ويسٽ انڊين بيٽسمين ڪرس گيل انڊين ٽي 20 آءِ پي ايل جي هڪ ميچ دوران طوفاني اننگز کيڏي دنيا جي هر ڪرڪيٽر کي داد ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو۔ هن رائل چيلنجرز بينگلور جي طرفان کيڏندي 66 بالن تي 175 رنس ٺاهيون۔ جيڪو ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ انفرادي اسڪور جو رڪارڊ آهي اتي ئي ساڳئي اننگز ۾ هن 30 بالن تي سينچري ٺاهي دنيا جي تيز ترين سينچري ٺاهڻ واري جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو۔ 17 بلند بالا ڇڪن سان سجايل هن جي اننگز ۾ ڪٿي به ايئن محسوس نه ٿيو ته هاڻي کيس ڪو بالر آئوٽ ڪري سگهي ٿو۔ انهن ڇڪن کي ڏسي فيسبوڪ تي هڪ دوست ڪمينٽ ڏيندي لکيو ته ”خدا گيل کي ان ڪري خلق ڪيو آهي ته جيئن گرائونڊ ۾ ويٺل تماشائي ڪيچ ڪرڻ جي پريڪٽس ڪري سگهن“ سندس اهڙي اننگز جي ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ پي ايل پنهنجي عروج تي پهچي وئي آهي۔۔۔ ياد رهي ته هن کي ٽيم ۾ آسٽريليا جي ڊيرڪ نينس جي اَن فٽ ٿيڻ جي بعد متبادل طور کنيو ويو هو۔۔۔ https://www.facebook.com/video.php?v=574382149250981
بلڪل هڪ طوفاني اننگ هئي۔ 66 بالن تي ا175 ناٽ آئوٽ 17 ڇڪا ۽ 13 چوڪا 17 بالن تي 50 30 بالن تي 100 ائين پئي لڳو ته 20_20 ڪرس گيل لاء ٺهي آهي، يا ڪرس گيل 20_20 لاء ٺهيو آهي۔