قصو هڪ ڪمانڊو جي ڪورٽ مان ڀڄڻ جو۔۔۔۔۔۔
واحد پارس هيسباڻي
چوندا آهن ته
’جتي وس نه پڄي اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو...‘ پاڻ ڪيترن ماڻهن کي ڀڄندي ڏٺوسين پر جيئن ٽيون ڏينهن ڪورٽ مان مشرف ڀڳو ائين ڪير به نه ڀڳو. هوبهو فلمي منظر هو معزز جج سندس ضمانت رد ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم مس ڏنو ته همراهه ان پل ئي نو سئو گياره ٿي ويو. ڀڄڻ وارو هي شخص ڪنهن حد جو صوبيدار نه، ڪنهن تعلقي جو مختيارڪار نه پر
پنهنجي دور جو آرمي چيف ۽ 8 سالن تائين ڏنڊي جي زور تي پوري ملڪ مٿان حڪمراني ڪندڙ هو ۽ سندس مڪو ڏيکاري ’مين ايڪ ڪمانڊر هون ڪسي سي نهين ڊرتا“ واري عادت اڃا نه وئي آهي. ڪراچي ۾ ايئرپورٽ تي لهڻ بعد به هن ڳيتون ڏيندي ان عادت جو مظاهرو ڪيو هو. واقعي به عادت عضوو ٿيندي آهي... قوم حيران ۽ پريشان آهي ته هڪ ڪمانڊو جي ان انداز ۾ ڀڄڻ پٺيان ڪهڙي مام آهي!
(ياد رهي ته ڪمانڊو کي بلٽ پروف جيڪٽ به پاتل هئي) سندس ان فراريت نه رڳو کيس دوستن دشمنن وٽ ڏٺو ڪيو پر کيس نظربند به ڪرائي ڇڏيو،
اڄ هو بلڪل ائين نظربند آهي جيئن ڪڏهن هن ججن کي نظربند ڪيو هو. تاريخ پنهنجو پاڻ ورجائيندي آهي اهو ٻڌو ته گهڻو اٿئون پر اڄ هنن گنهگار اکين سان ڏسي به رهيا آهيون. هاڻي هي همراهه وڊيو پيغامن تي پنهنجي دل جي محرومي ماري رهيو آهي. تازو چڪ شهزاد واري سب جيل قرار ڏنل گهر مان هن وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته ”مون ملڪ ۽ قوم کي ترقي ڏني سياست ڪرڻ کان ڇو روڪيو پيو وڃي؟“ ڪجهه سال پوئتي ويو اهڙي ئي قسم جا سوال جڏهن
محترمه ۽ نواز شريف ڪندا هئا ته مشرف انهن سوالن تي وڏو ٽهڪ ڏئي چوندو هو ’انهن کي چئو هاڻي هن ملڪ ۽ قوم کي توهان جي خدمت جي ضرورت ناهي، توهان جي سياست جو باب هميشه هميشه لاءِ بند ٿي ويو...‘ تاريخ جو پلاند ته ڏسو ڪالهه جنهن ڳالهه تي مشرف اڪيلو ٽهڪ ڏيندو هو اڄ ان تي پوري قوم ٽهڪ ڏئي رهي آهي.مون کي خبر ناهي ته مشرف نيٺ ڪهڙي آسري تي ملڪ واپس موٽڻ جو فيصلو ڪيو پر جنهن به کيس اها صلاح ڏني مون کي يقين آهي اڄ ان لاءِ سندس دل مان سٺي آهه نه نڪرندي هوندي. هاڻي جڏهن آرمي چيف جي ترجمان جو اهو ببيان ميڊيا تي آيو آهي ته فوج جو پرويز مشرف جي معاملي سان ڪو تعلق ناهي.هن معاملي تي فوج غير جانبدار آهي، ته سندس رهيل ٺپ به ٺري ويا هوندا.
اڄ مشرف جي حالت ان شڪار جهڙي آهي جنهن جي هر پاسي کان ڄار اڏيل هجن ۽ ٻاهر نڪرڻ جو ڪو به رستو نه هجي. هن جا ويجها ذريعا چون ٿا ته هي ان آسري تي ملڪ آيو هو ته سندس ڪير به نالو نه وٺندو، نه رڳو سندس نامزدگي ڪاغذ بحال ٿي ويندا پر کيس هر صورت ۾ ڪامياب به ڪرايو ويندو ۽ ڪاميابي بعد ڪنهن اهم عهدي تي به کيس مقرر ڪرايو ويندو ۽ سندس باقي ڄمار اقتدار جا مزا ماڻيندي ئي گذرندي. اهو آسرو جنهن به کيس ڏنو ان کي سندس وڏو دشمن ئي چئي سگهجي ٿو. لڳي ٿو اهڙي صلاحڪار جو ڏانهس ڪو پراڻو پلاند رهيل هو جيڪو ان انداز ۾ پاڙيائين....هڪ ڀاڄوڪڙ ماڻهو جڏهن واپسي جو سوچيندو آهي ته ان کان اڳ ۾ ماحول کي ڏسندو آهي، حالتن کي ڏسندو آهي، دوستن دشمنن کي ڏسندو آهي. مطلب ته پورو اڳ پوءِ جاچي پوءِ ئي واپسي لاءِ ور کنجيدو آهي، اڳ ۾ فيصلو ۽ عمل ڪري پوءِ ائين ناهي سوچيندو جيئن مشرف سوچي رهيو آهي. چون ٿا ته هن جا جيڪي حقيقي سڄڻ هئا ۽ جن سان هن چار ڏينهن گڏجي کاڌو پيتو هو، انهن کيس سختي سان منع ڪري ڇڏيو هو ته في الحال واپسي جو سوچ به نه، ماحول ڏاڍو گرم آهي، ان کي ٿڌو ٿيڻ ڏي، هن ماحول ۾ اسان تنهنجي ڪا به مدد نه ڪري سگهنداسين پر هن انهن سڄڻن جي راءِ کي اهميت ڏيڻ بدران انهن چند صلاحڪارن جي صلاح کي اهميت ڏني جن کيس سبز باغ ڏيکاريا ۽ اهو چيو ته اڳوڻي جمهوري حڪومت عوام جا کنڌا کڻائي ڇڏيا آهي، اهو توهان جي دؤر کي ياد ڪري ٿڌا ساهه ڀري رهيو آهي، ماڻهو توهان جا فوٽو کيسن ۾ کڻي گهمي رهيا آهن، اسٽيبلشمينٽ به توهان وارن سکن ۽ فائدن کي ياد ڪري ٿڌا ساهه ڀري رهي آهي... بس رڳو توهان جي پاڪستان ۾ پير رکڻ جي دير آهي، سڀ ڪم پاڻ ئي پاڻ سولا ٿي ويندا. جيڪي توهان کي اچڻ کان روڪي رهيا آهن اصل ۾ اهي توهان جي شهرت کان ڊنل آهن ۽ توهان تي ساڙ کائي رهيا آهن. ان ڪري انهن جي ڳالهين ۾ اچي موقعو نه وڃايو، منٽ منٽ قيمتي آهي. ’پرويز مشرف قدم بڙهائو پوري قوم تمهاري ساٿ هي..‘ ۽ انهن صلاحڪارن جي صلاح تي همراهه جتي پائي جهاز تي ته چڙهيو پر ان نه کيس جتي هٿ ٿي اچي ۽ نه جهاز.... پاڪستان جي تاريخ ۾ ڊڪٽيٽرن جو وار به ونگو نه ٿيڻ جو جيڪو هڪڙو رواج قائم ٿيل هو، هن ان رواج جا به ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا ۽ هڻي سڀني کي ڏٺو ڪري وڌو. مشرف واري معاملي تي تجزئي نگار ڏاڍا اهم ۽ دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن. هڪڙا ان کي سياڻو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسڻ واري چوڻي سان ڳنڍي رهيا آهن ته ٻيا ’ڳوهه کي کٽي کڻڻ‘ وارا مثال دهرائي رهيا آهن. نامياري صحافي مجيب الرحمان شامي مشرف جي ڪورٽ مان فرار ٿيڻ واري عمل تي حيرت ظاهر ڪندي چيو آهي ته کيس فرار ٿيڻ بدران بهادرن جيان گرفتاري ڏيڻ گهرجي ها. جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي چيو آهي ته عدالتي حڪم جي تعميل هر صورت ۾ ڪرڻي پوندي. طلعت مسعود جو چوڻ آهي ته مشرف جو فرار ٿيڻ اهم واقعو آهي، پاڻ کي قانون جي حوالي ڪري. اياز امير جو چوڻ آهي ته هاڻي اڳوڻي آرمي چيف کي رليف نه ملندو. قانوني ماهر سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته گرفتاري جو حڪم ڏئي عدليا همت ڪئي آهي، حڪومت کي خوف آهي ته شايد مشرف جي گرفتاري تي جنرل ڪياني قوم کي خطاب ڪندو....
چوندا آهن ته ”ڏٻري ڍور تي مڇر به گهڻا‘ سو مشرف جي حالت به اڄ اهڙي ئي آهي. هن وقت سندس حال هڪڙي جندڙي درد هزار وارو آهي. هڪ پاسي ججن جي نظربندي وارو ڪيس مٿس هلي رهيو آهي ۽ ان ڪيس جي شروعات ۾ ئي سندس گرفتاري جا وارنٽ نڪري ويا آهن،
ٻئي پاسي مٿس غداري وارو ڪيس هلي رهيو آهي، ٽئين پاسي نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس به سندس ڳچي جو سوڙهو ڦندو بڻجڻ شروع ٿيو آهي.
اڪبر بگٽي جو خاندان کيس سوڙهو ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي ۽ عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته اها مشرف کي گهرائي ۽ کيس ڪيئي جي جلد سزا ڏني وڃي. اڃان
محترمه قتل ڪيس به آهي، لال مسجد ڪيس به آهي ۽ اهڙا اڪيچار ڪيس آهن جيڪي مشرف کي سڄي زندگي جيل جي هوا کارائڻ يا ڦاهي جي ڦندي تي پهچائڻ جي نتيجي تي پهچي سگهن ٿا.
اڄ هڪ ڊڪٽيٽر جي حالت واقعي به هڪ نئون مثال قائم ڪري رهي آهي. ان کان اڳ هتان جي عوام پنهنجي پوري ڄمار ۾ اهڙا منظر ڪڏهن به ڏٺا ته نه پر اهڙو تصور به نه ڪيو هو. عدليه ايتري آزاد به ٿي سگهي ٿي اهي خوابن ۽ خيالن جون ڳالهيون هيون. وقت ۽ حالتن واقعي به گهڻو ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو آهي. شال هي تبديلي هن ملڪ ۽ قوم کي راس اچي.
اڄ مشرف سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اها شروعات جيڪڏهن ايوب خان کان ٿئي ها ته ان کانپوءِ يحيٰ ۽ ضياءَ کي قطعي به اهڙي جرئت نه ٿئي ها پر اسان جو الميو اهو آهي ته ماضي ۾ ڊڪٽيٽرن کي قانوني تحفظ انهن انصاف گهرن مان ئي ملندو رهيو آهي. اڄ مشرف سان جيڪو حساب ڪتاب ٿي رهيو آهي اهو جيڪڏهن 12 آڪٽوبر 1999ع واري ڏينهن اقتدار تي راتاهو هڻڻ وقت تي ساڻس ٿئي ها ۽ عدالت سندس ان قدم کي ناجائز قرار ڏيندي کيس اقتداري معاملن کان پري ڪري ها ته هن کي 8 سالن تائين ملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻجڻ جو ائين موقعو نه ملي ها. عوام ته ٿي بيوس ۽ ڏاڍي جي لٺ اڳيان مجبور پر اختيار وارن کي نيٺ اهڙي ڪهڙي مجبوري هئي جو اهي نه رڳو تماشو ڏسندا رهيا پر ڊڪٽيٽرن جي دل به وڌائيندا رهيا.
بهرحال ماضي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو گذري ويو پر هاڻي اُميد ته ائين نه ٿيندو. عدليه جو ڪردار هميشه ائين ئي هجڻ گهرجي، جيئن هاڻي نظر اچي رهيو آهي. هي سڀ ڪجهه وقتي نه پر مستقل هجڻ گهرجي. هتي آئين، قانون ۽ جمهوريت جو تحفظ هر صورت ۾ ٿيڻ گهرجي، هن ملڪ جي خرابين جو مکيه سبب ڊڪٽيٽرشپ ئي آهي. هاڻي ڊڪٽيٽر شپ جو باب هميشه هميشه لاءِ بند ٿيڻ گهرجي ۽ هن قوم کي جمهوريت جو ميوو چکڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.
مشرف اڄ تاريخ جي جنهن موڙ تي بيٺو آهي ان پٺيان سندس پنهنجا عمل ئي آهن. هن ڪالهه جيڪو پوکيو اڄ اهو لڻي رهيو آهي. ڪالهه جن ادارن کي ڏنڊي ۽ طاقت جي زور تي هن هيسائڻ ۽ تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اڄ تاريخ کيس انهن ئي ادارن جي ڪٽهڙي ۾ کيس حساب ڪتاب ڏيڻ لاءِ آڻي بيهاريو آهي. هڪ ڊڪٽيٽر جي رحم جوڳي حالت ان کان وڌ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته هو ايترو ته اڪيلو ٿي وڃي جو ڀڄڻ کانسواءِ وٽس ٻيو ڪو رستو ئي نه هجي پر ڀڄي وڃڻ به سندس وس ۾ نه هجي.۔بشڪريه۔عبرت