ليجنڊ ڪلاڪار معين اختر جي وڇوڙي کي ٻه سال مڪمل:اڄ ورسي

'مختلف موضوع' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ليجنڊ ڪلاڪار معين اختر جي وڇوڙي کي ٻه سال مڪمل:اڄ ورسي
    ليجنڊ ڪلاڪار معين اختر کي اسان کان وڇڙيي.ٻه سال گذري ويا آهن،.معين اختر ٻه سال اڳ جمعي ڏينهن شام جو ڪراچي ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي، هو 24 ڊسمبر 1950 ع ۾ پيدا ٿيو، معين اختر 6 سيپٽمبر 1966ع کان فني ڪيريئر شروع ڪيو،کيس ستاره امتياز سوڌو ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو. هن ڪاميڊي تي وڏو ڪم ڪيو، 80ع جي ڏهاڪي ۾ معين اختر ۽ عمر شريف ٿيٽر کي زنده ڪيو. هن ٽي وي ڊرامن سان گڏ فلمن ۾ به ڪم ڪيو. مسٽر ڪي ٽو سندس يادگار فلم هئي. جڏهن ته ٽي وي ڊرامو مڪان نمبر 47، روزي سچ مچ ۽ اسٽيج ڊرامو بڪرا قسطون پر کي وڏي مڃتا ملي. معين اختر پروگرامن جي ميزباني به ڪئي ۽ تمام مثالي انداز ۾ ميزباني جا فرض ادا ڪيا. هن هدايتڪاري به ڪئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    معين اختر گذريل سالن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا فنڪاري جي دنيا کي الوداع چوڻ بعد وري ساڳئي دنيا ۾ قدم رکيو. معين اختر سندس ڪيريئر 1960 جي ڏهاڪي ۾ شروع ڪيو ۽ ”انتظار فرمائيي“ سميت 1970 جي ڏهاڪي جي مشهور ڊرامن ۾ ليڊ رول پڻ ادا ڪيا.
    جڏهن ته ڪيترن ئي مشهور اسٽيج ڊرامن ۾ سندس اداڪاري جا جاه و جلال ڏيکاريا، معين اختر کي پرائيڊ آف پرفارمنس سان نوازيو ويو. معين اختر ۽ انور مقصود جي جوڙي تمام مشهور جوڙي هوندي هئي۔انور مقصود جي جهڙي لکڻي هوندي هئي اهڙي وري معين اختر صاحب جي اداڪري هوندي هئي۔ معين اختر جي وڇوڙي سان شوبز جي دنيا ۾ سندس ڪيترن ئي دوستن کي افسوس ٿيو جنهن جو ذڪر انهن پنهنجن تاثرات ۾ ڪيو آهي. معين صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ بهترين انسان دوست هو ۽ غريبن جي مدد ڪندڙ شخصيت هو، جنهن جو ذڪر سنڌي ٻولي جي مشهور اداڪار انور سولنگي صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي واري ڪتاب ۾ ڪيو آهي۔۔معين صاحب اردو سان گڏ، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ سنڌي پڻ ڳالهائي سگهندو هو۔دعا آهي ته رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي ۽ جنتالفردوس ۾ جايون عطاء فرمائي۔ آمــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    معين اختر هڪ اهڙو اداڪار جنهن جي فن کان سڀ ٽي وي ڏسندڙ متاثر لڳندا ۔۔۔۔ مان اڄ کيس ياد ڪندي سلام پيش ڪيان ٿو۔ سندس ڊرامو روزي هجي يا اسٽوڊيو، اڍائي يا ان قسم جا شوز ۔۔۔۔ سندس ڪردار لاجواب ۽ نه وسرندڙ آهن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين معين اختر جي وڇوڙي جو ڏينهن 22 اپريل آهي اهو ان ڪري جو ان جي آخري آرامگاهه ماڊل ڪالوني واري قبرستان ۾ منهنجي هڪ عزيز جي پيرانديءِ کان آهي۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ مان جڏهن اتي ويس ته نظر پئي، معين اختر جيتوڻيڪ هڪ بهترين اداڪار هيو اتي بهترين انسان پڻ هيو۔ نهايت شريف النفس شخصيت جو مالڪ پڻ هيو، ان جا ڊراما اڄ به ڏسون ٿا ته ڄڻ ڪي زنده هجي، ان جا يادگار ڪردار شايد ئي ڪو اڄ جي دور ۾ ڪو نڀائي سگهي، پنهنجي فن جي صلاحيتن ۾ عمر شريف جو استاد پڻ رهي چڪو آهي، اڄ جيڪا اسٽيج جتي فهاشيءِ جا اڏا بڻجي ويا آهن اهي ڪنهن دور ۾ ڪراچي وارن جي مُکڙن تي مرڪون وکيرڻ جو ڪم ڪندا هئا، جڏهن به عمر شريف ۽ معين اختر جو استيج ڊرامو پيش ٿيندو هيو ته حال مردن توڙي عورتن ، ٻاررن سوڌو ڀرجي ويندا هئا۔۔ معين اختر جو بهترين يادگار ڪردار۔۔منظور دانه والا وارو رهيو۔۔۔الله پاڪ کيس جنت ۾ اعلي ا جڳهه نصيب ڪري۔۔ آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    22اپريل 2011ع اداڪار ۽ اسٽيج ڪمپيئر معين اختر وفات ڪري ويو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو