معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
ليجنڊ ڪلاڪار معين اختر جي وڇوڙي کي ٻه سال مڪمل:اڄ ورسي
ليجنڊ ڪلاڪار معين اختر کي اسان کان وڇڙيي.ٻه سال گذري ويا آهن،.معين اختر ٻه سال اڳ جمعي ڏينهن شام جو ڪراچي ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي، هو 24 ڊسمبر 1950 ع ۾ پيدا ٿيو، معين اختر 6 سيپٽمبر 1966ع کان فني ڪيريئر شروع ڪيو،کيس ستاره امتياز سوڌو ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو. هن ڪاميڊي تي وڏو ڪم ڪيو، 80ع جي ڏهاڪي ۾ معين اختر ۽ عمر شريف ٿيٽر کي زنده ڪيو. هن ٽي وي ڊرامن سان گڏ فلمن ۾ به ڪم ڪيو. مسٽر ڪي ٽو سندس يادگار فلم هئي. جڏهن ته ٽي وي ڊرامو مڪان نمبر 47، روزي سچ مچ ۽ اسٽيج ڊرامو بڪرا قسطون پر کي وڏي مڃتا ملي. معين اختر پروگرامن جي ميزباني به ڪئي ۽ تمام مثالي انداز ۾ ميزباني جا فرض ادا ڪيا. هن هدايتڪاري به ڪئي.