اڄوڪي ڏينهن 21 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 21 اپريل 1923ع شاعر مرزا اجمل بيگ (ٽنڊو ٺوڙهو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 اپريل 1923ع شاعر نجف علي ڪمتر نقوي جو جنم ڏينهن آهي. 21 اپريل 1924ع صحافي آتما رام لعلواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 اپريل 1937ع سياستدان عبدالخالق شيخ (ٿريچاڻي) جو جنم ڏينهن آهي. 21 اپريل 1941ع ليکڪ وشنو ڀاٽيا (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 21 اپريل 1966ع ليکڪ امداد لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 21 اپريل 1787ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد مبارڪ مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو. 21 اپريل 1935ع ليکڪ ڪشن سنگهه لولا ديهانت ڪري ويو. 21 اپريل 1938ع فلاسافر ۽ شاعرِ مشرق علامه اقبال جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 1986ع تعليمدان غلام رضا ڀٽو (هالا) جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 1987ع شاعر لونگ خان لائق جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 1990ع ليکڪ سرير پهنور (ميهڙ) جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2004ع سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ڪامريڊ رشيد احمد انڍڙ جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2007ع محقق، سائنسدان ۽ اسڪالر ايم ايڇ پهنور جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2009ع گلوڪاره اقبال بانو جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2011ع باکڙي موري ويجهو سنڌ جي سپوتن شهيد سرائي قربان کهاوڙ ، روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيي کي گوليون هڻڻ بعد جيئرو ساڙي شهيد ڪيو ويو.
پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ،پسي لهس نه لڇيا سڙيا مٿي سچ،سندا ڳچين ڳچ ويچارن وڃايا. 21 اپريل 2011 سنڌ جي تاريخ جو اهو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن سنڌ جا ٽي نوجوان ئي نه پر سڄي سنڌ سڙي هئي۔ اهي جيڪي حق جي راهه تي هلندي سنڌ تان قربان ٿيا هئا، اهي جيڪي سنڌ جي سينڌ سنواري ويا۔ 21 اپريل 2011 تي سياسي اڳواڻن شهيد سرائي قربان کهاوڙ ، روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيي کي گوليون هڻڻ بعد جيئرو ساڙي شهيد ڪيو ويو هو۔ سندن ڏوهه فقط اهو هو ته هو آزاد سنڌ جي گهر ڪري رهيا هئا ۔۔۔۔ اها سنڌ جيڪا 5000 سالن کان الڳ ملڪ رهيو آهي۔سانگهڙ ويجهو باکوڙي موري ۾ ٿيل هن واقعي جي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا۔ _____