معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
سنڌ جي تاريخ جو هڪ دردناڪ واقعو
” پسي لهچ نه لچيا سڙيا مٿي سچ “
2521 اٽيچمينٽ ڏسو
21 اپريل 2011 تي انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙيندي سياسي اڳواڻن شهيد سرائي قربان کهاوڙ ، روپلي چولياڻي ، ماسات نورالله تنيي ۽ نادر بگٽي کي گوليون هڻڻ بعد جيئرو ساڙي شهيد ڇو ڪيو ويو ؟ اها ڳالهه شهيد ماسات نورالله تنيي جي هڪ خانگي ٽي وي کي ڏنل آخري انٽرويو مان واضع ٿي چڪي آهي ، جنهن ۾ هن چٽي نموني ٻڌايو آهي ته اسان کي ڪنهن ، ڪيئن ۽ ڇو پهريون گوليون هنيون ۽ پوءِ گاڏيءِ تي ڪيميڪل هاري باهه ڏئي ڇڏي ۽ اسان نعرا هنياسين ، شهيد
ماسات نور الله تنيي جون واردات واري جڳهه تي ڪجهه وڊيو ڪلپس پڻ ٺاهيل آهن جن ۾ هو 80 سيڪڙو جسم سڙي وڃڻ باوجود به وڏي بهادري جو مظاهرو ڪندي هن کي سڙيل ڏسي پريشان ٿيندڙ ڳوٺاڻن کي خير آ خير آ چئي ٿو ۽ پوءَ ڳوٺاڻن کان موبائيل وٺي دوستن کي ساٿين جي شهادت جو جو اطلاع ڏئي ٿو ، ڳوٺاڻا سندس بهادري جون ڳالهيون ڳالهيون ٻڌائي اڄ به ڳوڙها ڳاڙي وهن ٿا ، باکوڙي واقعي بعد شهيد ماسات نورالله تنيي کي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ داخل پڻ ڪيو ويو هيو جتي به هو ساڻس گڏ رهيل دوستن کي حوصلو ڏيندو رهيو ،اسپتال ۾ انٽرويو دوران صحافي طرفان ساٿين جو ڪيس داخل ڪرائڻ بابت پڇيل سوال جي جواٻ ۾ شهيد ماسات ٽهڪ ڏئي کيس چيو ته اسان شهيدن جو ڪيس عالمي ادارن ۽ سنڌي عوام آڏو رکنداسين ، هن چيو ته شهادتون به ٿينديون، روپوشيون ۽ گمشدگيون به ٿينديون ۽ دوست بي گهر به ٿيندا رهندا جيستائين قوم ذميواري محسوس نه ڪندي ۽ پوءِ قوم ڏٺو ته ڪهڙي طرح پکيڙيو ، ڪٿي به ڪنهن قومي ڪارڪن سان مسئلو هجي ، يونيورسٽي جي شاگردن سان مسئلو هجي يا مها ٻوڏ ۾ ڌرتي ڌڻين جي واهر ڪرڻي هجي هي ارڏا اڳواڻ ڪڏهن به پوئتي نه هٽيا ، ايتري تائين جو مها ٻوڏ ۾ سرائي صاحب پنهنجي ڌيءَ کان واليون به لاهي ٻوڏ متاثرن لاءِ راشن ورتو، جلسو جلوس هجي ، ڪارنر گڏجاڻي ، يا ٻئي ڪا تقريب شهيدن پنهنجي منفرد ۽ جذباتي انداز سان پنهنجو موقف به تمام چٽو رکيو ، اسان سر ڏئي به قوم جو ويساهه بحال ڪرائينداسين ، شهيد پنهنجي قول تي ڪيترو پورا لٿا اهو سندن المناڪ شهادت مان ظاهر آهي ، شهيدن جي ڪردار سان هڪ ننڌڙي ڪالم ۾ انصاف ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي شهيد ڀٽائي جي ان شعر جو ڪردار هئا ته ” ساهڙ مون جيان سرتيون جي ڏسو سڀئي ته سک ٿي سمهو ڪين ڪي ور پاسو ڏيئ موهان اڳييءِ گهڙو سڀ گهڙا کڻي “ شهيدن جي ڪردار سان ته تاريخ انصاف ضرور ڪندي پر ۽ انهن سڀني شاعرن اديبن ۽ دانشورن کي به تاريخ نه وساريندي جيڪي سندن ٻانهن ٻيلي بڻيا ۽ جيڪي ان تاريخ جي سڏ کان ڪن لاٽار ڪندا رهيا تن جو به احتساب ضرور ٿيندو.