• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مائڪرو سافٽ ونڊوز 8 جو انٽر فيس سنڌيءَ ۾

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

دوستو تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو ونڊوز 8 جو انٽرفيس مڪمل طور سنڌيء ۾ اچي ويو آهي۔ مان هيٺ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي سرگرم دوست ۽ ٻوليء جي همدرد شبير ڪنڀار جي فيسبوڪ تي موڪليل شيئرن پيش ڪيان ٿو۔ مان ان موقعي تي سنڌي ڪمپيوٽنگ ۽ سائين عبدالماجد ماجد ڀرڳڙي صاحب جي سموري ٽيم کي واڌايون پيش ڪندي سلام پيش ڪيان ٿو۔
_______

هاڻي مائڪرو سافٽ ونڊوز 8 جو انٽر فيس سنڌيءَ ۾ ڪيو آهي، مطلب سڀڪجھ سنڌيءَ ۾ نه رڳو لکت بلڪ ونڊوز جو سٽاءَ ساڄي پاسي وارو ٿي ويو آهي ۽ گڏو گڏ انگ توڙي ڏينهن پڻ سنڌيءَ ۾ ٿي ويا آهن، نه رڳو اهو پر پينٽ وغيره پڻ مڪمل سنڌيءَ ۾ آهن۔

هن لنڪ تي وڃي لئنگويج جو پئڪ ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو ۽ پوءِ مٺڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪمپيوٽر جا مزا ماڻيو، سولائيءَ سان ڪمپيوٽر کي سمجھو ۽ سهڻي سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪريو. وڌيڪ تصويرون فيسبوڪ جي هن لنڪ تي موجود آهن۔

ڪنهن به مونجھاري جي صورت ۾ حاضر حال شبير ڪنڀار۔
 
لک لک مبارڪون سنڌي قوم کي۔۔نهايت ئي بهترين ڪاوش تخليق ڪئي وئي آهي، سنڌي ٻولي جي انقلاب کي هاڻ انٽرنيٽ تي ڪير به روڪي نٿو سگهي۔۔
 
سائين ٿورڙي آگاهي ڏيندا ته جڏهن اسان اهو انسٽال ڪندا سين ته اسان جي هن ئي موجوده ونڊو تي اهوڪم ڪندو يا الڳ ونڊو طور ٿي ويندو۔۔ٿورڙي انسٽاليشن جي سمجهاڻي پيش ڪندا ته مهرباني ٿيندي۔
 
ادا سليمان واقعي ۾ لاجواب ونڊ ڪئي اٿو۔ تمام خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اسان جي پياري ٻولي ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهي آهي۔ ماشاالله
 
مون پنهنجو ونڊوز 8 کي سنڌي ۾ ڪري چڏيو آهي۔ تمام آساني سان انسٽال ٿي ويو منهنجي ونڊو8 ۾۔

تمام خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان۔

558819_10151459878288087_1939034550_n.jpg
 
سائين اسان به جلد ان سهولت کي حاصل ڪنداسين ۔۔۔۔توهان جو ٻڌي به دل تمام گهڻو پئي خوش ٿي بلڪ ٻهڪي پئي ۔۔۔شڪر الحمدالله۔۔۔سنڌي ٻولي سدان وڌندي رهي هر نئين بيهڪ ۽ سٽا ءَ ۾ پاڻ پنھنجو مقام ٺاھيندي اچي ۔۔۔۔اسان سنڌين کي نا اهل چوڻ وارن تي هي هڪ چماٽ بھ آ۔۔۔۔
 
سائين مبارڪون هجن انهن کي جن وٽ ڊيول ڪور سسٽم آهي وري مٿان وندوز 8 انسٽال آهي ته ٻئي هٿ گهه ۾ اٿن۔۔اسان ته اڃا به پٿر واري دور جا ڪمپيوٽر استعمال ڪري رهيا آهيون۔۔ڇا ڪيون۔۔خير الله ڏيندو ته وٺندا سين۔۔
 
ڪلهه ذيشان رشيد ۽ عرس پريو آيل هئا۔ ڳالهه ونڊوز 8 سنڌي جي نڪتي۔ عبدالڪريم چانڊيو المعروف چاچا ڪريم چانڊيو به هڪ دفعو ٻيهر ناڪام ٿيو ويٺو هو۔ (جي ها سليمان وساڻ هڪ دفعو وري سندس اها التجا اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي ته کيس ڪمپيوٽر جا دا پيچ سيکاري)۔
ڳالهه ونڊوز 8 سنڌي ۾ هُجڻ جي هئي پر بحث ٻولين تي اچي بيٺو۔ چاچا ڪريم جو خيال هو ته هن مُلڪ جي ٺهڻ کان پوءِ ڪنهن به صوبي ۾ نه ڳالهائي ويندڙ ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيئي انهي ٻولي کي مارڪيٽنگ ٻولي بڻايو ويو۔ جڏهن ته تاج محمد جو نظريو هو ته چئني صوبن جي ٻولي الڳ الڳ هُجڻ ڪري ڪا هڪ اهڙي ٻولي رکڻ ضروري هو جيڪا سڀ سمجهن۔ ڪو سنڌي پشاور وڃي ته ڪهڙي ٻولي ڳالهائي؟ ڪو بلوچ بدين اچي ته ڪهڙي ٻولي ڳالهائي۔ هونئن به ڪُجهه صديون پوءِ سڄي دنيا جي ٻولي هڪ ئي ٿي ويندي۔ پر چاچا انهي دليل تي سرچڻ وارو ڪٿي هو۔
سليمان وساڻ ۽ منهنجي ڳالهه هڪ ئي هئي ته موجد پنهنجي ٻولي جو اثر رکي ٿو۔ جِن ٽي وي، ريموٽ، موبائيل، ڪمپيوٽر ٺاهيا اُهي انهي جا نالا سنڌي، بلوچي، ٽرڪش، فرينچ ۾ ڇو ڏين۔ جيئن اسان ڏاند گاڏي ٺاهي آهي ته پنهنجو نالو ڏنو آهي۔ تيئن انهن پنهنجين شين جا نالا پنهنجي ٻولي ۾ ڏنا آهن۔
رشيد جيڪو رڳو ٻنهي ڌرين جو ڳالهيون ٻُڌي ويٺي پئي کليو تنهن کڻي چيو ته نه پر مون محسوس ڪيو ته هُن جو نظريو اهو هو ته اسان کي به جدت ۾ حصو وٺندي سائنس جي ميدان ۾ اڳتي اچڻ گهُرجي۔ پر جيستائين اهو ٿئي وس ڪري ڌارين جي شين جو ڪو سنڌي نالو ڏجي۔ ڌارين جا ٺهيل ڪمپيوٽر سافٽويئر سنڌي رنگ ۾ رنگجن۔
پر پوءِ به اهو ڏاڍو ڏکيو آهي۔ اڄ به جڏهن برائوزر اپ ڊيٽ ٿا ٿين ته سنڌي ٻولي جي مطابقت (compatibility) هڪ جهنجهٽ ٿيو وڃي جيسين انهي کي درست ڪجي۔
ڪاش هي قوم به دنيا ۾ پاڻ مڃائي۔
 
دوستو تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو ونڊوز 8 جو انٽرفيس مڪمل طور سنڌيء ۾ اچي ويو آهي۔ مان هيٺ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي سرگرم دوست ۽ ٻوليء جي همدرد شبير ڪنڀار جي فيسبوڪ تي موڪليل شيئرن پيش ڪيان ٿو۔ مان ان موقعي تي سنڌي ڪمپيوٽنگ ۽ سائين عبدالماجد ماجد ڀرڳڙي صاحب جي سموري ٽيم کي واڌايون پيش ڪندي سلام پيش ڪيان ٿو۔
_______

هاڻي مائڪرو سافٽ ونڊوز 8 جو انٽر فيس سنڌيءَ ۾ ڪيو آهي، مطلب سڀڪجھ سنڌيءَ ۾ نه رڳو لکت بلڪ ونڊوز جو سٽاءَ ساڄي پاسي وارو ٿي ويو آهي ۽ گڏو گڏ انگ توڙي ڏينهن پڻ سنڌيءَ ۾ ٿي ويا آهن، نه رڳو اهو پر پينٽ وغيره پڻ مڪمل سنڌيءَ ۾ آهن۔

هن لنڪ تي وڃي لئنگويج جو پئڪ ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو ۽ پوءِ مٺڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪمپيوٽر جا مزا ماڻيو، سولائيءَ سان ڪمپيوٽر کي سمجھو ۽ سهڻي سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪريو. وڌيڪ تصويرون فيسبوڪ جي هن لنڪ تي موجود آهن۔

ڪنهن به مونجھاري جي صورت ۾ حاضر حال شبير ڪنڀار۔
ادا هي ڊائونلوڊ نه پئي ٿئي۔۔۔؟
 
ادا هي لنڪ کلي ڪانه پئي۔۔۔
 
اهڙي ڪا تخليق وندوز 7 جي لا به ڪريو ۽ جلدي ڪري ڇو ته اسان جو وات ته ”پـــــــــــــــــــــــــــــاڻـــــــــــــــــــــي“ پيو ٿئي۔
بهرحال Well done' قــــــابــــــــل تـــــــعـــــــريف
نويد جمالي​
 
8 اپريل تي مائڪروسافٽ ڪمپني ايڪس پي کي سپورٽ ڪرڻ به ڇڏي پئي!
هاڻ مجبورن ونڊو 7 تي اچڻو پوندو..
باقي اوهان في الحال ونڊو 8 جا مزا ماڻيو سائين ...
 
Back
Top