عقل ۽ عشق

'لوڪ چوڻيون ۽ پهاڪا' فورم ۾ رحيم بخش طرفان آندل موضوعَ ‏4 جنوري 2010۔

  1. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    عقل ۽ عشق شروع کان ئي انهن جي پاڻ ۾ ڪانه ٿي پوي ڪجهه اهڙي گفتار ڪنهن فقير صفت انسان جي اوهان دوستن جي اڳيان پيش ڪري رهيو آهيان۔

    عقل ۽ عشق

    عقل چيو سک هنر ڪجهه ڪام ڪر ،
    عـــشـــق چـــيـو وٺ نام الله جو آرام ڪر.


    عـــقـــل چـــيـــو جـــمــع ڪـري وٺ مال ،
    عــشـق چـــيـو ڇــڏ دنـيا رک خدائي خيال .


    عقل چيو خوب کاء ، خوش پوشاڪ ڪر ،
    عــــشـــق چـــيــو پهرين دل کي پاڪ ڪر .


    عــقل چــيــو ڀر پــيـٽ ، خوشي خواب ڪر ،
    عـــشـــق چـــيـــو ٿـــيء ســـجاڳ ثواب ڪر .


    عـــقل چيو ڪهڙي حڪمراني آهي خوش،
    عشق چيو دلبر جي درجي درباني آهي خوش.


    عـــــقـــــل چـــيـــو بادشـــاهـــي خــوب آهه،
    عشق چيو حق جي در تي گدائي خوب آهه.


    عـــقـــل چــيو ڪر نـوڪري سرڪار ۾ ،
    عـــشـــق چـــيــــو ڦــــــر گـــلـــــي بـــازار ۾ .


    عــــقــــل چــــيـــو رات ڏيــنهن هوشيار ٿي ،
    عــــشــــق چــــيــــو رات ڏيـــنهن سرشار ٿي.


    عـــــقــــل چـــــيـــو آهـــن وڏائــــي ۾ مــزا،
    عـــشــــق چــــيـــو ٿــــيء ڇــوٽو کاء نه سزا.


    عـــــقـــل چـــيـــو مـــن لاء گـهــر ٻار سان ،
    عـــشـــق چـــيـــو دل لاء دلـــــدار ســـــــان.


    عــــقـــل چــيـــو ڪــر ظـــلم مغرور ٿي،
    عــشــــق چـــيـــو ڪــر رحم مسرور ٿي.


    عقل چيو ڪر دوئي جو ورد دشمن کي مار ،
    عــشـــق چـــيو ڪر دوستي دل دل ۾ گهار .


    عـقـل چــيــو ســڀ رک ڪنهن کي نه ڏي ،
    عــشــق چــيو سکئي کان وٺ ڏکئي کي ڏي .


    عــقــل چـــيـــو پــيــٽ ڀــري ڪــر تــمـام ،
    عــشـــق چــيــو لـــڪــي کائـــڻ آهـي حرام.


    عـــــقــــــل چــــيـــو ڪـــر خـــاصـــا ويس ،
    عـــشــــق چـيو ڍڪاء مسڪين ۽ درويش .


    عــقـل چــيـو تــعـريـف ٻڌي ٿو خوش ٿيان ،
    عــشــق چــيــو گلا ٻــڌي ٿو خــوش ٿـيان .


    عــقـــل چــيـــو ڦــري مــال ڀــر گهـــر تون،
    عــشـــق چـــيـــو ڏســي زر پـــوء ڏر تــــون.


    عــقــل چــيـــو ســمــهــڻ آهي فـرحت بدن،
    عــشــق چــيــو جـــاڳڻ آهــي عـشرت بدن.


    عــقــل چـــيـو عمر باقي آهي عيش ڪر،
    عـشـق چيو ڪجهه خدمتِ درويش ڪر.

    عــقــل چــوي رک ســـامان ، عشق چــوي رک ايمان،
    عقل چوي رک ملڪيت ، عشق چــوي رک محبت.


    عـــــقـــل چــوي رک نــاز، عـــشـــق چــوي رک نـــيــاز ،
    عقل چوي رک عبادت ، عشق چوي رک نيڪ نـيت.
     
    21 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: عقل ۽ عشق

    سائين رحيم بخش صاحب توهان ٺيڪ فرمايو ته عقل ۽ عشق شروع کان ئي انهن جي پاڻ ۾ ڪانه ٿي پوي۔ عقل ۽ عشق کي پڙهندي سچل سائين جو هڪ بيت ياد آيو اٿم ته

    جنهن دل پيتا عشق دا جام
    سا دل مستئون مست مدام


    سائين تمام بهترين ۽ وڏي معني خيز تحرير پوسٽ ڪئي اٿو توهان جا لک لائق۔۔۔
    سدا آباد هجو آمين

    shal judy hujeen
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عقل ۽ عشق

    ادا رحيم بخش ... انتهائي سبق آموز ۽ ايمان جي اصولن جي اندر جي ڳالهه ڪئي اٿوَ ... ٻي ڳالهه ته اهو سگهڙ ڪير آهي؟ اوهين پاڻ يا ڪو ٻيو فقير صفت انسان آهي ... جي ٻيو ڪو آهي ته سندس نالي جي خبر پوي ته هوند ٿورائتا ... عقل ۽ عشق جي پاڻ ۾ ويڙه ته ازل کان جاري آهي، عقل به پنهنجي جاءِ تي عشق به پنهنجي جاءِ تي، ٻنهي جا نقطا اهڙا ته زورآور آهن جو انسان ويچاري کي آخر ايئن چوڻو پوي ٿو ته؛
    مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
    اڀا ايئن چون ته، متان پاند پسائين.

    دوست رحيم، مون ڪجه وقت اڳ هڪ ڊائريءَ جو ورق ٻن خطن سان پيش ڪيو هو، جنهن مان هڪ ٽڪڙو هيٺ ڏجي ٿو؛
    دل ۽ دماغ جي ويڙهه ڪجھه هن ريت جاري آهي ؛
     دل جو جواب ته ڇڏ سڀ ڪجھه وڃي محبوب سان ميلو ڪر ... عقل چوي ته ترس سوچي سمجھي فيصلو ڪر ...
     دل وراڻيو ته محبت ئي هميشه رهڻي آهي ... عقل جو جواب ته سماجي ضرورتون به مرڻ گھڙيءَ تائين گڏ آهن ...
     دل جي صلاح ته محبوب سان ئي جيئڻ جو مزو آهي ... عقل وراڻيو ته ڪجھه ٻيا جيوَ به اوهانجي ذميواري آهن ...
     دل جو مشورو ته حياتي چئن ڏينهن جي مهمان آهي ... عقل جي نصيحت ته پل پل قيمتي آهي ...
     دل جو وسوسو ته محبوب ماڻڻ ئي اصل مقصد آهي ... عقل چواڻي ته پيٽ پالڻ به اهم ۽ اڻٽر آهي ...
    دل ۽ دماغ جي ان ويڙهه ۾ فلسفو خاموش آهي ... انسان پنهنجي ضرورتن ۽ سمجھه آهر نوان اصول ۽ نظريا گھڙي کين فلسفي، حڪمت ۽ علم جا نانوَ ڏئي ٻين کي به انهن جي پوئواري ڪرڻ تي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ... انساني ۽ ڪائناتي مسئلن تي بحث ڪرڻ ۽ انهن جا حل ڳولهڻ فلسفي جا اهم جز آهن ... ازل کان اڄ تائين ماديت جي فلسفي ۽ روحانيت جي فلسفي جي نه ختم ٿيندڙ ويڙهه هلي پئي ...
     ماديت چواڻي ته دنيا هڪ حادثو آهي ... روحانيت چئي ته خالق جي خلقيل آهي ...
     ماديت جي هام ته مادو هميشه رهندو ... روحانيت جو ايمان ته هر شئي فاني آهي ...
     ماديت جي مڃتا ته سڀ رشتا مادي آهن ... روحانيت جو اعلان ته رشتا روحاني آهن ...
     ماديت جي دعوا ته انسان هر شئي تي قادر آهي ... روحانيت جو مذهب ته واڳ ڌڻيءَ وس ...
    اڄ به انسان جي حالت منڊي ماڪوڙيءَ جيئان آهي جا کوهه جي تري مان ويهي آسمان جي ماپ ڪري ... سڀ حڪمتون ، فلسفا ۽ علم اڄ به انسان جو انسان جي هٿان ٿيندڙ احتصال، ظلم، قتال ۽ انيڪ ايذاءَ رسايون ختم ڪري نه سگھيا آهن ... بلڪه ايئن چوڻ حق بجانب ٿيندو ” ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي “ ... هر انسان جو دين الڳ ۽ هر انسان جو فلسفو ئي پنهنجو سو به وقت سان بدلجندو رهي ٿو ... ڪالهه جو واڌو اڄ جو ڪاٽو ۽ اڄ جو ڪاٽو سڀاڻي جو واڌو ٿيو پوي ...

    sindhsalamatsaathsal
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: عقل ۽ عشق

    ادا مست ڳالهه ڪندو سڌي ۔۔۔
    هڪ اسڪول ۾ ٽيچر شاگردن کان پڇيو ته توهان سڀنيءَ ۾ وڌيڪ سست ڪير آهي۔۔؟
    سڀني هٿ مٿي کنيو پر مون جهڙي هڪ شاگرد هٿي مٿي نه ڪيو۔۔
    ٽيچر پڇيس ته شاباس مطلب ته تون سست نه آهين۔۔۔
    ڇوڪر وراڻيو نه ميڊم۔۔ مان ايترو سست آهيان جو هاڪاري جواب ڏيڻ لاءِ هٿ به نه کڻي سگهان۔۔
    ته هن عشق واري قصي ۾ مان سان به اهو قصو آهي دوستو۔۔۔ سڀ دوست ايترا قابل آهن جو جواب ڏئي ته سگهن ٿا پر مون وٽ جواب ڏيڻ لاءِ لفظ ئي نه آهن...
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: عقل ۽ عشق

    سائين قبلا نثار احمد هن فقير جو نالو شايد راضي فقير آهي فلسفي جي پاڻ کي پروڙ ڪانهي باقي فقير جي ڳالهه ۾ جيڪا سچائي نظر اچي رهي آهي سا ته ظاهر آهي انسان جي سوچ محدود آهي ان ڪري قرآن ۾ الله تعالى فرمايو ته اي محبوب توهان کان روح جي باري ۾ پڇن ٿا توهان انهن کي فرمايو ته ويَسئَلُونکَ عَن الروحِ قُلِ الرُوحِ مِن اَمر رَبِي وَمَا اُوتِيتُم مِنَ العِلم الا قَلِيلا. سوره الاسراء 85 روح منهنجي رب جو امر آهي اوهان کي ٿورڙو علم عطا ڪيو ويو آهي۔ سو اسان جي پهچ سائين محدود آهي جيستائين استادن سيکاريو آهي ايستائين ڪجهه ان کان به گهٽ پنهنجي سوچ ۽ ذهن ڪم ڪري ٿو باقي فلسفين جا ٽوپا ته ڊگها آهن پاڻ اهڙن فڏن کان مڙيوئي پر ڀرو ٿا رهون جو سمجهه گهٽ آهي متان لا الي هؤلاء ولا الي هؤلاء جي مصداق وانگر نه هيڏانهن جا رهون هن هن طرف پهچي سگهون۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عقل ۽ عشق

    الله تعالا اسانجي علم ۾ اضافو فرمائي ... بيشڪ اسانجي سوچ ۽ پهچ انتهائي محدود آهي ... ڪائنات جو ڄاڻو ۽ خلقيندڙ ته هڪ الله جي ذات آهي ...
     
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: عقل ۽ عشق

    مهرباني ...................
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: عقل ۽ عشق

    سائين رحيم بخش صاحب اهڙو معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان جي جس هجي

    توهان جي اهڙي ئي ٻئي ونڊ جو انتظار رهندو

    سدائين گڏ
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عقل ۽ عشق

    سائين رحيم بخش صاحب اسلام عليڪم

    سچ ته ايڏي ته لاجواب تحرير آهي جو دل چوي ٿي پڙهبو ئي رهجي ۔۔۔۔۔۔ عقل ۽ عشق ۔۔ واهه
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: عقل ۽ عشق

    سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني
    عقل ۽ عشق ۾ وڏو فرق آهي
    اهوئي سبب آهي جو صحابن ۾ عشق هو جو
    محبوبن فرمايو ته بعد ۾ اچڻ وارو اگر احد جبل جيترو سون
    خرچ ڪري ته اهو منهنجي صحابن سان ان جي برابر نه ٿو ٿي سگهي جيڪو جون جو ٽويو في سبيل الله خرچ ڪري.
     
  11. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: عقل ۽ عشق

    عشق عقل جو جهڙو شروع کان هلندو اچي عقل حقيقت بياني ڪري ٿو پرعشق به پڇي ذات عشق جو رنگ ئي نرالو آهي جنهن کي لڳي وڃي ان کي پنهجي منزل تي پهچائي ڇڏي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڀلي دنيا انهن کي چريو پر سچل سچي ڳالهه عشق جي ٻيا پنڌ مڙئي اجايا

    عــقــل چــوي رک ســـامان ، عشق چــوي رک ايمان،
    عقل چوي رک ملڪيت ، عشق چــوي رک محبت.


    سائين رحيم بخش تمام بهترين ونڊ ڪيو اٿو۔۔۔۔ اهڙي شيئرنگ جي مهرباني
     
  12. Jawad Roongho

    Jawad Roongho
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 نومبر 2012
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
     
  13. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    محترم جواد لڳي ٿو ته فورم تي اوهان نوان آهيو اگر لکڻ يا تحرير موڪلڻ ۾ ڪا مشڪل پيش اچي ته سنڌ سلامت فورم جي سکيا مان فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا۔
     
  14. سجاد حيدر حيدري

    سجاد حيدر حيدري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 فيبروري 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين رحيم بخش صاحب اهڙو معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان جي جس هجي

    توهان جي اهڙي ئي ٻئي ونڊ جو انتظار رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو