• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪتاب جو عالمي ڏهاڙو

گل حسن لاکو

سينيئر رڪن
ڪتاب جو عالمي ڏهاڙو​
537965_605839539426278_1068346330_n.jpg
 
ڪتاب ئي زندگيءَ جا بهترين ساٿي آهن. ڏسڻ ۾ ته ڪيترا گونگا، ٻوڙا، انڌا منڊا ۽ بيجان لڳن ٿا، مگر اکين ۽ اکرن وارن لاءِ جان آهن، پساهه آهن، سڏڪا ۽ ٽهڪ آهن، ننڊون ۽ اوجاڳا آهن، زندگيءَ جون لاهيون ۽ چاڙهيون آهن. مطلب ته ڪتابن ۾ انسان پنهنجي خوبين ۽ خامين سان لڪل ۽ ظاهر آهن.
(تاج صحرائي)


اهي ڪتاب ئي آهن، جن سان اسين خاص طور عظيم شخصيتن سان ميل جول رکي ساڻن گفتگو ڪري لطف اندوز ٿيون ٿا. بهترين ڪتابن ذريعي اسين اعليٰ انسانن سان ڪچهري ڪريون ٿا ۽ هو پنهنجن انمول خيالن کان اسان کي نوازين ٿا ۽ پنهنجا پاڪ روح اسان جي اندر ۾ اوتين ٿا۔
(وليم، ايلري، چٽنگ)
 
Back
Top