سنڌي ووٽرو! صحيح ماڻهن کي چاڙهيو غلط کي ڪيرايو

'راءِ شماري' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سنڌي ووٽرو!
    صحيح ماڻهن کي چاڙهيو غلط کي ڪيرايو
    رسول بخش پليجو
    2511 اٽيچمينٽ ڏسو
    سنڌي ووٽرو!
    صحيح ماڻهن کي چاڙهيو. غلط ماڻهن کي ڪيرايو! ووٽ رڳو ٿاڻن، آفيسن جي ڪمن ۽ ٻين ذاتي ڪمن جي حساب سان نه پر قومي ڀلائي ۽ برائي جي حساب سان ڏيو رڳو ٽڪيٽون نه پر خود اميدوارن جي ماضي ۽ ڪردار کي ڏسو! جيڪو، پنهنجي فوٽي سان گڏ ڪنهن ٻئي جو فوٽو به ڇپائي ڏيکاري ته ووٽ فقط اميدوار جي اصل سياسي چهري مطابق ڏيو، جنهن سان توهان جو روز ڪم پوڻو آهي، سڄو اليڪشني ڊرامو مزي سان ڏسو. جلسا جلوس، اسٽيج تي اميدوارن ۽ سندن حامين جون فنڪاريون ۽ اداڪاريون ڏسو، سندن سياسي ۽ غير سياسي ڪاتبن ڪرامتن جا قصا ڪهاڻيون ٻڌو. ڀلي ساڻن گڏجي نچو ڳايو ۽ نعرا لڳايو پر توهان جو ووٽ عوام، وطن جي گهڻ گهري مڙس ماڻهوءَ کي ملي ڪنهن به ڀاڙئي کي بلڪل نه، ڪوبه اميدوار صحيح نه هجي ته ڪنهن کي به ووٽ نه ڏيو. جي مجبورن بوٿ ۾ گهڙڻو پوي ته هڪ بدران ٻن کي منڌيئڙو ڏئي ووٽ خارج ڪرايو ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪري زور ۽ زبردستيءَ جي سياست کي شڪست ڏيو.
    (ڪتاب: ”سياسي ادب“ تان ورتل)
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو ٿيندي نظر ته ڪونه پيو اچي، اسان وٽ بد قسمتي سان ووٽر، گادين، قبيلن ۽ وڏيرڪي راڄ ۾ ورهايل نظر اچن ٿا۔ اها سوچ، ڪڏهن تبديل ٿيندي اها خبر ناهي۔
     
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    جڏهن تبديلي وات کان لهي هٿن تائين ايندي ته اچي ويندي ،فلحال دماڪ تي اثر آهي ،جڏهن دل تي اثر ٿيندو ته تبديلي لاء هٿ هلندا ۽ پير چُرندا،
     
  4. ڪليم کهڙو

    ڪليم کهڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جنوري 2013
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    247
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسلام عليڪم اميد ته سڀ دوست خوش هوندا
    تما م خوشي جي گالهه آهي ته سڪرنڊ پي ايس 27 تي سنڌ دوست اميدوآر جي پوزيشن تمام بهترين اچي رهي آهي ، جڏهن ته سابقه ايم پي اي ،پي پي پي غلام قادر چانڊيو کا ن سڪرنڊ جو پڙهيل لکيل عوآ۾ ۽خاص طور تي سڪرنڊ جو نوجوآن طبقو 11 مئي تي تبديلي لا۽ بيحد شدت سان انتظآر ڪري رهيو آهي ته جيئن 11 مئي تي سنڌ امڙ کي ورهائڻ وآرن جو ضمانتون ضبط ڪجن
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. اظھر علي جوڳي

    اظھر علي جوڳي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2013
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسان کي ۱۱ جو انتظار آھي اسان جي بہ اھا دعا آھي جيڪو اچي سنڌ ء سنڌين جي مفاد وارو ھجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو