سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام- جتي سنڌ گڏجي ٿي (اخباري ليک)

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]

    2009 جي ڳالهه آهي جڏهن انٽرنيٽ کي هن مُلڪ ۾ آئي ڏهاڪو سال ٿي چُڪا هئا ۽ سنڌي ٻولي لکڻ جون ڪوششون شروعاتي ڪاميابي جا مرحلا طئي ڪري رهيون هيون. پر انهيءَ وقت بهار مُند جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ رات جو ڪنهن دوست جي آفيس ۾ هڪ سست ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندي رشيد سمون اهو قطعي به نه سوچي رهيو هو ته هنن جي اها ننڍڙي ڪوشش ڪيتري ڪامياب ٿيندي؟ هُن انهيءَ وقت ته بس هڪ اُميد رکي فورم ٺاهڻ لاءِ سروس ڏيندڙ ويب سائيٽ وي بليٽن جو سنڌي ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته جيئن ٻين ٻولين جيان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو سُٺو فورم هُجي. جتي سڀ سنڌي ۾ لکجي. ڪو اِرر ميسيج اچي ته به سنڌي ۾. ڪو ڪم مُڪمل ٿئي ته انهي جو اطلاع به سنڌي ۾. ڪو موضوع اچي ته به سنڌي ۾ ۽ ان جو جواب ڏِجي ته به سنڌي ۾. انهيءَ رات جي اوڄاڳي کي اڄ جڏهن چار سال پورا ٿي رهيا آهن ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام وي بليٽن تي بنياد رکي هن وقت زين فورو جهڙي ڪامياب سافٽويئر تي پُهچي چُڪي آهي ۽ هتي ڀيرو ڀڃيندڙ جي ٽرئفڪ هزارن جا انگ اکر ٽپي لکن تي پُهتي آهي.
    چار سالن جي انهي سفر ۾ جتي رشيد سمون پنهنجي مستقل مزاجي جي ڪامياب هٿيار سان هن فورم کي ڏينهن رات هڪ ڪري ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اُتي سندس ٻيا انتظامي ساٿي به پنهنجي وسان نه ٿا گهٽائين. خاص ڪري سنڌ سلامت جو مئنيجنگ ايڊيٽر ۽ سوشل نيٽ ورڪ جي دنيا جو سرگرم سنڌي سليمان وساڻ. جنهن پنهنجو وقت ۽ پئسو ڏيئي هن فورم جي ڪاميابيءَ لاءِ ايئن ڪوشش ڪئي آهي جيئن ڪو والد پنهنجي اولاد جي لاءِ اونو رکي انهيءَ جي پالنا ڪندو آهي. انهيءَ کان علاوه لفظن جو جادوگر سائين نثار ابڙو، ٻانهن ٻيلي عامر ضياء چارڻ ۽ ٻيا ساٿي به هن فورم جي سُٺائي لاءِ ڪوشان آهن.
    اڄ سنڌ سلامت جي چار ساله زندگي تي روشني وِجهڻ کان اڳ اهو ٻُڌائڻ ضروري سمجهندس ته هي فورم ڇو ڪنهن ٻي سنڌي ويب سائيٽ کان وڌيڪ ڪامياب آهي؟ ڇو هن فورم تي ڀيرو ڀڃڻ گهُرجي. ڇو هن فورم جو ميمبر ٿي هتي پنهنجا ويچار ونڊڻ ضروري آهي ۽ ٻين جا خيال پڙهڻ فائدي وارو آهي؟
    سڀ کان پهرين ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي موجود سافٽويئر، سنڌي ڪتاب ۽ ٻيو مواد ايترو آهي جو جيڪڏهن گوگل ۾ سنڌي ٻولي ۾ لکي ڪُجهه سرچ ڪجي ته سؤ مان نوي سيڪڙو رزلٽ ۾ سنڌ سلامت پهرين نه ته ٻي نمبر تي ضرور اوهان جي مطلب جي شيءِ سان موجود هوندي. انهيءَ مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ سلامت هن ٿوري عرصي ۾ سنڌي جي وڏن وڏن ادارن جي ويب سائيٽس جي مواد جي ذخيري سان وڃي ٽڪر ڪئي آهي. انهيءَ کان علاوه سنڌ سلامت جي انتهائي منفرد پروجيڪٽش جي ڳالهه به ڪُجهه اهڙي آهي جيڪا هن فورم جي اهميت، افاديت ۽ ڪشش وڌائي ٿي. انهيءَ جا ڪُجهه مثال هتي ڏجن ته بهتر ٿيندو.
    سنڌ سلامت جي مرڪزي صُفحي تي موجود پروجيڪٽ تي ڪلڪ ڪري ڏسبو ته اُهي سڀ پروجيڪٽ نظر ايندا جيڪي وڏي محنت سان تيار ڪيل آهن. سڀ کان پهرين قرآن ”ڳولا پروجيڪٽ“. ياد رهي ته ساڳيو پروجيڪٽ جڏهن اردو ٻولي ۾ آيو ته انهي جي ڊولپر کي هڪ چئنل جي ميزبان پنهنجي پروگرام جا ڏهه منٽ ڏنا هئا انهيءَ تي ڳالهائاڻ لاءِ پر هي پروجيڪٽ سنڌ سلامت وارن بنا ڪنهن مڃتا يا شاباس جي ٺاهي پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو آهي جنهن ۾ اوهان سنڌي ٻولي جو ڪو اهڙو لفظ لکو جنهن بابت اوهان کي اندازو هُجي ته اهو قران ۾ ٿي سگهي ٿو ته هن پروجيڪٽ ذريعي اوهان کي قران جو اُهي سڀ آيتون هڪ هنڌ ملنديون جن ۾ اوهان جو مطلوبه لفظ آيو هوندو. انهي کان علاوه اوهان ڪنهن اهڙي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ چاهيو ٿا جتي سنڌي انسٽال انهي ٿيل يا نه ٿا پيا ڪري سگهو ته ساڳي لسٽ ۾ بوڪ مارڪليٽ نالي هڪ پروجيڪٽ آهي. انهي پروجيڪٽ ۾ سنڌ سلامت ايڊيٽر نالي هڪ لنڪ آهي. جنهن کي بوڪ مارڪ ڪري وٺو. هاڻي نيٽ جي هوندي اوهان بنا انسٽاليشن سنڌي لکي سگهو. بس جتي لکڻو آهي اُتي ڪرسر رکي بوڪ مارڪ ڪيل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو ته اهُو هن سائو ٿي ويندو ۽ سنڌي لکڻ شروع ڪيو. انهيءَ کان علاوه جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃان به ائڊوانس ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ آهن ته کين ڪنهن به اکر کي يونيوڪوڊ ۾ تبديل ڪر ڻ لاءِ به انهي لسٽ ۾ پروجيڪٽ موجود آهي.
    سنڌ سلامت تي ڪتابن جو سڀ کان وڏو ذخيرو موجود آهي. جنهن ۾ الطاف شيخ صاحب جا ٻه درجن کان مٿي سفرناما سرِ فهرست آهن. انهيءَ کان علاوه مذهب، شخصيتن تاريخ، فلسفي، ڪهاڻين، ناولن، شاعري جي چونڊ ڪتابن جو وڏو تعداد هن ويب سائيٽ جي ڪتاب گهر واري سيڪشن ۾ موجود آهي. جتي نه رڳو اهي ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري سگهجن ٿا پر آنلائين پڙهي به سگهجن.
    هن فورم جو هڪ ٻيو سيڪشن انتهائي اهم آهي. جنهن جو نالو هڪ پهاڪي تي رکيل آهي. اهو پهاڪو ٻُڌاندا ته ننڍي هوندي کان ٿا اچون پر انهيءَ جو صحيح معنىٰ ۾ استعمال يا کڻي چئجي سِکڻ هاڻي ٿيو آهي. اهو آهي پُڇڻا نه مُنجهڻا. هتي جڏهن به ۽ جهڙي به نوعيت جو مسئلو آيو آهي ته اهو سنڌ سلامتي دوستن حل ڪرڻ لاءِ وسان نه گهٽايو آهي. خاص ڪري ڪمويٽر سان لاڳاپيل مسئلي جي حل لاءِ ته هي سيڪشن هڪ ٽِڪ علاج آهي. پر ڪافي دوستن جا ته ذاتي نوعيت جا مسئال به حل ٿيندا رهن ٿا.انهيءَ کان علاوه به کوڙ اهڙيون شيون آهن جيڪي هن فورم تي ماڻهن کي خوب پسند آيون. مثال طور ڪنهن کي پنهنجي مطلب جو سافٽويئر، ڪنهن کي عبد القادر جڻيجو جا سڀي ڇپيل آرٽيڪل ته ڪنهن کي تاريخ جي دري مان واري سيڪشن مان هر اهم ماڻهو جي سالگرهه يا ورسي جي تاريخ ملي وئي. پر انهن سڀني جو ذڪر هتي لکڻ ممڪن ناهي.
    جڏهن ايتري معلومات ۽ افاديت مُفت ۾ هُجي ته عيوض ۾ رڳو ميمبر شپ (سا به مُفت ۾) ته صفا ننڍي تقاضا آهي. ميمبر شپ تمام س‍ؤلي آهي مطلب ته ڪنهن عام سوشل نيٽ ورڪ تي اڪائوٽ ٺاهڻ جيترو ئي ڪم آهي. بس رڳو سنڌي ٽائيپ ڪرڻ ايندي هُجي. انهي کان پوءِ سنڌي سلامت جي تعارف واري سيڪشن ۾ وڃي نئون موضوع تي ڪلڪ ڪري پنهنجو تعارف ڪرايو. ۽ آئنده لاءِ ڪنهن به سيڪشن ۾ (سواءِ چند جيڪي رڳو انتظاميه لاءِ مخصوص آهن/هُجڻ کپن) مواد موڪلڻ لاءِ متعلقه سيڪشن ۾ وڃي نئون موضوع تي ڪلڪ ڪري مواد موڪلي سگهجي ٿو. ٻين پاران آيل مود کي ڏسڻ لاءِ تازه ترين يا فعال موضُوع تي ڪلڪ ڪري ڏسي سسگهجي ٿو. ۽ جي رُڪنيت آهي ۽ لاگ ان آهيو ته موضوع جو جواب موڪلي سگهجي ٿو.
    سنڌ سلامت تي اچي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي ٿئي ته پُڇڻا نه مُنجهڻا سيڪشن ۾ وڃي سوال موڪلي سگهجي ٿو. يا وري سنڌ سلامت سکيا ۾ موجود هر مسئلي جي حل لاءِ اڳواٽ موجود موضوع پڙهي سگهجن ٿا.
    سنڌ سلامت جي سالگرهه تي هميشهه جيان سڄي سال جي محنت کان پوءِ ڪُجهه نوان پروجيڪٽ به لانچ ٿيڻ وارا آهن جيڪي يقينن اڳي جيان سنڌي ڀائرن ۽ ڀيڻن لاءِ فائدي وارا ٿيندا.


    [​IMG]
    روزانه هلالِ پاڪستان (15 اپريل 2013)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 اپريل 2015
    23 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    جزاڪ الله خير سائين محترم ڊاڪٽر صاحب اصل واه واه ٿي ويئ،مَٽَ ڀڃي ڇڏيو،هن موقعي تي اوهان جي اهيا شاندار ڪاوش ڏاڍي وڻي،
    الله پاڪ اوهان تي پنهجو ڪرم جاري وساري رکي سدائين آباد رهو،
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا عبدالحفيظ لغاري توهان جو سنڌ سلامت بابت تفصيلي ڪالم پڙهي خوشي ٿي تمام بهترين نموني تعارف پيش ڪيو اٿو، ۽ اخبار جي زينت به بڻيو خاص ڪري ،
    مٿي ڄاڻايل لفظن جو تفصيل اخبار ۾ پڙهندڙن کي ضرور متوجه ڪندو

    لاجواب
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    ادا عبدالحفيظ صاحب اِها ڳالهه تمام ڀلي آهي ، ڪجهه ڏينهن اڳ مان ڪنهن ٽي وي پروگرام ۾ ڏٺو پئي هُنن جي ڪچهري هي ته ڇا هي سوشل ميڊيا جيڪي سنڌي ۾ به آهن ڇا ڪامياب وينديون ڇا اڳتي لاءَ ماڻهون رڳو انٽرنيٽ تائين محدود ٿي ويندا ، هڪڙي ورندي ڏني ته نه سائين اِهي آرضي آهن گهڻو ڪامياب نه رهي سگهندا .. جڏهن ته منهنجا خيال انهن جي بلڪل مخالفت ۾ هئا ، بحرحال اڳتي هلي ڏسجي ڇا ٿو ٿئي ، باقي اوهان جي شئرنگ بهترين آهي ، مهرباني ونڊ ڪرڻ جي

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سلامت : جتي سنڌ گڏجي ٿي

    محمد سليمان وساڻ

    دنيا جي لاتعداد ٻولين مان سنڌي به هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن جو اندازو موهن جي دڙي مان مليل آثارن مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. 1011 هجريء ۾ ٺٽي جي عالم مخدوام ابوالحسن سنڌيء ۾ پنهنجو ڪتاب “مقدمه الصلوات” متعارف ڪرايو جيڪو درسگاهن ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو هو.
    ننڍي کنڊ تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته سنڌي ٻوليء جي قدامت کي ڏسي ان کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ۽ ڪمشنر “سر بارٽل فريئر” 1857 ع ۾ اهڙو پڌرنامو پڻ جاري ڪيو هو ، جنهن ۾ واضح طور ڄاڻايل هو ته سموري دفتري لکپڙهه سنڌي ٻوليء ۾ ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص عربي يا ڪنهن ٻي ٻوليء ۾ لکپڙهه ڪندو ته ان جو لازمي سنڌي ترجمو پڻ شامل ڪندو ٻي صورت ۾ اها لکپڙهه قابل قبول نه هوندي.
    سنڌي ٻوليء ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا چپجندا رهيا ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوء به اهو سلسلو جاري رهيو. ويهين صديء ۾ جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ان جي مقبوليت سنڌ ۾ وڌي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪمپيوٽر هر گهر ۽ آفيس جي ضرورت بڻجي ويو. ڪمپيوٽر تي پڻ سنڌي ٻولي آڻڻ هڪ چئلينج هيو ۽ ان لاء محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء 1987 ۾ “مئڪنٽاش” ڪمپيوٽر تي شروعات ڪئي ۽ تمام سهڻا ۽ معياري فونٽ پڻ ٺاهيا جنهن سان خانگي ڪتاب ڇاپگاهن ۾ سنڌي ادب کي وڌائڻ لاء ڄڻ ته چٽا ڀيٽي شروع ٿي وئي. “مئڪنٽاش” جي دور کانپوء سنڌي ٻوليء کي آئي بي ايم ڪمپيوٽر تي آندو ويو ان جو سَهرو محترم اياز شاهه کي سونهي ٿو ، جنهن عبدالماجد ڀرڳڙيء جي مئڪنٽاش وارو سمورو پروگرام آئي بي ايم تي منتقل ڪيو ۽ ونڊوز 3.11 ۽ ونڊوز 95 تي سنڌي پروگرام هلڻ لڳو. انهن ونڊوز جي کوٽ ۽ نت نون مونجهارن کي محسوس ڪندي ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته مختلف ريجن جون ٻوليون هجڻ ڪري صرف انگريزيء تائين محدود نه هئڻ گهرجي جنهنڪري مختلف ٻولين ڪمپيوٽر ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ لاء کي يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو . جڏهن عربيء جو يونيڪوڊ متعارف ٿيو ته هڪ وڏو مسئلو ساڄي کان کاٻي لکڻ حل ٿي ويو ۽ جيئن ته سنڌي الفابيٽ بنيادي طور عربيء سان ملندڙ آهي ان ڪري سنڌيء کي عربيء سان ڳنڍڻ سولو ٿي پيو. محترم عبدالماجد ڀرڳڙيء (جيڪو ان وقت آمريڪا شفٽ ٿيل هو ) هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي يونيڪوڊ سان ڳنڍي هڪ انقلابي قدم کنيو. جنهن کي اڳتي هلي msn گروپ تان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پليٽ فارم تي جاري ڪيو ويو.
    اڳتي هلي جڏهن انٽرنيٽ متعارف ڪرايو ويو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ تائين آسان بڻائي ڇڏيو ۽ بهترين سنڌي ويب سائيٽون ٺهڻ لڳيون. پر ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته بحث مباحثي ۽ معلومات کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ جي لاء سنڌي فورم جي شروعات ڪجي ڇو ته ڪوبه سنڌي فورم انٽرنيٽ تي موجود ڪونه هئو. لڳاتار جدوجهد کانپوء اڪبر لاکو صاحب سنڌ فورم جي نالي سان هڪ سنڌي فورم آندو پر اهو ڪو خاص مقام حاصل ڪري نه سگهيو.
    اهڙي وقت ۾ سنڌ جي نوجوان ۽ سرگرم دوستن جو هڪ گروپ ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي هڙان وڙان ڪوششون وٺي لڳاتار جدوجهد سان 15 اپريل 2009 تي سنڌ سلامت جي نالي سان هڪ مڪمل سنڌي فورم شروع ڪيو جنهن سموري سنڌ سان گڏ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ بيپناه مقبوليت ماڻي ورتي. هن فورم جو مقصد دنيا ۾ سنڌي ٻوليء کي عام ڪرڻ ۽ انٽرنيٽ تي گهڻي کان گهڻي معلومات سنڌيء ۾ پهچائڻ آهي. سنڌ سلامت هن وقت انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان مقبول ۽ سڀ کان وڏو سنڌي فورم آهي، جنهن تائين رسائي بلڪل آسان آهي ۽ پنهنجي سنڌي ٻوليء ۾ هجڻ ڪري ڪنهن به مونجهاري جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. سنڌ سلامت جي مقبوليت جو هڪ اهم سبب اظهار جي آزادي آهي، اوهان پنهنجا احساس سنڌ سلامت ذريعي دنيا جي سڀني سنڌين تائين آسانيء سان پهچائي سگهو ٿا.
    سنڌ سلامت تي سنڌي ٻوليء ۾ اڻکٽ موضوع ونڊ ٿيل آهن جن کي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي.اسلامي سيڪشن ، اقوال زرين، تازه ترين خبرون ۽ تبصرا ، سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان ، سنڌ جون وسنديون، سنڌ جون سرتيون ، سنڌي شخصيتون ، سنڌي ادب ، مقالا ، ڪهاڻيون ، سنڌي شاعري ، ڊزائن ڪيل سنڌي شاعري، مزاحيه شاعري ، صحت بابت تحريرون ، سنڌ سلامت روزگار ، انگريزي سکڻ جو سيڪشن ، ڪمپيوٽر جي سکيا سنڌيء ۾ ، سنڌي ۽ معلوماتي ويب سائيٽس ، سافٽويئرس ۽ ڊائونلوڊز جو تازه ترين ۽ اڻ کُٽ خزانو ، ڊرائيورز ، گيمز ، سنڌي ڪتابن جو وڏو ذخيرو ، موبائل جي دنيا جي معلومات ، آئي ٽي بابت تازيون خبرون ، قانوني صلاح مشورا، دلچسپ خبرون ، دلچسپ وڊيوز ۽ تصويرون، سنڌي آڊيو ۽ وڊيو موسيقي ، کِل ڀوڳ ۽ ٻيا لاتعداد موضوع شامل آهن.
    سنڌ سلامت پنهنجي چئن سالن جي سفر ۾ ڪيئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر سڀ کان اهم ڳالهه آهي سنڌي ڪيبورڊ ايڊيٽر جنهن ذريعي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان بغير سنڌي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جي سنڌي لکي سگهجي ٿي. سنڌ سلامت جي ٻي وڏي ڪاميابي آهي قرآن شريف جي سنڌي سرچ انجڻ، جنهن ذريعي ڪنهن به سنڌي لفظ جي ڳولها ڪري سگهبي ته اهو قرآن پاڪ ۾ ڪٿي ۽ ڪيترا دفعا ۽ ڪهڙين آيتن ۾ بيان ڪيل آهي. سنڌ سلامت جي ٽين اهم ڪاميابي آهي پڇڻا نه منجهڻا سيڪشن جنهن ۾ ڪمپيوٽر، سافٽويئرس ۽ انٽرنيٽ بابت پڇيل سوالن جا تفصيلي جواب ۽ حل پيش ڪيا ويندا آهن. سنڌ سلامت جو هڪ ٻيو اهم پراجيڪٽ آهي سنڌي شخصيتن تي انسائيڪلوپيڊيا سيڪشن جيڪو سنڌي شخصيتن جي نالي سان آهي. سنڌ سلامت ٽيم جي هميشه اها اهم ڪوشش رهي آهي ته سنڌي ماڻهن کي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ڏانهن مائل ڪجي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي ٽيم فيسبوڪ ۽ ٻين سماجي ميڊيا جي ذريعن تي هميشه پنهنجون خدمتون پيش ڪندي رهي آهي.
    سنڌ جا سڄڻ دوستو ! اچو ته سنڌي زبان کي نئين دنيا جي نون علمن سان سنواريون ۽ سنڌ سلامت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايون. سنڌ سلامت جو فورم اوهان لاء سنڌ جي تاريخ، ثقافت ، شهرن ، واهڻن ۽ سنڌ جي ڪارائتي معلومات دنيا جي سڀني سنڌين تائين پهچائڻ لاء هڪ اهم، سولو ۽ آسان ذريعو آهي . اچو ته سنڌ سلامت جي ميدان ذريعي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سنڌي ماڻهن تائين پهچون۔

    [​IMG]


    اڄوڪي عوامي آواز ۾ ڇپيو۔
     
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سنڌي ٻوليء جي تاريخ ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ بابت بهترين سمجهاڻي ڏني اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سنڌ سلامت جي سالگره جي موقعي تي توهان طرفان ورتل ڪاوشون تعريف لائق آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ڪاش مٿيان لفظ اسان جا سنڌ جا حڪمران به پڙهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔


    سليمان وساڻ جي هر ڪوشش لاجواب
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سلامت : جتي سنڌ گڏجي ٿي

    نثار ابڙو

    15 اپريل 2009 تي سنڌ سلامت جو بنياد پيو، هي اهو دور هو جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃان ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ويب سائيٽون موجود هيون، فيسبڪ جهڙي سوشل ميڊيا تي به تمام گهٽ سنڌي دوست سنڌي صورتخطيءَ ۾ لکندا هيا، جڏهن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ کولبي هئي ته سنڌي ٻوليءَ جي پياس رکندڙ جي پيا س نه اجهامندي هئي. سنڌ سلامت جي بنياد وجهڻ وقت دوستن کي ڪيترائي خدشا هيا ته ان ويب سائيٽ تي ڪهڙا دوست ايندا، ڪيئن مواد پيش ٿيندو ۽ اها ويب سائيٽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي يا نه ...؟؟؟ پر سنڌ سلامت جي دوستن خاص ڪري رشيد سمون، نثار ناز، عامر ضياء چارڻ ۽ علي ظفر عرف علي علي کي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت جو جيڪو جنون ۽ چاهه هيو، ان چاهه کين پير پوئتي ڪرڻ ڪون ڏنو.
    21 اپريل 2009 تي دوستن پاران مونکي به دعوت نامو مليو ته آءُ هن ويب سائيٽ جو رڪن ٿيان، مون جڏهن هن ويب سائيٽ جو ڀيرو ڪيو ته ڳالهه پسند آئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت واري جذبي سان سنڌ سلامت جي رڪن جي حيثيت اختيار ڪري موجود خالي خانن کي ڀرڻ شروع ڪيو، ڏسندي ڏسندي مختلف پاسن کان دوست ايندا ويا، مواد ڪٺو ٿيڻ شروع ٿيو ۽ سنڌ سلامت پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ شروع ڪيا. سچل ڳوٺ کان سليمان وساڻ، شڪارپور کان عبدالوحيد عرف ڦلپوٽو فقير، ڄامشوري جو اسد جت عرف مست، موري کان مولوي رحيم بخش، دادوءَ جو ديوانو عرس پريو ۽ ممتاز وگهيو، طاهر سنڌي، عمران سومرو عرف درويش، عاشق سولنگي، عبدالوهاب قمبراڻي، عباس مگسي، غلام مصطفيٰ ميمڻ. ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري ۽ ٻيا سوين سهڻا دوست اچي هن اڱڻ جي زينت ٿيا ۽ سنڌ سلامت جو آسمان ستارن جي جهرمٽ ۾ چمڪڻ لڳو. بلڪل ان چوڻيءَ جيئان ته آءُ ته اڪيلو ئي سفر تي نڪتو هيس ۽ دوست شامل ٿيندا ويا، ڪاروان جڙي راس ٿيو. رشيد سمون به چند دوست سان شايد اڪيلو ئي هليو هو پر اڄ سنڌ سلامت سنڌيءَ ٻوليءَ جي هڪ سهڻي فورم جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ سلامت جا ڪارڪن ۽ عهديدار سڀ جا سڀ سنڌيت جي جذبي سان سرشار ٿي ڪم کي اڳتي وڌائيندا رهيا، سنڌ سلامت جي خوبين ۾ اضافو ڪندا رهيا، سنڌي ادب ۽ سنڌي مواد وڌڻ لڳو، سموري سنڌ ۾ سهڻا سنڌي نوجوان سنڌ سلامت جي اڱڻ جا ڀيرا ڀڃڻ لڳا ۽ پنهنجين ڪاوشن سان سنڌ سلامت جي ماحول کي سرگرم ۽ ڪارائتو ڪندا رهيا.
    سنڌ سلامت جي دوستن هڙا وڙان خرچ ڪري ٽي سال لڳاتار سنڌ جي شخصيتن ۽ مسئلن تي سنڌ جا ڪئلينڊر ڇپائي سنڌي ماڻهن جي هٿن تائين پهچايا آهن، سنڌ سلامت جي دوستن چندا ڪري ضرورتمندن جي مدد ڪئي آهي، سنڌ سلامت جي دوستن، سنڌي ڪتابن کي آنلائين ڪرائڻ واري مقصد تي پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن، سنڌ سلامت جي دوستن، سنڌي ٻولي ۾ ڪمپيوٽر جي تعليم کي اڳ کان اڳري ڪرڻ جا جتن ڪندا رهيا آهن. سنڌ سلامت جا دوست هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن شريف جي معني ۽ تفسير کي آنلائين ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. سنڌ سلامت جا دوست سنڌي ٻوليءَ جي ڊڪشنريءَ تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهن.
    سنڌ سلامت، سنڌي قوم جي خوشين ۾ خوش ۽ ڏکن ۾ ڏکائتي رهڻ واري ثقافت جو رواج وڌو آهي. سنڌ جي مسئلن، سنڌ جي ضروتن، سنڌ جي سماجي، ثقافتي، اقتصادي ۽ مذهبي حالتن تي بحثن ۾ ڀرپور حصو وٺندي رهي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ ڪيترائي اهم ڪم ڪيا جن ۾ ٽيڪسٽ باڪس تيار ڪيو جيڪو بنا ڪنهن سوفٽ ويئر جي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ۾ مدد ڪري ٿو. گذريل چئن سالن جي قليل عرصي ۾ سنڌ سلامت تي ڪيترن ئي سنڌي ڪتابن جو اضافو ٿي چڪو آهي، هر موضوع تي ڪيترائي ناياب ليک اچي چڪا آهن، خاص ڪري سنڌ سلامت جي سڄڻ دوست سليمان وساڻ ڪيترن ئي ڪتابن تي هڙا وڙان خرچ ڪري، ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت تي آنلائين ڪرايا آهن ۽ هميشه ان ڏس ۾ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو.
    سنڌ سلامت، انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مان مٿاهين ڪرڻ ۾ هر قدم کنيو آهي، ۽ اڃان منزل آسمان جيتري وسيع آهي، انڪري سنڌ سلامت جي دوستن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته ” نه ٿڪجو، نه هار مڃجو، نه مايوس ٿجو ۽ نه ئي پوئتي ڪنڌ ورائي منزل جا ڏاڪا ڳڻجو ... “ هلڻ سان ئي فتح آهي، اوهانجو هلڻ سنڌي ٻوليءَ جو انٽرنيٽ تي هلڻ آهي، اوهان سان سنڌ آهي ۽ اوهان سنڌ سان آهيو ...
    اوهانجو نعرو اڄ به ڪارائتو آهي ؛ ” سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    [​IMG]



    روزانه سڪار ۾ 16 اپريل 2013 تي ڇپيو
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ٽنهي ليکن کي گڏجي ته سنڌ سلامت سميت انٽرنيٽ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ معلوماتي دستاويز جڙي راس ٿيندو ۔۔۔ سليمان وساڻ جا لک قرب جنهن اسانجا ليک کڻي اخبارن تائين پهچايا جنهن سان سنڌ سلامت جي پذيرائيءَ ۾ اضافو ٿيو آهي ۔۔۔ لک قرب سهڻا سائين۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين معلومات دوستن جي ڪوششن جي جيتري ساراه ڪجي سا گهٽ آهي سائين عبدالحفيظ محترم سائين سليمان وساڻ ۽ محفل جو مور سائين نثار ابڙو جن جون تحريرون سنڌ سلامت جي لا سونهن آهن پاڻ هميشه پنهنجي تحريرن سان سنڌ سلامت جي سينڌ کي سينگاريندا رهندا آهن ليڪن مزي جي ڳالهه اها آهي ته وقت ڪڍي اخبارن ۾ پڻ هن فورم بابت معلومات ڏئي رهيا آهن ته جيئن اهڙا دوست جيڪي ڪمپيوٽر تي نه ٿا اچي سگهن اهي هن فورم متعلق اخبار ذريعي معلومات حاصل ڪري سگهن سائين عبدالحفيظ لغاري جن کي عرض آهي ته مٿي ڄاِڻايل اخبار جو نالو ۽ تاريخ ڏني وڃي ته بهتر ٿيندو۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهربانيون سائين ۔۔۔۔ مٿي اخبار جو نالو ۽ ڇپجڻ جي تاريخ شامل ڪئي وئي آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين توهان جي مهرباني اهو حوالو ان ڪري ضروري آهي جو ڪڏهن به وقت گذرڻ سان پاڻ کان به وسري ويندو آهي ته اهو ڪالم ڪهڙي اخبار ۾ آيو هو ليڪن اگر مڪمل حوالو هوندو ته ان کي ڪوٽ ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي سموري ٽيم ۽ دوستن کي مبارڪون
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    منهنجي محبت يا نفرت جو مَحَوَر صرف ۽ صرف ســــنــڌ آهي(سائين جي ايم سيد)
    ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي،
    نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ سنڌ سلامت جي ڇهين سالگرهه آهي، خاموشي سان پيا ملهايون، ڇو ته اسان کي ڏيکاءُ نه پر ٻوليء لاء ڪم ڪرڻو آهي.

    سڄي سٿ کي ڇهين سالگرهه مبارڪ هجي
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو