اڄوڪو ڏينهن 24 اپريل تاريخ جي دريءَ مان

'اپريل' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 24 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    24 اپريل 1890ع مذهبي اسڪالر مولانا مير محمد نورنگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    24 اپريل 1899ع هالا سان تعلق رکندڙ سياستدان ۽ گادي نشين مخدوم غلام حيدر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    24 اپريل 1943ع تعليمدان ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    24 اپريل 1947ع شاعر علينواز ناز تنيو جو جنم ڏينهن آهي.
    24 اپريل 1951ع سياستدان سيد محسن شاهه بخاري (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
    24 اپريل 1954ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اخلاق انصاري جو جنم ڏينهن آهي.
    24 اپريل 1965ع شاعر عاشق امر سيتائي جو جنم ڏينهن آهي.
    24 اپريل 1965ع فرض شناس پوليس آفيسر اي ڊي خواجا (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
    24 اپريل 1973ع عظيم ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    24 اپريل 1917ع مذهبي اسڪالر مخدوم الهه بخش کهڙوي جو انتقال ٿيو.
    24 اپريل 1901ع مذهبي اسڪالر مخدوم غلام عمر مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو.
    24 اپريل 1950ع آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن خداداد خان سرهيو (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو.
    24 اپريل 2003ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي مشهور اداڪاره شهزادي جي وفات ٿي.
    24 اپريل 2007ع شاعر راز سروري (باڊهه) لاڏاڻو ڪري ويو.
    24 اپريل 2013ع گلوڪاره شمشاد بيگم لاڏاڻو ڪري ويو.​
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 اپريل 2014
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هندستاني فلمن جي ڪلاسيڪل ڳائڻي شمشاد بيگم لاڏاڻو ڪري وئي

    ممبئي (شوبز نيوز ) هندستاني فلمن جي ڪلاسيڪل ڳائڻي شمشاد بيگم لاڏاڻو ڪري وئي آهي، شمشاد بيگم ”مڌر انڊيا“ سي آءِ ڊي، مغل اعظم، قسمت ۽ ٻين فلمن ۾ آواز جو جادو جاڳايو، هن لتا، رفيع ۽ ٻين سان گڏجي ڳايو، شمشاد 1937ع ۾ لاهور ريڊيو تي ڳائڻ شروع ڪيو، هو سارنگي نواز استاد حسين جي شاگردياڻي رهي، هن جي مشهور گانن ۾ ” جي شو پهلا پهلا پيار“ ڪبهي آر ڪبهي پار، لگا تير نظر“ ۽ ٻيا شامل آهن، هن جي عمر 94 سال هئي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو