هڪ سج ٻه پاڇا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔آمر مشرف گرفتار، دهشتگردي جو ڪيس داخل،

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    آمر مشرف گرفتار، دهشتگردي جو ڪيس داخل، جاچ لاءِ پوليس هيڊ ڪوارٽر منتقل، 14 سال سزا اچڻ جو امڪان۔۔۔۔۔۔اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ/ آن لائن) اسلام آباد پوليس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان مشرف جي فرار ٿيڻ جو نوٽيس وٺڻ ۽ آءِ جي کي طلب ڪرڻ کانپوءِ پوليس ڪالهه چڪ شهزاد ۾ مشرف جي فارم هائوس تي پهچي کيس گرفتار ڪيو، پوليس ۽ رينجرز مشرف کي سندس بلٽ پروف گاڏي ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس مشرف جي گرفتاري جي تاريخ 18 اپريل ظاهر ڪئي ۽ عدالت کي 14 ڏينهن جو جڊيشل رمانڊ حاصل ڪرڻ جي درخواست ڏني، اسلام آباد پوليس هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي مشرف خلاف ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جوقلم 7 به شامل ڪري ڇڏيو، جنهن تي جڊيشل مئجسٽريٽ چيو ته ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ شق جو اضافو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ معاملو اسان جي ٻڌڻي جي دائري ۾ نٿو اچي، ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته ڪيس ۾ جوابدار کان ڪو هٿيار وغيره برآمد ناهي ڪرائڻو، انهيءَ ڪري جسماني ريمانڊ جي ضرورت ناهي، پرويز مشرف کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو وڃي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت پرويز مشرف سان به اهو ئي سلوڪ ڪري جهڙو عام جوابدار سان ڪيو وڃي ٿو، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو، جڏهن ته بعد ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته مشرف خلاف ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ قلم به شامل ڪيا ويا آهن، جنهن تي جج عباس شاهه چيو ته پوءِ اهو ڪيس اسان جي ٻڌڻي جي دائري ۾ نٿو اچي، جوابدار کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالت پرويز مشرف جو 2 ڏينهن جو راهداري ريمانڊ ڏيندي پوليس​
    حوالي ڪيو، مشرف کي هاڻي 21 اپريل تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ پوليس مشرف کي سندس گهر چڪ شهزاد منتقل ڪيو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ کيس جاچ لاءِ اسلام آباد پوليس هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيو ويو، ڪيس جي جاچ ڪندڙ آفيسر سلطان محمود کي تبديل ڪري رانا مبارڪ کي نئون آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، مشرف منتقلي دوران هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته آئون پاڻ پاڪستان آيو آهيان، عدالت جو احترام ڪيان ٿو، حالتون جهڙيون به هجن انهن کي منهن ڏيندس، واضح رهي ته پرويز مشرف بينظير ڀٽو قتل ڪيس نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۽ اعليٰ عدليا جي ججن کي نظربند ڪرڻ جي ڪيس ۾ اشتهاري ڏوهاري قرار ڏنل آهي، هوڏانهن گذريل ڏينهن مشرف کي فرار ڪرائڻ تي ورتل نوٽيس تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران آءِ جي اسلام آباد بن يامين پيش ٿيو، جسٽس شوڪت صديقي آءِ جي تي سخت ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته مشرف کي عدالت مان فرار ڪرائڻ جي ذميواري آءِ جي تي لاڳو ٿئي ٿي، گهرو سيڪريٽري آءِ جي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري، آءِ جي ٻڌايو ته هو سپريم ڪورٽ ويل هو ۽ ايس ايس پي کي ذميواري ڏئي ويو هو، جسٽس شوڪت عزيز چيو ته ايس ايس پي سيڪيورٽي لاءِ آيل هو، گرفتاري لاءِ نه، توهان جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين.۔۔بشڪريه​
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    قصو هڪ ڪمانڊو جي ڪورٽ مان ڀڄڻ جو۔۔۔۔۔۔​
    واحد پارس هيسباڻي​

    چوندا آهن ته ’جتي وس نه پڄي اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو...‘ پاڻ ڪيترن ماڻهن کي ڀڄندي ڏٺوسين پر جيئن ٽيون ڏينهن ڪورٽ مان مشرف ڀڳو ائين ڪير به نه ڀڳو. هوبهو فلمي منظر هو معزز جج سندس ضمانت رد ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم مس ڏنو ته همراهه ان پل ئي نو سئو گياره ٿي ويو. ڀڄڻ وارو هي شخص ڪنهن حد جو صوبيدار نه، ڪنهن تعلقي جو مختيارڪار نه پر پنهنجي دور جو آرمي چيف ۽ 8 سالن تائين ڏنڊي جي زور تي پوري ملڪ مٿان حڪمراني ڪندڙ هو ۽ سندس مڪو ڏيکاري ’مين ايڪ ڪمانڊر هون ڪسي سي نهين ڊرتا“ واري عادت اڃا نه وئي آهي. ڪراچي ۾ ايئرپورٽ تي لهڻ بعد به هن ڳيتون ڏيندي ان عادت جو مظاهرو ڪيو هو. واقعي به عادت عضوو ٿيندي آهي... قوم حيران ۽ پريشان آهي ته هڪ ڪمانڊو جي ان انداز ۾ ڀڄڻ پٺيان ڪهڙي مام آهي! (ياد رهي ته ڪمانڊو کي بلٽ پروف جيڪٽ به پاتل هئي) سندس ان فراريت نه رڳو کيس دوستن دشمنن وٽ ڏٺو ڪيو پر کيس نظربند به ڪرائي ڇڏيو، اڄ هو بلڪل ائين نظربند آهي جيئن ڪڏهن هن ججن کي نظربند ڪيو هو. تاريخ پنهنجو پاڻ ورجائيندي آهي اهو ٻڌو ته گهڻو اٿئون پر اڄ هنن گنهگار اکين سان ڏسي به رهيا آهيون. هاڻي هي همراهه وڊيو پيغامن تي پنهنجي دل جي محرومي ماري رهيو آهي. تازو چڪ شهزاد واري سب جيل قرار ڏنل گهر مان هن وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته ”مون ملڪ ۽ قوم کي ترقي ڏني سياست ڪرڻ کان ڇو روڪيو پيو وڃي؟“ ڪجهه سال پوئتي ويو اهڙي ئي قسم جا سوال جڏهن محترمه ۽ نواز شريف ڪندا هئا ته مشرف انهن سوالن تي وڏو ٽهڪ ڏئي چوندو هو ’انهن کي چئو هاڻي هن ملڪ ۽ قوم کي توهان جي خدمت جي ضرورت ناهي، توهان جي سياست جو باب هميشه هميشه لاءِ بند ٿي ويو...‘ تاريخ جو پلاند ته ڏسو ڪالهه جنهن ڳالهه تي مشرف اڪيلو ٽهڪ ڏيندو هو اڄ ان تي پوري قوم ٽهڪ ڏئي رهي آهي.مون کي خبر ناهي ته مشرف نيٺ ڪهڙي آسري تي ملڪ واپس موٽڻ جو فيصلو ڪيو پر جنهن به کيس اها صلاح ڏني مون کي يقين آهي اڄ ان لاءِ سندس دل مان سٺي آهه نه نڪرندي هوندي. هاڻي جڏهن آرمي چيف جي ترجمان جو اهو ببيان ميڊيا تي آيو آهي ته فوج جو پرويز مشرف جي معاملي سان ڪو تعلق ناهي.هن معاملي تي فوج غير جانبدار آهي، ته سندس رهيل ٺپ به ٺري ويا هوندا. اڄ مشرف جي حالت ان شڪار جهڙي آهي جنهن جي هر پاسي کان ڄار اڏيل هجن ۽ ٻاهر نڪرڻ جو ڪو به رستو نه هجي. هن جا ويجها ذريعا چون ٿا ته هي ان آسري تي ملڪ آيو هو ته سندس ڪير به نالو نه وٺندو، نه رڳو سندس نامزدگي ڪاغذ بحال ٿي ويندا پر کيس هر صورت ۾ ڪامياب به ڪرايو ويندو ۽ ڪاميابي بعد ڪنهن اهم عهدي تي به کيس مقرر ڪرايو ويندو ۽ سندس باقي ڄمار اقتدار جا مزا ماڻيندي ئي گذرندي. اهو آسرو جنهن به کيس ڏنو ان کي سندس وڏو دشمن ئي چئي سگهجي ٿو. لڳي ٿو اهڙي صلاحڪار جو ڏانهس ڪو پراڻو پلاند رهيل هو جيڪو ان انداز ۾ پاڙيائين....هڪ ڀاڄوڪڙ ماڻهو جڏهن واپسي جو سوچيندو آهي ته ان کان اڳ ۾ ماحول کي ڏسندو آهي، حالتن کي ڏسندو آهي، دوستن دشمنن کي ڏسندو آهي. مطلب ته پورو اڳ پوءِ جاچي پوءِ ئي واپسي لاءِ ور کنجيدو آهي، اڳ ۾ فيصلو ۽ عمل ڪري پوءِ ائين ناهي سوچيندو جيئن مشرف سوچي رهيو آهي. چون ٿا ته هن جا جيڪي حقيقي سڄڻ هئا ۽ جن سان هن چار ڏينهن گڏجي کاڌو پيتو هو، انهن کيس سختي سان منع ڪري ڇڏيو هو ته في الحال واپسي جو سوچ به نه، ماحول ڏاڍو گرم آهي، ان کي ٿڌو ٿيڻ ڏي، هن ماحول ۾ اسان تنهنجي ڪا به مدد نه ڪري سگهنداسين پر هن انهن سڄڻن جي راءِ کي اهميت ڏيڻ بدران انهن چند صلاحڪارن جي صلاح کي اهميت ڏني جن کيس سبز باغ ڏيکاريا ۽ اهو چيو ته اڳوڻي جمهوري حڪومت عوام جا کنڌا کڻائي ڇڏيا آهي، اهو توهان جي دؤر کي ياد ڪري ٿڌا ساهه ڀري رهيو آهي، ماڻهو توهان جا فوٽو کيسن ۾ کڻي گهمي رهيا آهن، اسٽيبلشمينٽ به توهان وارن سکن ۽ فائدن کي ياد ڪري ٿڌا ساهه ڀري رهي آهي... بس رڳو توهان جي پاڪستان ۾ پير رکڻ جي دير آهي، سڀ ڪم پاڻ ئي پاڻ سولا ٿي ويندا. جيڪي توهان کي اچڻ کان روڪي رهيا آهن اصل ۾ اهي توهان جي شهرت کان ڊنل آهن ۽ توهان تي ساڙ کائي رهيا آهن. ان ڪري انهن جي ڳالهين ۾ اچي موقعو نه وڃايو، منٽ منٽ قيمتي آهي. ’پرويز مشرف قدم بڙهائو پوري قوم تمهاري ساٿ هي..‘ ۽ انهن صلاحڪارن جي صلاح تي همراهه جتي پائي جهاز تي ته چڙهيو پر ان نه کيس جتي هٿ ٿي اچي ۽ نه جهاز.... پاڪستان جي تاريخ ۾ ڊڪٽيٽرن جو وار به ونگو نه ٿيڻ جو جيڪو هڪڙو رواج قائم ٿيل هو، هن ان رواج جا به ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا ۽ هڻي سڀني کي ڏٺو ڪري وڌو. مشرف واري معاملي تي تجزئي نگار ڏاڍا اهم ۽ دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن. هڪڙا ان کي سياڻو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسڻ واري چوڻي سان ڳنڍي رهيا آهن ته ٻيا ’ڳوهه کي کٽي کڻڻ‘ وارا مثال دهرائي رهيا آهن. نامياري صحافي مجيب الرحمان شامي مشرف جي ڪورٽ مان فرار ٿيڻ واري عمل تي حيرت ظاهر ڪندي چيو آهي ته کيس فرار ٿيڻ بدران بهادرن جيان گرفتاري ڏيڻ گهرجي ها. جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي چيو آهي ته عدالتي حڪم جي تعميل هر صورت ۾ ڪرڻي پوندي. طلعت مسعود جو چوڻ آهي ته مشرف جو فرار ٿيڻ اهم واقعو آهي، پاڻ کي قانون جي حوالي ڪري. اياز امير جو چوڻ آهي ته هاڻي اڳوڻي آرمي چيف کي رليف نه ملندو. قانوني ماهر سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته گرفتاري جو حڪم ڏئي عدليا همت ڪئي آهي، حڪومت کي خوف آهي ته شايد مشرف جي گرفتاري تي جنرل ڪياني قوم کي خطاب ڪندو....
    چوندا آهن ته ”ڏٻري ڍور تي مڇر به گهڻا‘ سو مشرف جي حالت به اڄ اهڙي ئي آهي. هن وقت سندس حال هڪڙي جندڙي درد هزار وارو آهي. هڪ پاسي ججن جي نظربندي وارو ڪيس مٿس هلي رهيو آهي ۽ ان ڪيس جي شروعات ۾ ئي سندس گرفتاري جا وارنٽ نڪري ويا آهن، ٻئي پاسي مٿس غداري وارو ڪيس هلي رهيو آهي، ٽئين پاسي نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس به سندس ڳچي جو سوڙهو ڦندو بڻجڻ شروع ٿيو آهي. اڪبر بگٽي جو خاندان کيس سوڙهو ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي ۽ عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته اها مشرف کي گهرائي ۽ کيس ڪيئي جي جلد سزا ڏني وڃي. اڃان محترمه قتل ڪيس به آهي، لال مسجد ڪيس به آهي ۽ اهڙا اڪيچار ڪيس آهن جيڪي مشرف کي سڄي زندگي جيل جي هوا کارائڻ يا ڦاهي جي ڦندي تي پهچائڻ جي نتيجي تي پهچي سگهن ٿا.
    اڄ هڪ ڊڪٽيٽر جي حالت واقعي به هڪ نئون مثال قائم ڪري رهي آهي. ان کان اڳ هتان جي عوام پنهنجي پوري ڄمار ۾ اهڙا منظر ڪڏهن به ڏٺا ته نه پر اهڙو تصور به نه ڪيو هو. عدليه ايتري آزاد به ٿي سگهي ٿي اهي خوابن ۽ خيالن جون ڳالهيون هيون. وقت ۽ حالتن واقعي به گهڻو ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو آهي. شال هي تبديلي هن ملڪ ۽ قوم کي راس اچي.اڄ مشرف سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اها شروعات جيڪڏهن ايوب خان کان ٿئي ها ته ان کانپوءِ يحيٰ ۽ ضياءَ کي قطعي به اهڙي جرئت نه ٿئي ها پر اسان جو الميو اهو آهي ته ماضي ۾ ڊڪٽيٽرن کي قانوني تحفظ انهن انصاف گهرن مان ئي ملندو رهيو آهي. اڄ مشرف سان جيڪو حساب ڪتاب ٿي رهيو آهي اهو جيڪڏهن 12 آڪٽوبر 1999ع واري ڏينهن اقتدار تي راتاهو هڻڻ وقت تي ساڻس ٿئي ها ۽ عدالت سندس ان قدم کي ناجائز قرار ڏيندي کيس اقتداري معاملن کان پري ڪري ها ته هن کي 8 سالن تائين ملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻجڻ جو ائين موقعو نه ملي ها. عوام ته ٿي بيوس ۽ ڏاڍي جي لٺ اڳيان مجبور پر اختيار وارن کي نيٺ اهڙي ڪهڙي مجبوري هئي جو اهي نه رڳو تماشو ڏسندا رهيا پر ڊڪٽيٽرن جي دل به وڌائيندا رهيا.
    بهرحال ماضي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو گذري ويو پر هاڻي اُميد ته ائين نه ٿيندو. عدليه جو ڪردار هميشه ائين ئي هجڻ گهرجي، جيئن هاڻي نظر اچي رهيو آهي. هي سڀ ڪجهه وقتي نه پر مستقل هجڻ گهرجي. هتي آئين، قانون ۽ جمهوريت جو تحفظ هر صورت ۾ ٿيڻ گهرجي، هن ملڪ جي خرابين جو مکيه سبب ڊڪٽيٽرشپ ئي آهي. هاڻي ڊڪٽيٽر شپ جو باب هميشه هميشه لاءِ بند ٿيڻ گهرجي ۽ هن قوم کي جمهوريت جو ميوو چکڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.
    مشرف اڄ تاريخ جي جنهن موڙ تي بيٺو آهي ان پٺيان سندس پنهنجا عمل ئي آهن. هن ڪالهه جيڪو پوکيو اڄ اهو لڻي رهيو آهي. ڪالهه جن ادارن کي ڏنڊي ۽ طاقت جي زور تي هن هيسائڻ ۽ تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اڄ تاريخ کيس انهن ئي ادارن جي ڪٽهڙي ۾ کيس حساب ڪتاب ڏيڻ لاءِ آڻي بيهاريو آهي. هڪ ڊڪٽيٽر جي رحم جوڳي حالت ان کان وڌ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته هو ايترو ته اڪيلو ٿي وڃي جو ڀڄڻ کانسواءِ وٽس ٻيو ڪو رستو ئي نه هجي پر ڀڄي وڃڻ به سندس وس ۾ نه هجي.۔بشڪريه۔عبرت
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پرويز مشرف اسٽيبلشمينٽ لاءِ هڪ امتحان
    فراز چانڊيو​

    هڪ پاسي چونڊن جي مهم جي بازار گرم لڳي پئي آهي ته ٻئي پاسي غير جمهوري قوتون سرگرم نظر اچي رهيون آهن. مختلف پارٽيون
    پنهنجن پنهنجن منشورن سان گڏ ملڪ کي يورپ بنائڻ ۽ هر آفت ۽ مشڪل گهڙي کان ٻاهر ڪڍڻ جا نعرا ۽ واعدا ڪري رهيون آهن ۽ اندران اندران پرچائڻ ۽ مها ڊپلوميسيءَ تحت مختلف سياسي سگهاري قوتن کي پنهنجي طرف مائل ڪرڻ جون به ڪوششون ٿي رهيون آهن ته ساڳي ئي هنڌ ڪجهه اهڙيون قوتون به ن2ظر اچن ٿيون جيڪي بهانا ۽ حيلا هلائي رهيون آهن ته ڪيئن به ڪري چونڊن واري مرحلي کي اينگهائجي ۽ اهڙيون ته حالتون پيدا ڪجن جو چونڊون ٿيڻ کان رهجي وڃن يا سياسي ۽ جمهوري قوتن جي چونڊن ڪرائڻ واري سوچ تي پاڻي ڦيري سگهجي. ائين جي ٿي به رهيو آهي ته اها ڪا نئين ڳالهه ناهي ڇو ته ان ٿيڻ جا خدشا گهڻو اڳ ئي محسوس ڪيا ويا هئا. شايد نگران حڪومت وٽ اهڙن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا منصوبابندي هجي به پر گڏيل طور تي حالتون جيڪو رخ اختيار ڪري رهيون آهن تنهن لاءِ جمهوري قوتن کي سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو.
    اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ ممڪن اهو آهي ته حالتون ساڳيون رهن پر جهڙي ريت خدشن جنم ورتو آهي اُن مان اهو نه ٿو لڳي ته غير جمهوري قوتون پنهنجي ڪم ۾ رڌل نه آهن.
    عمران خان عرف سونامي خان جيڪي جلسا ڪيا اُهي ڪو هڪ آمر جي دور ۾ نه ڪيا بلڪه اُهي به گذريل جمهوري دور ۾ ڪيا ويا ۽ هو گهڻو پراُميد هو ته سندس جلسا رنگ لاهيندا ۽ ملڪ جا نوجوان اڳتي اچي ملڪ جي قسمت جو حال تبديل ڪندا. جيڪڏهن ٿلهي ليکي سندس جلسن ۽ سياسي حڪمت عمليءَ تي نظر وجهبي ته سادي ٻولي ۾ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته سڀ ڪجهه هڪ بليڪ ميلنگ جو ٽول هو ۽ کيس خبر هئي ته ملڪ ۾ جمهوريت جو مطلب اهو ئي وڃي بچيو آهي ته وڌيڪ سرگرم ٿي ڪري پنهنجو حصو وٺجي. اهو هن ڪيو به سهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هو چونڊن واري سياست ۾ ڪيترو پاڻ کي مڃائي ٿو سگهي.
    عمران خان وارو شو شو مس وڃي ٿڌو ٿيو ته مٿان وري طاهر القادري به مها بليڪ ميلنگ ۾ پاڻ مڃرايو. هن به لوهار وارو ڌڪ هنيو ۽ حڪومت کي اُن وقت ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن اها پنهنجا پنج سال پورا ڪرڻ واري هئي. هو پاڻ ته ڪافي عرصو ڪئنڊا ۾ ئي رهيو ۽ اُتان جو دائمي شهري به ٿيو ته اُتان جي شهريت حاصل ڪرڻ خاطر اُتان جي قانون تحت حلف نامو به کنيو پر کيس اوچتو ملڪ جي عوام جو گهڻو اونو ٿيو ۽ هن ملڪ واپس وري جلسن واري سياست ۾ پير پاتو. علامه طاهر القادري گهڻي ڪوشش باوجود به سگهاري قوت طرفان موڪليل بهترين ڪارندو ثابت نه ٿي سگهيو. جيتوڻيڪ هن گهڻا جتن به ڪيا ته هو قاضي حسين ثابت ٿئي پر کيس ناڪامي ئي پلئه پئي. قاضي حسين لاءِ مشهور آهي ته هن پاڻ سان مختلف سياسي مذهبي جماعتن جو جٿو ساڻ ڪري، طويل جلسا هڻائي، پ پ جي ٻه ڀيرا حڪومت جو تختو ڍير ڪيو ۽ هن وٽ جلسن کي ڪامياب ڪرائڻ جو فن به هو جيڪو شايد طاهر القادري وٽ نه هو. اُها الڳ ڳالهه آهي ته سندس پاران وڏي ڪوشش به ڪئي وئي. هٽلر جي غلط حڪمت عملي اِها هئي جو هُن سائبيريا جي علائقي کان ٿڌ جي موسم ۾ رشيا تي حملو ڪرائي رشيا کي سرپرائيز ڏيڻ پئي چاهيو پر سندس غير سائنسي سوچ اِهو اندازو ئي نه لڳائي سگهي ته ارادا ۽ عزم پنهنجي جڳهه تي پر ٿڌ به ٿڌ هوندي آهي جيڪا رت ۽ اُن جي دوري کي بيهاري ڄم ترش ڪيو ڇڏي. ساڳيءَ ريت اسلام آباد ۾ ٿڌ جي موسم ۾ اهڙو وڏو جلسو ڪرائڻ پٺيان به غير سائنسي سوچ ئي هئي جيڪا ناڪام ئي وئي. هن وٽ قاضي حسين وارو فن ته هو پر کيس اِهو اندازو نه هو ته فن کي استعمال ڪرڻ به هڪ فن هجي ٿو. هو جن ڌرين جي همت افزائي ۽ پشت پناهي تحت اڳڀرو ٿيو هو، اُهي به سندس مان لاڀ نه حاصل ڪري سگهيون.
    تازو ئي پرويز مشرف جي ملڪ ورڻ کانپوءِ سندس تي به ساڳي ڪيفيت طاري هئي. هن اهو پنهنجي طرفان طئي ڪري ڇڏيو هو ته هو پنهنجن ارادن ۽ عزم ۾ ڌڪ نه کائيندو ۽ نيٺ وڏي تبديلي آڻيندو. هن نه عمران خان واري غلطي دهرائي ۽ نه ئي طاهر القادري جيان اڻمندائتو قدم کنيو ڇو ته هو ٻنهن جي ٽائين ٽائين فش ٿي انقلابي تبديلين کان واقف هو. هو ڪنهن قياس آرائي ۾ مشغول هو ۽ صاحب وقت جي انتظار ۾ به هو. سندس ويجهن دوستن، پيرينٽ اداري جي پراڻن ساٿين ۽ ٻين خير خواهن پاران کيس اهي صلاحون به ڏنيون ته ٿي سگهي ته کيس واپس نه موٽڻ گهرجي. واقعي ۾ به اهو هن لاءِ بهتر هو ته هو مزي سان ويهي گولف راند پيو کيڏي ها، فيس بوڪ تي پنهنجا فينز وڌائي ها ۽ مختلف يونيورسٽين ۾ ليڪچرز به ڏئي ها. اهو ئي بهتر طريقو هو جنهن سان سندس بلڊپريشر به متوازن رهي ها. هو صرف ضدي طبيعت جو به رهيو آهي ۽ هڪ دفعو فيصلو ڪندو آهي ته اُن تي اٽل ئي رهندو آهي. سندس پيرينٽ اداري کي اها خبر به هئي ۽ کيس مختلف ذريعن تحت پيغام به پهچايو ويو ته هنن کيس عزت ۽ باوقار طريقي تحت ملڪ مان ڪڍرايو ته بهتر اهو ٿيندو ته هو واپس وري کين امتحان ۾ نه وجهي. پر مشرف صاحب ان ڏانهن به هرگز نه ڏٺو ۽ امتحان وٺڻ واري پراڻي روش تي قائم رهيو.
    هن ملڪ جي هڪ عجيب ئي سياسي تاريخ رهي آهي. هتي سويلين جي ننڍڙين غلطين کي به وڏو پيش ڪري انهن کي ڦاهيءَ تي ٽنگايو ويندو رهيو آهي. ان جي اُبتڙ سگهاري اداري جي فردن کي عزت سان هتان کان وڃڻ ڏنو ويندو رهيو آهي. اُهي هتي محفوظ به رهن ٿا ته کين هر آگاهي به ڏني وڃي ٿي. پرويز مشرف پنهنجي دور حڪومت ۾ جيترو فري هينڊ رهيو ته هن اوترو ئي اُن مان فائدو به ورتو. هُن به پراڻي پاليسيءَ کي ئي پاڻي ڏنو ۽ پنهنجي اداري جي ماڻهن کي خوش رکي ئي حڪومت ڪئي. سندس مٿان مختلف ڪيس به رهيا جن ۾ هو سڌو سنئون ملوث به هو، تنهن باوجود به کيس هٿان وڃڻ ڏنو ويو. هڪ راءِ اها به آهي ته مشرف ملڪي اسٽيبلشمينٽ تي گهڻو بار به بڻجي چڪو هو. اسٽيبلشمينٽ اندران کان ساڻس ناراض به هئي. خاص ڪري اسٽيبلشمينٽ اندر اُهو طبقو گهڻو رنج ٿيو هو جنهن جو ساٿ ۽ پيار مذهبي ڌرين سان هو ۽ لال مسجد واري واقعي کانپوءِ اُها ڌر به کانئس ڇڊي ٿيندي وئي.
    هاڻ به ڪجهه اها ئي صورتحال نظر اچي رهي آهي. هڪ طرف ته اُهي ڌريون هيون جن کيس نه ٿي چاهيو ته هو واپس وري ۽ پاڻ سان گڏ کين به امتحان ۾ وجهي ته ٻئي طرف اُها به هئي جنهن کيس وڏا آسرا ڏنا ۽ سندس من به وڌايو ته هو جي واپس ايندو ته سندس ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو. هاڻ جي ڏسجي ٿو ته هو مڪمل طور تي تنها ٿي چڪو آهي ۽ اُها آسري ڏيڻ واري ڌر به سندس ساٿ ڇڏي چڪي آهي. حالانڪه مشرف پاڻ کي ڪيترو به شاطر سمجهي ٿو پر هتي به سير مٿان سوا سير آهن. هن جي شاطرپڻي جو فائدو وٺندي اُنهن ڌرين نه صرف کيس آزمائش ۾ وڌو آهي پر اُن سان گڏ انهن ڌرين کي به مها امتحان ۾ وڌو آهي جيڪي کيس تحفظ ڏيڻ جون ذميوار آهن. مثال طور جي مشرف کي ڪجهه ٿئي ٿو ته ان سان اُن اداري کي ٺيس ضرور رسندو ۽ ايندڙ وقت ۾ اُهو ادارو عدليا جي ماتحت بڻجي ويندو. هن واري به مشرف ملڪ واپس وريو آهي ۽ عدليا سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا آهن ته ٻيهر مشرف اسٽيبلشمينٽ تي بار بنجي چڪو آهي ۽ هن واري اسٽيبلسمينٽ ڪو اهڙو رستو تلاش ڪرڻ چاهي ٿي جنهن سان نانگ به مري ۽ لٺ به بچي. معنيٰ مشڙف کي واپس ملڪ دربدر ڪيو وڃي ۽ اُهو به اهڙي ڪنهن ڊيلنگ تحت جنهن سان سندس ساک به بچي ته اهو به باور ڪرائي سگهجي ته اڄ به سگهه رکندڙ ادارو ساڳي ئي سگهه ۽ اختيار رکي ٿو.
    اهو ته طئي ٿي چڪو آهي ته مشرف واري پراڻي سوچ ۽ سندس اهو خيال جنهن کيس هتي آندو، اُن تي مڪمل طور تي پاڻي ڦيرجي چڪو آهي ۽ حالتون به سندس هٿن مان نڪري چڪيون آهن. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ان معاملي کي ڪيئن ٿي سلجهائي ۽ ايندڙ وقت ۾ ممڪن طور تي ادارتي جهيڙي ٿيڻ کي ڪيئن روڪي ٿي سگهي. اُن سان گڏوگڏ ان دٻاءُ کي ڪيئن ٿي منهن ڏيئي جنهن تحت اها منفي سوچ به حاوي ٿيندي وڃي ته ڪيئن به ڪري ايندڙ چونڊن کي ملتوي ڪرائجي يا غير جمهوري نظام کي اڳتي آڻجي.
    هلندڙ وقت ملڪي تاريخ کي مثالي ٺاهڻ جو وقت آهي. ان لاءِ عدليا توڙي جمهوري قوتن کي گڏيل طاقت تحت اڳتي اچڻو پوندو ته جيئن نه صرف جمهوريت کي مضبوط ڪري سگهجي پر ادارن کي ان ڏانهن راغب ڪرائي سگهجي ته جمهوريت جي تقاضا اِها آهي جو هر ادارو پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري ۽ اهو به ”ڪارپوريٽ ڪلچر“ واري انداز ۾. اهو تڏهن ٿيندو جڏهن مشرف جهڙي ڊڪٽيٽر کي هڪ ڀيرو قانوني ڪارروائي تحت سزا ايندي ۽ کيس ڪيل منفي ۽ غير انساني عمل جو کيس ازالو ڏيڻو پوندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو