• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪرس گيل جي طوفاني اننگز

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
ويسٽ انڊين بيٽسمين ڪرس گيل انڊين ٽي 20 آءِ پي ايل جي هڪ ميچ دوران طوفاني اننگز کيڏي دنيا جي هر ڪرڪيٽر کي داد ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو۔
هن رائل چيلنجرز بينگلور جي طرفان کيڏندي 66 بالن تي 175 رنس ٺاهيون۔ جيڪو ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ انفرادي اسڪور جو رڪارڊ آهي اتي ئي ساڳئي اننگز ۾ هن 30 بالن تي سينچري ٺاهي دنيا جي تيز ترين سينچري ٺاهڻ واري جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو۔
17 بلند بالا ڇڪن سان سجايل هن جي اننگز ۾ ڪٿي به ايئن محسوس نه ٿيو ته هاڻي کيس ڪو بالر آئوٽ ڪري سگهي ٿو۔ انهن ڇڪن کي ڏسي فيسبوڪ تي هڪ دوست ڪمينٽ ڏيندي لکيو ته ”خدا گيل کي ان ڪري خلق ڪيو آهي ته جيئن گرائونڊ ۾ ويٺل تماشائي ڪيچ ڪرڻ جي پريڪٽس ڪري سگهن“
سندس اهڙي اننگز جي ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ پي ايل پنهنجي عروج تي پهچي وئي آهي۔۔۔ ياد رهي ته هن کي ٽيم ۾ آسٽريليا جي ڊيرڪ نينس جي اَن فٽ ٿيڻ جي بعد متبادل طور کنيو ويو هو۔۔۔

 
29378_10200858192315316_393968825_n.jpg


بلڪل هڪ طوفاني اننگ هئي۔

66 بالن تي ا175 ناٽ آئوٽ
17 ڇڪا ۽ 13 چوڪا
17 بالن تي 50
30 بالن تي 100

ائين پئي لڳو ته 20_20 ڪرس گيل لاء ٺهي آهي، يا ڪرس گيل 20_20 لاء ٺهيو آهي۔
 
جن دوستن اها اننگز نه ڏٺي هجي انهن لاءِ وڊيو ۾ گيل جي ان طوفاني اننگز کي اپلوڊ ڪري رکيو آهي۔۔۔۔
 
Back
Top