ملڪ جو ناميارو زرعي سائنسدان، انجنيئر، محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ ايم ايڇ پنهور

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جو ناميارو زرعي سائنسدان، انجنيئر، محقق، تاريخدان ايم ايڇ پنهور

    [​IMG]
    ايم ايڇ پنهور جنهن جو اصل نالو محمد حسين هو، سو 5 2 ڊسمبر 5 2 9 1 تي ڳوٺ محمد ابراهيم پنهور ضلعي دادو ۾ ڄائو، هن مڪينڪل ۽ اليڪٽريڪل ۾ انجنيئرنگ جون ڊگريون حاصل ڪيون هيون، جڏهن ته هن ايگريڪلچرل انجنيئرنگ ۾ پڻ ايم ايس سي جي پڻ ڊگري حاصل ڪئي، ايم ايڇ پنهور جا هسٽري، آرڪيالاجي ۽ ايگريڪلچرل تي لاتعداد ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته ڄاڻايل موضوعن تي سندس مقالن جو تعداد سوين ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، ايم ايڇ پنهور جي مشهور ڪتابن ۾ سورس مٽيريل آن سنڌ، ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ، سومرا پيرڊ هسٽري آف سنڌ، ماسٽر پلان ايريا گرائونڊ واٽر ان بلوچستان، گرائونڊ واٽر ان ڪراچي، گرائونڊ واٽر ان سنڌ، گرائونڊ اينڊ سرفيس واٽر ان ايرڊ زون، گرائونڊ واٽر ان دادو ڊسٽرڪٽ ۽ مسلم عورت شامل آهن، ايم ايڇ پنهور سوين عالمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي زراعت، تاريخ ۽ آرڪيالاجي جي حوالي سان پنهنجا مقالا پڙهيا، کيس ملڪي ۽ عالمي سطح تي هڪ مڃيل عالم ۽ محقق جي حيثيت حاصل هئي، مرحوم جي ميت کي رات دير سان ڪراچي نيو پي ويو، جتي کيس سپرد خاڪ ڪرڻ جا اطلاع آهن، ايم ايڇ پنهور جي ڏکائيندڙ لاڏاڻي تي سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ غم جي لهر ڇائنجي وئي آهي، سنڌ جي ناميارن ليکڪن عبدالقادر جوڻيجي، شوڪت شوري، امداد حسيني، تاج جويي، ذوالفقار سيال، اياز گل، ادل سومري، مرتضيٰ شاه ڏاڏاهي، سرفراز راڄڙ ۽ ٻين پنهنجي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايم ايڇ پنهور جي وفات سان سنڌ هڪ وڏي عالم ۽ محقق کان محروم ٿي وئي آهي
    بشڪريه روزانه ڪاوش

    ملڪ جو ناميارو زرعي سائنسدان، انجنيئر، محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ
    ايم ايڇ پنهور
    اسحاق مڱريو
    ايم ايڇ پنهور سنڌ جو اهو ناميارو محقق هو جيڪو سؤ سيڪڙو سائنٽيفڪ سوچ رکندڙ هو، هن سنڌ جي تاريخ کان وٺي لوڪ ادب کي به تحقيق جي انهيءَ اک سان ڏٺو- ان ڪري لوڪ قصن تي ڳالهائڻ دوران هن کي تڪراري ماڻهو به سڏيو ويندو هو. هو تحقيق ۾ تاريخ کي جاگرافي جي اک سان ڏسڻ جو قائل هو. ان ڪري هن پنهنجي تحقيق جي بنياد تي سنڌ جا 3 هزار نقشا جوڙيا هئا. انهن نقشن وارو هن جو ڪم غير معمولي آهي. اهي نقشا سنڌ جي تحقيق وارن لاءِ مواد جو هڪ نئون گس ظاهر ڪن ٿا. هو سنڌ جو پهريون محقق هو، جنهن انوائرمنٽ جي اک سان تاريخ کي ڏٺو هو. سنڌ ۾ ڪلهوڙا دؤر جي خاتمي تي هن جي اهڙي تحقيق جو ٻيو مثال ملڻ مشڪل آهي. هن ڪلهوڙا دؤر جي پڄاڻي جو وڏو سبب درياءَ جي رخ جي تبديلي ڄاڻايو هو. درياءَ جو رخ تبديل ٿيڻ ڪري ڪلهوڙا دؤر جو سمورو آبپاشي نظام ناڪارا بنجي ويو هو. ماحولياتي طور ايڏي وڏي تبديلي جي ڪري سنڌ جي زرعي معيشت اوچتو پٿر جي دور تي وڃي پهتي هئي. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ ڪلهوڙا دؤر ۾ سنڌ جي نهري سرشتي کي ان دور جي بنيا تي پهريون دفعو ايڏي وڏي ڊولپمينٽ ڪئي وئي هئي. جيڪا درياهه جي رخ جي تبديلي سان پٽ پئجي وئي. اهو ئي سبب هو جو معيشت جي اهڙي تباهي جي بنياد تي ڪلهوڙا دؤر پنهنجي پڄاڻي تي وڃي پهتو. اهڙي ريت ڪلهوڙا دؤر جي متعلق انهيءَ رخ سان پهريون دفعو ايم ايڇ پنهور ئي تاريخ کي ڏٺو هو. ساڳي طرح هن سومرا دؤر کي پڻ ڏند ڪٿائي قصن مان ڪڍي سائنسي طور نقشن جي بنياد تي پورو تاريخي ورثو ظاهر ڪيو.
    هن سنڌ کي موسمي طور مختلف زونن ۾ ورهايو هو. ان بنياد تي هن سنڌ جو موسمي نقشو جوڙيو هو. انهيءَ نقشي جي بنياد تي هن ڪيترائي نوان زرعي فصل ۽ فروٽ سنڌ ۾ پوکي سگهجڻ وارا تجربا ڪيا هئا. هن جو کيسانه موري وارو زرعي فارم، اصل ۾ سڄو ريسرچ فارم هو. خبر نه آهي ته ايم. ايڇ پنهور جي انهيءَ ريسرچ مان سنڌ جي زراعت سان لاڳاپيل ماڻهو ڪيترو فائدو وٺي سگهن ٿا. هن سؤ سالن وارن پراڻن وڻن کي نئون جوان ڪرڻ وارو ڪامياب تجربو ڪيو هو. هن اهو تجربو سنڌ جي زراعت کاتي کي ڏيڻ پئي چاهيو. ان سلسلي ۾ زرعي کاتي وارو صوبائي وزير هن جي فارم جو دورو به ڪري چڪو هو. پر زراعت کاتي جي بيورو ڪريسي ايم. ايڇ پنهور جي انهيءَ ريسرچ کي اڳتي وڌڻ لان في الحال روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ايم. ايڇ پنهور پوڙهن وڻن کي جواڻ ڪرڻ واري ٽيڪنالاجي کان سواءِ نئون وڻ پوکڻ لاءِ چڪي طور لڳائڻ جي بدران وڻ جي ٽاري مان نئون ٻج ڍاهڻ واري ٽيڪنالاجي به متعارف ڪرائي هئي. هن سنڌ جي لاڙ واري آڳاٽي ۽ موافق موسم تي تي زرعي طور هڪ جديد خاڪو جوڙيو هو جنهن پڻ زراعت جو توسيعي کاتو فائدو نه وٺي سگهيو.
    ساڳئي طرح هن ڪيميائي ڀاڻ جي بدران گاهه مان وڌيڪ بهتر ڀاڻ ٺاهڻ واري ٽيڪنالاجي پڻ متعارف ڪرائي هئي. جڏهن ته هن انگور،صوف، آڙو، ڏاڙهون، لچي، لونگن ۽ انجير وارا فروٽ پنهنجي فارم ۾ پوکڻ وارو ڪامياب تجربو ڪيو هو. هو سنڌ ۾ ڪيلو پوکڻ وارن بنيادي آبادگارن مان هو. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ ڪيلو کائڻ عام ماڻهوءَ جي حيثيت کان مٿي هوندو هو. جڏهن سنڌ جي زرعي معيشت ۾ ڪيلي جي فصل انقلابي تبديلي آڻي ورتي هئي. انهيءَ عرصي دوران ڪيلي جي بيماريءَ ڪينسر جو روپ اختيار ڪري ورتو هو. ملڪ جي زراعت وارن صوبائي ۽ وفاقي کاتا جڏهن ان بيماري کي ڳولي لهڻ ۾ ڪامياب نه ويا ته پاڪستان جي حڪومت پاران آسٽريليا جي ماهرن کان ڪيلي جي بيماري ۾ مدد گهري وئي. ضياءَالحق جي دؤر ۾ آسٽريليا جي حڪومت کان انهيءَمدد گهرڻ جي موٽ ۾ آسٽريلين انهن کي ايم. ايڇ پنهور جو ڏس ڏنو ويو. جڏهن ته ايم. ايڇ پنهور پنهنجي ئي فروٽ فارم تي ڪيلي کي لڳل بيماري تي تحقيق ڪري بنچي ٽاپ بيماري طور ڳولي لڌو هو ۽ هن پنهنجي انهيءَ تحقيق وارو مضمون زراعت واري عالمي ميگزين ۾ ڇپايو هو. جنهن جي بنياد تي آسٽريليا جي حڪومت پاڪستان جي ان وقت جي صدر ضياءُالحق کي ايم. ايڇ پنهور کان ڪيلن جي بيماري بابت مدد وٺڻ جي صلاح ڏني هئي. آسٽريليا جي اهڙي اطلاع کان پوءِ ضياءُالحق پيرن اگهاڙو ايم. ايڇ پنهور وٽ پهتو هو ۽ هن سنڌ جي زراعت کاتي وارن کي ايم. ايڇ پنهور کان مدد وٺڻ لاءِ چيو هو. اهو ئي سبب هو جو زرعي يونيورسٽي کان وٺي زرعي ريسرچ وارن ادارن ۾ ويٺل ماڻهن جو ايم. ايڇ پنهور ڌنڌو بند ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري زرعي عملدارن جي ايم. ايڇ پنهور تان آخر تائين ڪاوڙ نه لٿي.
    صدر ضياءُالحق ايم. ايڇ پنهور کي انهيءَ ريسرچ جي بنياد تي ستاره امتياز ڏنو هو. ڀٽي مرحوم جي دؤر ۾ جن عملدارن جي نوڪرين تان هٽايو ويو هو. ايم. ايڇ پنهور به انهن ۾ هڪ هو. اهڙو رڪارڊ رکڻ ڪري صدر ضياءُالحق ايم. ايڇ پنهور کان ڀٽو مخالفت ۾ استعمال ڪرڻ به چاهيو. پر ضياءُ واري حڪومت جي چمڪ ايم. ايڇ پنهور کي ڀڀلائي نه سگهي. ايم. ايڇ پنهور سنڌ ۾ جر جي پاڻي تي انتهائي بنيادي نوعيت وارو ڪم ڪيو. هن جر ۾ مٺي پاڻيءَ ڳولڻ لاءِ هڪ نئون فارمولو آزمايو هو. اڇڙي ٿر کان وٺي ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي پوٺن تي هن اهو فارمولو لاڳو ڪيو هو. هن اهڙن علائقن ۾ مٺو پاڻي ڳولڻ لاءِ پراڻن تاريخي پڊن ۽ قبرستانن وٽ کوٽائي ڪري مٺو پاڻي هٿ ڪيو هو. هن جو چوڻ هو ته پاڻي تاريخي طور مٺي هجڻ ڪري ئي قديم آباديون قائم ڪيون هونديون. اهڙي ابتدائي معلومات کان پوءِ هن پنهنجي ڪم کي اڳتي وڌايو هو. اهڙي طرح رني ڪوٽ واري تاريخي قلعي لاءِ هن جو چوڻ هو ته پاڻيءَ جو ڪوبه ذريعو نه هئڻ ڪري هيءُ قلعو ڪڏهن به رهائش طور استعمال ۾ نه آيو آهي. اهڙي طرح هن جو سنڌ جي ڪچي تي پڻ بنيادي نوعيت وارو ڪم ڪيل آهي. سنڌ جي 20 لک ايڪڙن واري ڪچي جي ڪشمور کان وٺي کاروڇاڻ تائين هر ڍورو واهڙ ۽ ڍنڍون هن جون سروي ٿيل هيون.
    جڏهن ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان واپڊا ۽ حڪومت جي ٻين اختيارين پاران مهم شروع ڪئي وئي هئي. اهڙي مهم جو پهريون اجلاس بدين ۾ ٿيو هو. جڏهن ان وقت جي واپڊا جي چيئرمين جنرل ذالفقار ڪالاباغ ڊيم واري منصوبي جي موٽ ۾ جڏهن ڪچو نه ٻڏي سگهڻ واري ڳالهه جي موٽ ۾ اتي 3 هزار ٽيوب ويل لڳرائي ڏيڻ وارو لالي پاپ ڏنو، انهيءَ موقعي تي ايم. ايڇ پنهور سنڌ جي ڪچي جي جر واري پاڻيءَ جي ڪشمور کان وٺي کاري ڇاڻ تائين چپي چپي جو تفصيل ڏنو ته ڪٿي جر جو پاڻي مٺو آهي ۽ ڪيتري علائقي جو جر کارو آهي.ان ڪري 40 سيڪڙو ڪچي جو کاري جر واري علائقي لاءِ واپڊا وٽ ڪهڙو منصوبو آهي ته ان وقت واپڊا جو چيئرمي چپ ٿي ويو هو. سنڌو درياهه جو سمونڊ ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ کان پوءِ پلي جو نسل ختم ٿيڻ واري صورتحال جي ڪري ايم. ايڇ پنهور ايل بي او ڊيءَ واري پاڻيءَ تي پلي جو مصنوعي نسل وڌائڻ واري منصوبي تي پڻ وڏو ڪم ڪيو هو. پر ايل بي او ڊي جي زيرو پوائنٽ واري ماهيگري تي رينجرز جو قبضو هئڻ ڪري ايم. ايڇ پنهور پنهنجي انههيءَ منصوبي تي اهو چئي وڌيڪ ڪم جاري نه رکيو. انهيءَ منصوبي تي ماهيگرن جي بدران رينجرز وارا قبضو ڪري ويندا.
    هو گهڻ پاسائين شخصيت هو، هو ريسرچ کي وڏي اهيمت ڏيندڙ هو، هن جو گهر خود هڪ ميوزم هو. هن جي گهر جون ديوارون هڪ پاسي خداآباد جي تاريخي مسجد ۽ ٺٽي جي شاهه جهان مسجد جي آرڪيٽيڪچرنگ واري ڪاشيءَ جي طرز تي جوڙيل آهن. هن جي گهر ۾ جوڙيل لائبريري ۾ 30 هزار ڪتاب گڏ ڪيل آهن. هن کيسانه موري وارو زرعي فارم ۽ لطيف آباد وارو گهر پنهنجي ريسرچ واري ٽرسٽ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. هن کي جڏهن ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا ته به ڏاڍو تڪليف ۾ آيو هو. هـُـو جڏهن ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويو هو جتي هن کي ڌڪ هڻي هن جي پاسراٽي ڀڃي وڌي هئائون. پر هن کي ان ڌڪ جو به ايڏو سور نه هو پر هن کي انهيءَ ڌڪ جو سور ضرور هو جڏهن 2007ع وارين برساتن ۾ لطيف آباد ڇڏي وڃڻ ڪري ايم. ايڇ پنهور جو گهر ٻڏي ويو هو. جنهن ۾ هن جي لائبرري ٻڏي وڃڻ ڪري هن جي اڻ ڇپيل ڪتابن جو مسودا به ٻڏي وڃڻ ڪري مڪمل خراب ٿي ويا هئا.
    بشڪريه روزانه عبرت
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 اپريل 2014
    شاھنواز سومرورو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ملڪ جو ناميارو زرعي سائنسدان، انجنيئر، محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ ايم ايڇ پنهو

    ادا ممتاز علي ۔۔۔ اهڙي بهترين هستي جي باري ۾‌تفصيلي معلومات سان ڀريل آرٽيڪل ونڊڻ تي اوهان جا ٿورائتا آهيون۔۔۔ اهڙي ڪم کي جاري رکو
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ملڪ جو ناميارو زرعي سائنسدان، انجنيئر، محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ ايم ايڇ پنهو

    ادا بهترين ونڊ آهي.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ملڪ جو ناميارو زرعي سائنسدان، انجنيئر، محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ ايم ايڇ پنهو

    ايم ايڇ پنهور سنڌ جو هڪ انمول موتي جنهن زراعت تي نه صرف ريسرچ ڪئي پر ڪتاب لکي ڄاڻ به ڏيندو رهيو۔

    اوهان جا قرب ادا ممتاز جو سنڌ جي هن مهان شخصيت تي اوهان هي ونڊ ڪيو
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ملڪ جو ناميارو زرعي سائنسدان، انجنيئر، محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ ايم ايڇ پنهو


    ادا توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ونڊ کي پسند ڪيو ​
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ملڪ جو ناميارو زرعي سائنسدان، انجنيئر، محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ ايم ايڇ پنهو

    ادا مست توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ونڊ کي پسند ڪيو۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    پنجين ورسيءَ جي مناسبت سان
    ايم ايڇ پنهور : سنڌ ۾ سائنس جو سدا ٽمڪندڙ ڏيئو
    ڊاڪٽر ايوب شيخ

    [JUSTIFY]هن جي ڪل ڄمار 25 ڊسمبر 1925ع کان 21 اپريل 2007ع تائين 82 ورهيه هئي. هن جا قدم سنڌ تي ۽ نگاهه سڄي جهان تي هوندي هئي. ان ڪري هن عالمي عقل مان ڀريل ڪجهه بالٽيون پنهنجي عمل سان سنڌ ۾ اوتي ڏيکاريون هيون. هن جي زندگيءَ ۾ هڪ صديءَ جا 75 ورهيه ۽ ٻي صديءَ جا ست ورهيه شامل هئا. هو پنهنجي زندگي ۾ ”ترڪِ دنيا“ کان ڪڏهن واقف ٿيو هو، اهو ته ڪنهن به تاريخ يا ڊيٽا جي مدد سان معلوم ڪري نه ٿو سگهجي. هن جي جوت جا ڪرڻا اڄ به اسان سندس ڪتابن ۾ پسي سگهون ٿا. اسان وٽ سنڌ ۾، زراعت هجي يا آبپاشي، سنڌو درياءُ هجي يا عورت - انهن موضوعن جي باري ۾ ڳوڙهو اڀياس ڪندڙ شخصيت هڪ ئي هئي، اهو هو مرحوم محمد حسين پنهور. سنڌ جو سدا جڳ مڳ ڪندڙ هيرو ايم ايچ پنهور يا سائين محمد حسين پنهور ضلعي دادو جي ڳوٺ ڦلجي ڀرسان ابراهيم جي واڙي ۾ ڄائو هو. اڄ به سنڌ جو اهو فرزند اسان کي هر انهيءَ گهڙي ياد اچي ٿو، جڏهن سنڌ آبپاشي جي ميدان تي مُنجهي پوي ٿي، يا جڏهن سنڌ ۾ فصل بهتر نه ٿا ٿين، درياءَ ۾ پاڻي گهٽ اچي ٿو، مارڪيٽ ۾ ”ماشاخورن“ جون مستيون وڌي وڃن ٿيون. سنڌ ۾ معيار يعني Quality بدران مقدار Quantity جو رواج پئي ٿو. هي سنڌ ۾ آبپاشي، زراعت، باغباني، تاريخ، وهمن جي مخالفت واري ميدان جو شهسوار هو.

    تنهن ڏينهن سنڌ ۽ اپريل مهيني جو ذڪر پهرين اپريل تي ثقافت کاتي پاران حسام الدين راشدي جي ورسي تي نڪتو هو. 4 اپريل جي حوالي سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، 6 اپريل جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 14 اپريل جي حوالي سان سيد عبدالله شاهه، 21 اپريل جي حوالي سان سائين ايم ايڇ پنهور، 25 اپريل جي حوالي سان سائين جي ايم سيد جا نالا سامهون آيا هئا. اڄ پنهور صاحب جي پنجين ورسي آهي.
    ايم ايڇ پنهور صاحب جڏهن 19 سالن جو هو ته هن 250 صفحن تي ”مسلم عورت“ نالي ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ هن مختلف سماجي ۽ ثقافتي قانون واري هندو مت، ٻُڌ مت، عيسائيت، اسلام کان اڳ ۽ پوءِ جي عورت تي ڪتاب لکيو هو. ان ڪتاب کي درست ڪرڻ لاءِ پنهور صاحب انگريزي ۾ 40 سال پوءِ هڪڙو مقالو لکيو هو ته ڪيئن ست هزار ورهين کان عورت مرد جي غلام رهي آهي. ان مقالي ۾ هن عورت ۽ مرد جو جسماني ۽ دماغي جائزو ورتو هو ۽ انهن سمورن خيالن کان آزادي پاتي هئي، جنهن هيٺ ننڍي ڄمار ۾ سندس خيال هو ته مذهبن ۾ ”عورت ۽ مرد“ برابر آهن. مقالي ۾ پنهور صاحب 15 لک سال اڳ ارتقا جي ڏاڪن مان گذرندڙ انسان، پنج لک سال اڳ کان سوچيندڙ انسان، 3 لک سال اڳ جانورن کان فرق رکندڙ دماغ وارو انسان، شڪار ۽ ان جو ارتقائي عمل ۾ حصو ۽ شڪار جي ڪري عورت کي گهر ۾ جانور ۽ ٻار پالڻ جي ذميداري ملڻ ۽ گهر ۾ ويٺي زراعت کي عورت هٿان ايجاد ڪرڻ جهڙن واقعن جو ذڪر ڪيو هو. ان مقالي ۾ دنيا ۾ 4 لک سال اڳ تهذيبن جي ارتقا تي روشني وڌي ويئي هئي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته، دريائن جي ڪنارن تي دنيا جون چار پراڻيون تهذيبون وجود ۾ آيون. عراق، مصر، سنڌو ۽ هوانگ هو. انهن چئني ۾ هڪڙي ڳالهه ساڳي هئي ته اهي زراعت دريائي پاڻي تي آباد ڪندا هئا، ان ڪري انهن تهذيبن ۾ شهرن جا رواج دير سان پيا، ڇو ته اتي گذر سفر جا وسيلا نه هئا. درياءَ ۽ ان ۾ موجود پاڻي جي ورڇ ۽ انتظام جي ڪري مقامي سطح تي ننڍا ننڍا ليڊر پيدا ٿيا، جن پاڻ کي زمين سان واڳي ڇڏيو ته اهي ”وڏيرا “ سڏجڻ لڳا. ان موقعي تي پنج هزار سالن کان پاڻيءَ تي ڪنٽرول رکندڙ کي ان زماني جي انتظامي رياستي پناهه حاصل هئي. ”وڏيرو“ ۽ رياست هڪٻئي جي مفادن جا نگهبان ۽ ڀائي بند ٿي پيا. پنهور صاحب لکيو آهي ته اهو رڳو سنڌ ۽ پنجاب ۾ نه پر ذڪر ڪيل مڙني تهذيبن ۾ ٿيو هو.

    پنهور صاحب سنڌ ۾ آبپاشي جي ڇهه هزار ورهين جي تاريخ تي ڪتاب لکيو هو. ان ڪتاب ۾ پنهور صاحب لکيو آهي ته، ”اڄ سنڌو درياءَ جو جيڪو وهڪرو ۽ بيهڪ آهي، اها 238 ورهين کان ساڳي آهي.“ ان ڪتاب ۾ هن قبل مسيح واري زماني کان اڄ تائين ”سنڌو درياءَ جي وهڪرن جي تبديلي“ کي انهن زمانن جي ”سياسي خاندانن جي تباهي ۽ ترقي“ جو سبب ڪوٺيو آهي. هن جو خيال هو ته، سنڌو درياءَ جي وهڪرن جي تبديلين جي ڪري ٻه هزار ورهين ۾ سورنهن سياسي خاندان ۽ اقتدار تبديل ۽ تباهه ٿيا آهن. ان ئي ڪتاب ۾ پنهور صاحب انگن اکرن، ورهين ۽ سن جي مدد سان سنڌو درياءَ جي رُخن جي تبديلي وارن ڏينهن ۽ ان زماني جي اقتدار تي ويٺل مڪاني توڙي پرڏيهي سياسي تبديلين جا تفصيل ڏنا آهن. پنهور صاحب جي ان ڪتاب ۾ سوين نقشا ۽ سنڌو درياءَ سان واڳيل آبپاشي سسٽم جو پورو وچور ڏنل آهي.
    سنڌ جو هي عظيم سائنسدان، املهه ماڻڪ، روادار ۽ زبردست محنتي محقق سڄي زندگي ٻه شيون پنهنجي ٽائيم ٽيبل مان خارج ڪرڻ کي ڏوهه سمجهندو هو؛ هڪ محنت ۽ ٻيو وقت جي پابندي. هن هڪ دفعي رهاڻ ڪندي ٻڌايو هو ته، ”وٽس سنڌ جي تاريخ تي اٽڪل يارنهن سئو ڪتاب آهن ۽ ايترا ئي جنسي تعليم تي آهن“.هو نواب ڪالاباغ ۽ ان جي همدرد ڪامورن (قدرت الله شهاب سميت) کان نفرت ڪندو هو. هن کي مڪينيڪل انجنيئري جي زماني ۾ اها پروڙ پئجي ويئي هئي ته، ”ون يونٽ“ جي ڪري ڪيئن رڳو پنجاب جون زمينون ۽ صوبو ترقي پيو ڪري ۽ سنڌ جا ڪيئي ويڪائو وڏيرا ۽ سياستدان ”ون يونٽي “ بنجي پُڇ لٽڪائو بنجڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪن.

    اڄوڪي ڏينهن تي اچو ته سڀ پڙهيل مرد ۽ عورتون، سنڌ ۾ مختلف صنفن، هنرن، ٽيڪنالاجيز، ڪاريگرين ۾ پنهنجو مٽ پاڻ ٿيڻ لاءِ ڪوششون ڪريون. اچو ته سائنس جي ميدان تي انوکي انسان ايم ايڇ پنهور کي ياد ڪري خوش ٿيون ته اهو اسان منجهان هو ۽ اسان ان منجهان آهيون.
    [/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    [PDF]http://www.fileden.com/files/2010/12/11/3035440/Pahenwar.pdf[/PDF]
     
    شاھنواز سومرورو هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ايم ايڇ پنهور: سنڌ جو سائنسي تاريخدان

    سنڌ ڌرتيءَ جو مشهور تاريخدارن، سائنسدان، زراعت ۽ آبپاشيءَ جو ماهر انجنيئر ايم ايڇ پنهور 25 ڊسمبر 1925ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ پيدا ٿيو. سندس پورو نالو محمد حسين پنهور هو. شروعاتي تعليم کانپوءِ هن 1949ع ۾ ڪراچيءَ جي (NED) انجنيئرنگ ڪاليج مان انجنيئرنگ ڪئي ۽ پوءِ 1953ع ۾ آمريڪا جي Wisconson يونيورسٽيءَ مان زرعي انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. پنهور صاحب ڪافي عرصو سنڌ گورنمينٽ ۽ ويسٽ پاڪستان گورنمينٽ ۾ زرعي مشينريءَ جي انجنيئر طور ڪم ڪيو، جنهن دوران زمين جي ليول ۽ زمين جي تَهن هيٺ موجود مٺي پاڻيءَ تي ڪافي تحقيق ڪري، پنهنجي مشاهدي کي 10 ڪتابن ۾ قلمبند ڪيو، جن مان سڀ کان مشهور “Ground water in Sindh” آهي، جيڪو اڄ تائين ان شعبي جي تحقيق ۾ هڪ مستند حوالي ۽ رهنمائيءَ طور استعمال ٿئي ٿو. پنهور صاحب سنڌو درياهه جي گذريل هزارن سالن کان وٺي مٽجندڙ وهڪرن، واهن ۽ سنڌ جي آباديءَ جي تاريخ تي به هڪ تفصيلي ڪتاب (Six thousands years History of Irrigation)لکيو. ان کانپوءِ پنهور صاحب زرعي جنسن تي به ڪافي تحقيق جو ڪم ۽ مختلف ميون جون اٽڪل 25 نيون جنسون متعارف ڪرايو. پنهور صاحب زرعي سائنسدان ۽ آبپاشيءَ جو ماهر هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ تي سائنسي انداز ۾ وڏو تحقيقي ڪم ڪيو ۽ روايتي ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ قصن، ڪهاڻين ۽ بيتن تي ڀاڙڻ بدران سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ جي سائنسي، عقلي پئمانن ۽ دليلن جي بنياد تي ڇَنڊڇاڻ ڪئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو پنهور صاحب جي تحقيقي ڪم تي شايد ئي ڪو آڱريون کڻي سگهي. پنهور صاحب انجنيئرنگ ۽ زراعت تي اٽڪل 80 مضمون ۽ ڪتاب لکيا ۽ سنڌ جي تاريخ تي اٽڪل 100 تحقيقي مضمون به لکيا ۽ سائنسي تحقيق تي اٽڪل 50 مقالا به لکيا. پنهور صاحب دنيا جي انهن تاريخدانن مان هڪ آهي، جنهن دنيا جي تاريخ ۽ انساني سماج تي موسمي تبديلين جي ڪري پوندڙ اثرن طرف به ڌيان ڇِڪايو. پنهور صاحب کي علمي، تاريخي ۽ سائنسي تحقيق جي مڃتا طور 1992ع ۾ ”ستاره امتياز“ جو ايوارڊ به ڏنو ويو. پاڻ 21 اپريل 2007ع تي وفات ڪيائين. اڄ ايم ايڇ پنهور جي سالگرهه جو ڏينهن آهي، ان موقعي تي ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته، پنهور صاحب جو سڄو تحقيقي مواد ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي، انهيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي. سنڌ جي ثقافت کاتي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري توڙي خانگي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ته جيئن هڪ عام سنڌ واسيءَ تائين به پنهور صاحب جو سنڌ بابت ڇڏيل ناياب تحقيقي ڪم آسانيءَ سان پهچي سگهي.

    فاروق بجاراڻي/تنگواڻي (ڪنڌڪوٽ)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ايم ايڇ پنهور: سنڌ جو سائنسي تاريخدان

    سنڌ ڌرتيءَ جو مشهور تاريخدارن، سائنسدان، زراعت ۽ آبپاشيءَ جو ماهر انجنيئر ايم ايڇ پنهور 25 ڊسمبر 1925ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ پيدا ٿيو. سندس پورو نالو محمد حسين پنهور هو. شروعاتي تعليم کانپوءِ هن 1949ع ۾ ڪراچيءَ جي (NED) انجنيئرنگ ڪاليج مان انجنيئرنگ ڪئي ۽ پوءِ 1953ع ۾ آمريڪا جي Wisconson يونيورسٽيءَ مان زرعي انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. پنهور صاحب ڪافي عرصو سنڌ گورنمينٽ ۽ ويسٽ پاڪستان گورنمينٽ ۾ زرعي مشينريءَ جي انجنيئر طور ڪم ڪيو، جنهن دوران زمين جي ليول ۽ زمين جي تَهن هيٺ موجود مٺي پاڻيءَ تي ڪافي تحقيق ڪري، پنهنجي مشاهدي کي 10 ڪتابن ۾ قلمبند ڪيو، جن مان سڀ کان مشهور “Ground water in Sindh” آهي، جيڪو اڄ تائين ان شعبي جي تحقيق ۾ هڪ مستند حوالي ۽ رهنمائيءَ طور استعمال ٿئي ٿو. پنهور صاحب سنڌو درياهه جي گذريل هزارن سالن کان وٺي مٽجندڙ وهڪرن، واهن ۽ سنڌ جي آباديءَ جي تاريخ تي به هڪ تفصيلي ڪتاب (Six thousands years History of Irrigation) لکيو. ان کانپوءِ پنهور صاحب زرعي جنسن تي به ڪافي تحقيق جو ڪم ۽ مختلف ميون جون اٽڪل 25 نيون جنسون متعارف ڪرايو. پنهور صاحب زرعي سائنسدان ۽ آبپاشيءَ جو ماهر هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ تي سائنسي انداز ۾ وڏو تحقيقي ڪم ڪيو ۽ روايتي ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ قصن، ڪهاڻين ۽ بيتن تي ڀاڙڻ بدران سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ جي سائنسي، عقلي پئمانن ۽ دليلن جي بنياد تي ڇَنڊڇاڻ ڪئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو پنهور صاحب جي تحقيقي ڪم تي شايد ئي ڪو آڱريون کڻي سگهي. پنهور صاحب انجنيئرنگ ۽ زراعت تي اٽڪل 80 مضمون ۽ ڪتاب لکيا ۽ سنڌ جي تاريخ تي اٽڪل 100 تحقيقي مضمون به لکيا ۽ سائنسي تحقيق تي اٽڪل 50 مقالا به لکيا. پنهور صاحب دنيا جي انهن تاريخدانن مان هڪ آهي، جنهن دنيا جي تاريخ ۽ انساني سماج تي موسمي تبديلين جي ڪري پوندڙ اثرن طرف به ڌيان ڇِڪايو. پنهور صاحب کي علمي، تاريخي ۽ سائنسي تحقيق جي مڃتا طور 1992ع ۾ ”ستاره امتياز“ جو ايوارڊ به ڏنو ويو. پاڻ 21 اپريل 2007ع تي وفات ڪيائين. اڄ ايم ايڇ پنهور جي سالگرهه جو ڏينهن آهي، ان موقعي تي ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته، پنهور صاحب جو سڄو تحقيقي مواد ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي، انهيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي. سنڌ جي ثقافت کاتي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري توڙي خانگي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ته جيئن هڪ عام سنڌ واسيءَ تائين به پنهور صاحب جو سنڌ بابت ڇڏيل ناياب تحقيقي ڪم آسانيءَ سان پهچي سگهي.

    فاروق بجاراڻي/تنگواڻي (ڪنڌڪوٽ)
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ايم ايڇ پنهور: سائنسي سوچ رکندڙ زرعي ماهر ۽ محقق

    زيب سنڌي

    اهي ماڻهو سدائين ياد رکيا ويندا آهن، جيڪي پنهنجي سڄي زندگي قومي ۽ عوامي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ گذاريندا آهن. سنڌ جي مشهور زرعي ماهر ۽ نامياري ليکڪ سائين ايم ايڇ پنهور جو شمار به سنڌ جي انهن شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي آسائشن بجاءِ پنهنجي ڌرتيءَ جي ڏتڙيل ماڻهن لاءِ سوچيو ۽ پنهنجي شعبي ۾ عملي طور ڪم ڪري هڪ مثالي انسان هئڻ جو ثبوت ڏنو.
    محمد حسين پنهور مڪينڪل ۽ اليڪٽريڪل ۾ انجنيئرنگ جون ڊگريون حاصل ڪيون هيون، جڏهن ته هن ايگريڪلچرل انجنيئرنگ ۾ پڻ ايم ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. هن پنهنجي علمي قابليت کي حقيقي ۽ عملي طور تي سنڌ لاءِ استعمال ڪيو ۽ هڪ فرد بجاءِ هڪ اداري جهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو. تاريخ، زراعت، آرڪيالاجي ۽ سماجيات وارن علمن ۾ سندس خدمتون ڪڏهن به وساري نه سگهبيون.
    ايم ايڇ پنهور جا تاريخ، آرڪيالاجي ۽ ايگريڪلچر جي موضوعن تي ڪيترا ئي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته انهيءَ حوالي سان سندس مقالن جو تعداد سوَن ۾ آهي. سندس شمار سنڌ جي انهن تمام ٿورن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جن انگريزيءَ ۾ لکي سنڌ، توڙي سنڌ جي مامرن کي سڄي دنيا تائين پهچايو.
    ايم ايڇ پنهور جي مشهور ڪتابن ۾ ھيٺ ڏنل ڪتاب شامل آهن:
    1.سورس مٽيريل آن سنڌ،
    2.ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ،
    3.سومرا پيرڊ هسٽري آف سنڌ،
    4.ماسٽر پلان ايريا،
    5.گرائونڊ واٽر ان بلوچستان،
    6.گرائونڊ واٽر ان ڪراچي،
    7.گرائونڊ واٽر ان سنڌ،
    8.گرائونڊ اينڊ سرفيس واٽر ان ايرڊ زون،
    9.گرائونڊ واٽر ان دادو ڊسٽرڪٽ
    10.مسلم عورت
    ايم ايڇ پنهور بيشمار عالمي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيو ۽ اتي هن زراعت، تاريخ ۽ آرڪيالاجي جي موضوعن تي مقالا پيش ڪيا. کيس ملڪي توڙي عالمي سطح تي هڪ مڃيل عالم ۽ محقق جي حيثيت حاصل هئي. هو سنڌ جو اهڙو محقق هو، جنهن جي سوچ مڪمل طور تي سائنٽيفڪ هئي. هن پنهنجي تحقيق دوران سنڌ جي حوالي سان اٽڪل ٽي هزار نقشا پڻ ٺاهيا، جن وسيلي تحقيق جا ڪيئي نوان در کليا. علمي ڪم جي حوالي سندس تحقيقي ڪتاب chronological Dictionary of Sindh جنهن جو ”پيرائتي سنڌ ڪٿا“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي. اهو ايترو اهم آهي، جو جيڪڏهن پنهور صاحب زندگيءَ ۾ ٻيو ڪو ڪم نه به ڪري ها ته سندس نالو سدا سلامت رهي ها.
    تاريخ 25 ڊسمبر 1925ع تي ڳوٺ محمد ابراهيم پنهور ضلعي دادو ۾ جنم وٺندڙ، محمد حسين پنهور 21 اپريل 2007ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو