معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
سنڌي ووٽرو!
صحيح ماڻهن کي چاڙهيو غلط کي ڪيرايو
رسول بخش پليجو
2511 اٽيچمينٽ ڏسو
سنڌي ووٽرو!
صحيح ماڻهن کي چاڙهيو. غلط ماڻهن کي ڪيرايو! ووٽ رڳو ٿاڻن، آفيسن جي ڪمن ۽ ٻين ذاتي ڪمن جي حساب سان نه پر قومي ڀلائي ۽ برائي جي حساب سان ڏيو رڳو ٽڪيٽون نه پر خود اميدوارن جي ماضي ۽ ڪردار کي ڏسو! جيڪو، پنهنجي فوٽي سان گڏ ڪنهن ٻئي جو فوٽو به ڇپائي ڏيکاري ته ووٽ فقط اميدوار جي اصل سياسي چهري مطابق ڏيو، جنهن سان توهان جو روز ڪم پوڻو آهي، سڄو اليڪشني ڊرامو مزي سان ڏسو. جلسا جلوس، اسٽيج تي اميدوارن ۽ سندن حامين جون فنڪاريون ۽ اداڪاريون ڏسو، سندن سياسي ۽ غير سياسي ڪاتبن ڪرامتن جا قصا ڪهاڻيون ٻڌو. ڀلي ساڻن گڏجي نچو ڳايو ۽ نعرا لڳايو پر توهان جو ووٽ عوام، وطن جي گهڻ گهري مڙس ماڻهوءَ کي ملي ڪنهن به ڀاڙئي کي بلڪل نه، ڪوبه اميدوار صحيح نه هجي ته ڪنهن کي به ووٽ نه ڏيو. جي مجبورن بوٿ ۾ گهڙڻو پوي ته هڪ بدران ٻن کي منڌيئڙو ڏئي ووٽ خارج ڪرايو ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪري زور ۽ زبردستيءَ جي سياست کي شڪست ڏيو.
(ڪتاب: ”سياسي ادب“ تان ورتل)