مذهب ۽ رياست

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    دنيا جي قومن وٽ مذهب هڪ الڳ شئي ۽ رياستي قانون هڪ الڳ حيثيت رکنٿا ... انجو وڏو مثال دنيا ۾ اسلام جو مضبوط ترين ڳڙ سعودي عرب آهي.

    قومي ترقي لاءِ سعودي عرب جي قوم دنيا ڀر مان مسلمان ۽ نان مسلم ماڻهون گهرايا آهن. صرف مڪي ۽ مديني شهر ۾ صرف مسلمانن کي اوليت آهي باقي ٻين سڀني شهرن ۾ لکين نان مسلم ڀرتي ٿين ٿا ۽ ڪم ڪنٿا .... انهن جي اچڻ تي ڪا بندش ناهي. ڇاڪاڻ دنيا جي قومن کي ورڪر کپن ۽ پروفيشنل کپن ڀل اهي ڪهڙي به مذهب سان تعلق رکندڙ هجن.

    سعودي عرب ۾ ايندڙ سڀني ماڻهن تي سعودي عرب جي گرفت اهڙي ته مضبوط آهي جو هو جڏهن چاهن جنهن کي چاهن ڪجهه ڪلاڪن جي اندر ان ماڻهونءَ کي پنهنجي ملڪ مان خارج ڪري سگهنٿا.

    قانوني ۽ اخلاقي طور تي اهڙا ته قانوني قدم کنيا اٿن جو ڪو به ٻاهرين ملڪ کان ايندڙ ماڻهون (مسلمان يا نان مسلم) سندن قانون جي ڀڃڪڙي ڪري نه سگهندو.

    سعودي عرب جي فرمانروا جو قول آهي ته ؛ ڪو به اجنبي جيڪڏهن ڪنهن سعوديءَ جي منهن تي ٿڦ هڻندو ته اها ٿڦ منهنجي منهن تي محسوس ڪئي وڃي.“ .... انڪري ڪو اجنبي سعوديءَ سان وڙهڻ وقت اهو ذهن ۾ رکي ته نتيجو سندس ملڪ کان ٻاهر نڪري وڃڻ جهڙو آهي.

    ڪو به اجنبي شهريت حاصل ڪري نٿو سگهي، ڪو به اجنبي قانوني طور تي ڪو ڪاروبار يا واپار ڪري نٿو سگهي، ڪو به اجنبي سندن مرضيءَ کان بغير ڪنهن ٻي جاءِ تي ڪم ڪري نٿو سگهي. ڪو به اجنبي ڪو غير قانوني ڪم ڪندي پڪڙيو ويو ته هڪدم هوائي اڏي تي پهچائي گهر اماڻي ڇڏيندس، ڀل سعودي عرب سندس زال/ٻار ئي موجود ڇونه هجي، يا ڪروڙين ريال ڇونه پيا هجن.

    اهڙِيءَ طرح قصو ته ڊگهو آهي پر ڪجهه لفظن ۾ ؛ سعودي عرب ۾ اجنبي اجنبي آهي ڀل هو ڪيترو ڀه ڪانڀو خان هجي ... سعودي قانون جي گرفت ۾ آهي هروقت.

    قومون قومپرستيءَ جي بنياد تي پنهنجي ملڪ کي هلائينديون آهن نه ڪي مذهب جي بنياد تي ... سعودي عرب ۾ بيشڪ اسلامي نظام آهي پر عبادتن ۽ ڪجهه سزائن جي حساب سان باقي سندن سمورو وهنوار قومپرستيءَ جي بنياد تي هلي ٿو.

    دنيا جو واحد ملڪ آهي سنڌ جنهن جو سرحدون دنيا ڀر جي چورن، مڪارن، ڌاڙيلن، اسمگلرن، قاتلن ۽ ڪوجهن انسانن لاءِ کليل آهن، هو ڪڏهن به سنڌ ۾ داخل ٿي ڪجهه به ڪري سگهنٿا ۽ جڏهن وڻين ته ڪروڙين روپيا لٽي ڦري، قتلام ڪري، تباهي ڪري سنڌ کان ٻآهر وڃي سگهنٿا ۽ سنڌي قوم کي، ” نه جن نه ڪن. “

    ڇا اسان سنڌي قومپرست آهيون؟ ڇا اسين سنڌي پنهنجي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، ڇا اسان سنڌي پنهنجي قومي دولت ۽ سرمايي جا مالڪ آهيون ...؟؟؟

    هڪ پهاڪي واري حالت آهي سنڌي قوم جي؛

    انڌي ڀونڊي ۾ خوش.

    ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ کي مذهب جو نالو استعمال ڪري سڀ کان گهڻو نقصان ڏنو ويو آهي ۽ سنڌ جا وسيلا سنڌين کان کسيا ويا آهن۔ مذهب جي نالي تي ڀي ڀائي جو نعرو هڻي اسان جي شهرن ۾ ڌاريا آباد ڪيا ويا آهن۔

    ڀلا لاهور، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ اهو سڀ ڇو نه ٿو ٿئي؟
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين قبلا اسلام اسان کي جتي اسلامي احڪامن جي پيروي ڪرڻ جو حڪم ڪري ٿو اتي وطن جي محبت به سيکاري ٿو
    جيئن حياء صبر وغيره کي ايمان جو حصو سڏيو ويو آهي تيئن وطن جي محبت کي به ايمان جو حصو سڏيو ويو آهي.
    چند روايتون پروف خاطر پيش ڪجن ٿيون.
    عن أبي هريرة رضي الله عنه قال قال رسول الله صلى الله عليه وسلم الايمان بضع وستون أو بضع وسبعون بابا أفضلها لا إله إلا الله وأدناها إماطة الاذى عن الطريق والحياء شعبة من الايمان إسناده حسن
    السنة لعبدالله بن احمد ج1 ص331
    هن روايت ۾ ڪلمه ، رستي تان تڪليف واري شيء کي پري ڪرڻ ۽ حياء کي ايمان جو جز سڏيو ويو آهي.


    واعلم أن الصبر من الايمان بمنزلة الرأس من الجسد
    الاولياء ج 1 ص46
    هن عبارت ۾ صبر کي ايمان جو جز سڏيو ويو آهي.


    والايمان قول وعمل ونية والصلاة من الايمان والزكاة من الايمان والحج من الايمان وإماطة الأذى عن الطريق من الإيمان
    شعار أصحاب الحديث 1 33
    هن عبارت ۾ نماز، زڪواة ، حج وغيره کي ايمان جو جز سڏيو ويو آهي.


    عن ابي امامة عن النبي صلي الله عليه وسلم قال افضلكم احسنكم اخلاقا وحسن الخلق من الايمان
    مصنف ابن أبي شيبة ج4 ص213
    هن روايت ۾ سهڻي اخلاق کي ايمان جو جز سڏيو ويو آهي.


    وللناس شأن لما خلق الله آدم عليه السلام أسكن هو وزوجته الجنة ثم أهبط منها ووعد بالرجوع إليها وصالحوا ذريتهما فالمؤمن أبدا يحن إلى وطنه الأول وحب الوطن من الإيمان كما قيل للمرء يألفه الفتي وحنينه أبدا ولبعض شيوخنا فحي على جنات عدن فإنها منازلك الأولي وفيها المخيم ولكننا سبي العدو فهل تري نعود إلى أوطاننا ونسلم
    جامع العلوم و الحڪم ج1 ص380
    هن عبارت ۾ وطن جي محبت کي ايمان جو جز سڏيو ويو آهي


    عن أنس أن النبي صلى الله عليه وسلم كان إذا قدم من سفر فنظر إلى جدرات المدينة أوضع ناقته وأن كان على دابة حركها من حبها
    وفي الحديث دلالة على فضل المدينة وعلى مشروعية حب الوطن
    فتح الباري ج3 ص621
    هن روايت ۾ آهي ته محبوب ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جڏهن ڪنهن سفر تان واپس ايندا هئا ۽ (پنهنجي وطن) مدينه شريف جي ڀتين تي جڏهن نظر پوندي هين ته پنهنجي سواريء کي تڪڙو هلائيندا هئا ۔ (بزرگن لکيو آهي ته) هن حديث مان وطن جي محبت جو ثبوت ملي ٿو.
    اسلام اسان کي وطن جي محبت کان منع نه ٿو ڪري بلڪه وطن جي محبت جو درس ٿو ڏئي باقي اسان سنڌين جي اگر سڀني جي سوچ هڪجهڙي ٿي پوي ته (دلي دور نيست) دهلي پري ناهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو