• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 23 اپريل تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 23 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

23 اپريل 1860ع شاعر هدايت علي تارڪ (لالو رائنڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 اپريل 1915ع شاعر احمد خان اختر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 اپريل 1951ع ليکڪ سيف موارائي جو جنم ڏينهن آهي.
23 اپريل 1956ع سگهڙ حافظ علي گل ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي.
23 اپريل 1956ع شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ صحافي جان خاصخيلي جو جنم ڏينهن آهي.
23 اپريل 1965ع ليکڪ ۽ صحافي زرار پيرزادو جو جنم ڏينهن آهي.
23 اپريل 1973ع شاعر الستي چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

23 اپريل 1616ع انگريز شاعر، ڊراما نگار ۽ مصنف وليم شيڪسپيئر جو انتقال ٿيو.
23 اپريل 1850ع فطرت جي شاعر طور سڃاتو ويندڙ مشهورانگريز شاعر وليم ورڊس ورٿ جو انتقال ٿيو.
23 اپريل 1966ع برک سنگيتڪار ۽ گويي استاد بڙي غلام علي خان جو انتقال ٿيو.
23 اپريل 1991ع شاعر ارشد هالائي لاڏاڻو ڪري ويو.
23 اپريل 1999ع ليکڪ ڪيهر شوڪت (آگاڻي) لاڏاڻو ڪري ويو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top