ميڪ اپ لاءِ ست برش لازمي آهن

'سورنهن سينگار' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ميڪ اپ لاءِ ست برش لازمي آهن
    2514 اٽيچمينٽ ڏسو
    سٺي ميڪ اپ جي لاءِ سٺي چونڊ به لازمي هجي ٿي. ان لاءِ جتي سٺي پروڊڪٽس جو هجڻ به ضروري آهي. اتي ميڪ اپ جي لاءِ برش به اوتري ئي اهميت رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن کان سواءِ ميڪ اپ جي چڱي ريت بلينڊنگ نه ٿي سگهندي، آڱرين يا پڦ سان ڪيل ميڪ اپ ۾ اهڙي نفاست نه هجي ٿي، جڏهن ته برشن سان ڪيل ميڪ اپ سان چهري ۾ چمڪ اچي ٿي. ان سان پئسي ۽ وقت جي به بچت ٿئي ٿي. اهو هيئن ته برش سان ميڪ ڪندي سامان گهٽ خرچ ٿئي ٿو. محنت به گهٽ لڳي ٿي. اوهان جي پروڊڪٽس کي هٿ نه لڳڻ ڪري اهي جراثيمن کان به بچيل رهن ٿيون. دنيا جا مڃيل ميڪ آرٽسٽ پنهنجي منفرد برش اسٽروڪس جي ڪري ئي مشهور آهن. جيڪي برش ميڪ لاءِ ضروري آهن تن ۾ پائوڊر برش، بلش برش ، آئي شيڊو برش، آئي لائينر برش، لپ برش ۽ فائونڊيشن برش شامل آهي.
    مارڪيٽ ۾ انيڪ نمونن جا ميڪ اپ برش دستياب آهن. تنهن ڪري جيڪڏهن صحيح چونڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائي لڳندي هجي ته ڄاڻايل نالن وارا برش معلوم ڪريو. خاص ڪري هڪ ڳالهه جو خيال رکو ته اکين ۽ ڳلن تي استعمال ٿيندڙ برش جا وار نرم ۽ ملائم هجڻ گهرجن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس سائين اسان کي هڪ ئي برش ياد رهندو آهي، جيڪو آهي ٽٿ برش، باقي هي ڳالهيون ماين جي ڪم جون آهن۔ پر لڳي ٿو اڳتي هلي اها خريداري به اسان کي ئي ڪرڻي پوندي۔
     
  3. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ِيار! مون کي ته هر ٻئي مهيني ڍولڻيءَ لاءِ مارڪيٽ جا چڪر ڪاٽڻا پوندا آهن، مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏيان پيوابا! ٻيو مڙيئي۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو