نثارابڙو
نائب منتظم

دنيا جي قومن وٽ مذهب هڪ الڳ شئي ۽ رياستي قانون هڪ الڳ حيثيت رکنٿا ... انجو وڏو مثال دنيا ۾ اسلام جو مضبوط ترين ڳڙ سعودي عرب آهي.
قومي ترقي لاءِ سعودي عرب جي قوم دنيا ڀر مان مسلمان ۽ نان مسلم ماڻهون گهرايا آهن. صرف مڪي ۽ مديني شهر ۾ صرف مسلمانن کي اوليت آهي باقي ٻين سڀني شهرن ۾ لکين نان مسلم ڀرتي ٿين ٿا ۽ ڪم ڪنٿا .... انهن جي اچڻ تي ڪا بندش ناهي. ڇاڪاڻ دنيا جي قومن کي ورڪر کپن ۽ پروفيشنل کپن ڀل اهي ڪهڙي به مذهب سان تعلق رکندڙ هجن.
سعودي عرب ۾ ايندڙ سڀني ماڻهن تي سعودي عرب جي گرفت اهڙي ته مضبوط آهي جو هو جڏهن چاهن جنهن کي چاهن ڪجهه ڪلاڪن جي اندر ان ماڻهونءَ کي پنهنجي ملڪ مان خارج ڪري سگهنٿا.
قانوني ۽ اخلاقي طور تي اهڙا ته قانوني قدم کنيا اٿن جو ڪو به ٻاهرين ملڪ کان ايندڙ ماڻهون (مسلمان يا نان مسلم) سندن قانون جي ڀڃڪڙي ڪري نه سگهندو.
سعودي عرب جي فرمانروا جو قول آهي ته ؛ ڪو به اجنبي جيڪڏهن ڪنهن سعوديءَ جي منهن تي ٿڦ هڻندو ته اها ٿڦ منهنجي منهن تي محسوس ڪئي وڃي.“ .... انڪري ڪو اجنبي سعوديءَ سان وڙهڻ وقت اهو ذهن ۾ رکي ته نتيجو سندس ملڪ کان ٻاهر نڪري وڃڻ جهڙو آهي.
ڪو به اجنبي شهريت حاصل ڪري نٿو سگهي، ڪو به اجنبي قانوني طور تي ڪو ڪاروبار يا واپار ڪري نٿو سگهي، ڪو به اجنبي سندن مرضيءَ کان بغير ڪنهن ٻي جاءِ تي ڪم ڪري نٿو سگهي. ڪو به اجنبي ڪو غير قانوني ڪم ڪندي پڪڙيو ويو ته هڪدم هوائي اڏي تي پهچائي گهر اماڻي ڇڏيندس، ڀل سعودي عرب سندس زال/ٻار ئي موجود ڇونه هجي، يا ڪروڙين ريال ڇونه پيا هجن.
اهڙِيءَ طرح قصو ته ڊگهو آهي پر ڪجهه لفظن ۾ ؛ سعودي عرب ۾ اجنبي اجنبي آهي ڀل هو ڪيترو ڀه ڪانڀو خان هجي ... سعودي قانون جي گرفت ۾ آهي هروقت.
قومون قومپرستيءَ جي بنياد تي پنهنجي ملڪ کي هلائينديون آهن نه ڪي مذهب جي بنياد تي ... سعودي عرب ۾ بيشڪ اسلامي نظام آهي پر عبادتن ۽ ڪجهه سزائن جي حساب سان باقي سندن سمورو وهنوار قومپرستيءَ جي بنياد تي هلي ٿو.
دنيا جو واحد ملڪ آهي سنڌ جنهن جو سرحدون دنيا ڀر جي چورن، مڪارن، ڌاڙيلن، اسمگلرن، قاتلن ۽ ڪوجهن انسانن لاءِ کليل آهن، هو ڪڏهن به سنڌ ۾ داخل ٿي ڪجهه به ڪري سگهنٿا ۽ جڏهن وڻين ته ڪروڙين روپيا لٽي ڦري، قتلام ڪري، تباهي ڪري سنڌ کان ٻآهر وڃي سگهنٿا ۽ سنڌي قوم کي، ” نه جن نه ڪن. “
ڇا اسان سنڌي قومپرست آهيون؟ ڇا اسين سنڌي پنهنجي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، ڇا اسان سنڌي پنهنجي قومي دولت ۽ سرمايي جا مالڪ آهيون ...؟؟؟
هڪ پهاڪي واري حالت آهي سنڌي قوم جي؛
انڌي ڀونڊي ۾ خوش.
ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا