سڙيل ٻه ڪَن..

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
ڇوڪري جو معائنو ڪندي ڊاڪٽر چيو: ”چوڻ ته نه گهرجي پر وڏي عجيب ڳالهه آهي، تنهنجا اهي ٻئي ڪن ڪيئن سڙيا؟“
ڇوڪرو: ”ڊاڪٽر صاحب مان ڪپڙا استري ڪري رهيو هئس ته ان دوران مون کي ڪال اچي وئي ته مون استري کي موبائل سمجهي ساڄي ڪن تي رکي ڇڏيو“
ڊاڪٽر: ”اف ۔۔ منهنجا الله۔۔ پوءِ هي ٻيو ڪن ڪيئن سڙيو؟“
ڇوڪرو:” توهان ڏي فون به ته ڪرڻي هئي نه ان ڪري کاٻي ڪن تي به۔۔۔۔۔ “
 
ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ٽي وي تي خبرون ٻڌندي هڪ خبر ڏٺم ته چين جي هڪ شهر ۾ هڪ ڇوڪري موبائيل تي ڳالهائيندي ٿي وئي ته اڳيان کليل گٽر اچي ويس ۔۔سڌو وڃي ان گٽر ۾ ڦهڪو ڪيائين۔۔هاڻ سائين ڏيو منهن موبائيل اهڙو ته حشر ڪري وڌو آهن ماڻهن جو جو صفا انڌا ٿي پيا آهن۔۔گٽر به نظر ڪين ٿا اچن انهن کي ته پو اوهان واري همراهه کي استري ڪئن نظر آئي هوندي۔۔
 
Back
Top