اڄ جي اونداهي دور ۾ لائيٽ جي اچ وڃ جي پريشاني مٿي ۾ سور وجهيو ڇڏي پر دماغ ته ان وقت ڀنواٽيو کائيندو هوندو جڏهن لائيٽ اچي ۽ ڪمپيوٽر اڃان اسٽارٽ ٿيندي ڊيسڪٽاپ تي ئي مس پهچي ته لائيٽ ٻيهر هلي وڃي۔۔ ان ڪري اڪثر دوستن کي پنهنجي ڪمپيوٽر جو اسٽارٽ انتهائي سلو لڳندو آهي اهو ئي سبب آهي جو ڪمپيوٽر کولڻ کان ڊيسڪٽاپ تائين پهچندي سندن بيچيني ڏسڻ جهڙي هوندي آهي۔۔
اهڙن دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته روز روز ۽ نت نون سافٽويئرس کي انسٽال ڪرڻ ڪري ونڊوز ڪمپيوٽر پروسيسر کان اسٽارٽ اپ دوران انسٽالڊ پروگرام کي ريڊي ڪرڻ لاءِ مدد گهرندي آهي ۽ پروسيسر پنهنجي قوت انهن تي صرف ڪندو آهي جنهن ڪري بهتر ڪنفگريشن وارا ڪمپيوٽر پڻ اسٽارٽ اپ دوران سست روي جو شڪار ٿيندا آهن۔۔۔
پر اهڙن منجهائيندڙ مرحلن کان آزاري دوستن لاءِ حاضر آهي هڪ ننڍو ۽ طاقتور سافٽويئر جنهن ذريعي توهان ڪمپيوٽر اسٽارٽ دوران انسٽالڊ سافٽويئرس کي ريڊي يا هلائڻ لاءِ توهان ٿوري دير کان پوءِ جو وقت سيٽ ڪندي پنهنجي ڪمپيوٽر جي اسٽارٽ اپ رفتار وڌائي سگهو ٿا۔۔۔ آهي نه عجيب۔۔۔ ؟ ته پوءِ حاضر آهي Startup Delayer نالي بهترين سافٽويئر۔۔۔
مطلب هاڻي جيڪڏهن توهان کي تڪڙي اي ميل ڪرڻي آهي ته ڪميپٽر اسٽارٽ اپ دوران کلندڙ پروگرامز کي بند ڪري ڇڏيو يا وري انهن جي کلڻ جو وقت وڌائي توهان اسٽارٽ اپ کي تيز بڻائي سگهو ٿا ۔۔ ۽ جن پروگرامن جي کلڻ جو وقت وڌائبو اهي بعد ۾ مقرر ڪيل وقت تي پاڻمرادو هلي پوندا۔۔
اهڙن دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته روز روز ۽ نت نون سافٽويئرس کي انسٽال ڪرڻ ڪري ونڊوز ڪمپيوٽر پروسيسر کان اسٽارٽ اپ دوران انسٽالڊ پروگرام کي ريڊي ڪرڻ لاءِ مدد گهرندي آهي ۽ پروسيسر پنهنجي قوت انهن تي صرف ڪندو آهي جنهن ڪري بهتر ڪنفگريشن وارا ڪمپيوٽر پڻ اسٽارٽ اپ دوران سست روي جو شڪار ٿيندا آهن۔۔۔
پر اهڙن منجهائيندڙ مرحلن کان آزاري دوستن لاءِ حاضر آهي هڪ ننڍو ۽ طاقتور سافٽويئر جنهن ذريعي توهان ڪمپيوٽر اسٽارٽ دوران انسٽالڊ سافٽويئرس کي ريڊي يا هلائڻ لاءِ توهان ٿوري دير کان پوءِ جو وقت سيٽ ڪندي پنهنجي ڪمپيوٽر جي اسٽارٽ اپ رفتار وڌائي سگهو ٿا۔۔۔ آهي نه عجيب۔۔۔ ؟ ته پوءِ حاضر آهي Startup Delayer نالي بهترين سافٽويئر۔۔۔


هن ڪارآمد سافٽويئر کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔