ڪمپيوٽر جلدي بوٽ ڪريو...

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڄ جي اونداهي دور ۾ لائيٽ جي اچ وڃ جي پريشاني مٿي ۾ سور وجهيو ڇڏي پر دماغ ته ان وقت ڀنواٽيو کائيندو هوندو جڏهن لائيٽ اچي ۽ ڪمپيوٽر اڃان اسٽارٽ ٿيندي ڊيسڪٽاپ تي ئي مس پهچي ته لائيٽ ٻيهر هلي وڃي۔۔ ان ڪري اڪثر دوستن کي پنهنجي ڪمپيوٽر جو اسٽارٽ انتهائي سلو لڳندو آهي اهو ئي سبب آهي جو ڪمپيوٽر کولڻ کان ڊيسڪٽاپ تائين پهچندي سندن بيچيني ڏسڻ جهڙي هوندي آهي۔۔
    اهڙن دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته روز روز ۽ نت نون سافٽويئرس کي انسٽال ڪرڻ ڪري ونڊوز ڪمپيوٽر پروسيسر کان اسٽارٽ اپ دوران انسٽالڊ پروگرام کي ريڊي ڪرڻ لاءِ مدد گهرندي آهي ۽ پروسيسر پنهنجي قوت انهن تي صرف ڪندو آهي جنهن ڪري بهتر ڪنفگريشن وارا ڪمپيوٽر پڻ اسٽارٽ اپ دوران سست روي جو شڪار ٿيندا آهن۔۔۔
    پر اهڙن منجهائيندڙ مرحلن کان آزاري دوستن لاءِ حاضر آهي هڪ ننڍو ۽ طاقتور سافٽويئر جنهن ذريعي توهان ڪمپيوٽر اسٽارٽ دوران انسٽالڊ سافٽويئرس کي ريڊي يا هلائڻ لاءِ توهان ٿوري دير کان پوءِ جو وقت سيٽ ڪندي پنهنجي ڪمپيوٽر جي اسٽارٽ اپ رفتار وڌائي سگهو ٿا۔۔۔ آهي نه عجيب۔۔۔ ؟ ته پوءِ حاضر آهي Startup Delayer نالي بهترين سافٽويئر۔۔۔

    [​IMG]
    مطلب هاڻي جيڪڏهن توهان کي تڪڙي اي ميل ڪرڻي آهي ته ڪميپٽر اسٽارٽ اپ دوران کلندڙ پروگرامز کي بند ڪري ڇڏيو يا وري انهن جي کلڻ جو وقت وڌائي توهان اسٽارٽ اپ کي تيز بڻائي سگهو ٿا ۔۔ ۽ جن پروگرامن جي کلڻ جو وقت وڌائبو اهي بعد ۾ مقرر ڪيل وقت تي پاڻمرادو هلي پوندا۔۔

    [​IMG]
    هن ڪارآمد سافٽويئر کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو ڀلو ڪم ۔۔۔۔ گهر پهچي پهريون ڪم اهوئي ڪبو جو اهو سافٽويئر انسٽال ڪبو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    مان هاڻي انسٽال ڪيان ٿو ، بجلي ته اسان سان ڏاڍيون جُٺيون پئي ڪري
     
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه سائين واه۔
    اصل ته توهان ٺٺ ڪرائي ڇڏيا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو