تبديل ڪر ڻ لاءِ به انهي لسٽ ۾ پروجيڪٽ موجود آهي.
سنڌ سلامت تي ڪتابن جو سڀ کان وڏو ذخيرو موجود آهي. جنهن ۾ الطاف شيخ صاحب جا ٻه درجن کان مٿي سفرناما سرِ فهرست آهن. انهيءَ کان علاوه مذهب، شخصيتن تاريخ، فلسفي، ڪهاڻين، ناولن، شاعري جي چونڊ ڪتابن جو وڏو تعداد هن ويب سائيٽ جي ڪتاب گهر واري سيڪشن ۾ موجود آهي. جتي نه رڳو اهي ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري سگهجن ٿا پر آنلائين پڙهي به سگهجن.
هن فورم جو هڪ ٻيو سيڪشن انتهائي اهم آهي. جنهن جو نالو هڪ پهاڪي تي رکيل آهي. اهو پهاڪو ٻُڌاندا ته ننڍي هوندي کان ٿا اچون پر انهيءَ جو صحيح معنىٰ ۾ استعمال يا کڻي چئجي سِکڻ هاڻي ٿيو آهي. اهو آهي پُڇڻا نه مُنجهڻا. هتي جڏهن به ۽ جهڙي به نوعيت جو مسئلو آيو آهي ته اهو سنڌ سلامتي دوستن حل ڪرڻ لاءِ وسان نه گهٽايو آهي. خاص ڪري ڪمويٽر سان لاڳاپيل مسئلي جي حل لاءِ ته هي سيڪشن هڪ ٽِڪ علاج آهي. پر ڪافي دوستن جا ته ذاتي نوعيت جا مسئال به حل ٿيندا رهن ٿا.انهيءَ کان علاوه به کوڙ اهڙيون شيون آهن جيڪي هن فورم تي ماڻهن کي خوب پسند آيون. مثال طور ڪنهن کي پنهنجي مطلب جو سافٽويئر، ڪنهن کي عبد القادر جڻيجو جا سڀي ڇپيل آرٽيڪل ته ڪنهن کي تاريخ جي دري مان واري سيڪشن مان هر اهم ماڻهو جي سالگرهه يا ورسي جي تاريخ ملي وئي. پر انهن سڀني جو ذڪر هتي لکڻ ممڪن ناهي.
جڏهن ايتري معلومات ۽ افاديت مُفت ۾ هُجي ته عيوض ۾ رڳو ميمبر شپ (سا به مُفت ۾) ته صفا ننڍي تقاضا آهي. ميمبر شپ تمام سؤلي آهي مطلب ته ڪنهن عام سوشل نيٽ ورڪ تي اڪائوٽ ٺاهڻ جيترو ئي ڪم آهي. بس رڳو سنڌي ٽائيپ ڪرڻ ايندي هُجي. انهي کان پوءِ سنڌي سلامت جي تعارف واري سيڪشن ۾ وڃي نئون موضوع تي ڪلڪ ڪري پنهنجو تعارف ڪرايو. ۽ آئنده لاءِ ڪنهن به سيڪشن ۾ (سواءِ چند جيڪي رڳو انتظاميه لاءِ مخصوص آهن/هُجڻ کپن) مواد موڪلڻ لاءِ متعلقه سيڪشن ۾ وڃي نئون موضوع تي ڪلڪ ڪري مواد موڪلي سگهجي ٿو. ٻين پاران آيل مود کي ڏسڻ لاءِ تازه ترين يا فعال موضُوع تي ڪلڪ ڪري ڏسي سسگهجي ٿو. ۽ جي رُڪنيت آهي ۽ لاگ ان آهيو ته موضوع جو جواب موڪلي سگهجي ٿو.
سنڌ سلامت تي اچي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي ٿئي ته پُڇڻا نه مُنجهڻا سيڪشن ۾ وڃي سوال موڪلي سگهجي ٿو. يا وري سنڌ سلامت سکيا ۾ موجود هر مسئلي جي حل لاءِ اڳواٽ موجود موضوع پڙهي سگهجن ٿا.
سنڌ سلامت جي سالگرهه تي هميشهه جيان سڄي سال جي محنت کان پوءِ ڪُجهه نوان پروجيڪٽ به لانچ ٿيڻ وارا آهن جيڪي يقينن اڳي جيان سنڌي ڀائرن ۽ ڀيڻن لاءِ فائدي وارا ٿيندا.
روزانه هلالِ پاڪستان (15 اپريل 2013)
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: